سچي محبت نصيب سان ملندي آھي، سندس چھرو محويت مان تڪيندي چيم. ھُو صدا جو پياڪ، گھڻي پيتل ھئڻ باوجود کيس چڙهي ڪانه هئي. ھڪ طنزيه پر معنيٰ خيز مرڪ مرڪندي، سنئون ٿيو ۽ يڪايڪ سندس چھري جا تاثر سپاٽ ٿي ويا. گھڻو ضابطو رکڻ باوجود، مڌ پنھنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو ھو، جھن سبب ويس ٿي آپي مان ٻاهر نڪرندي، ولل ڪندي کانئس بي تڪا سوال ڪرڻ لڳس، تنھن ڳالھ جو احساس ھئم، پر چاھڻ باوجود پاڻ تي مڪمل ڪنٽرول نه رکي سگھيو ھئس.
مان ڏسي ٿي سگھيس ته ڪيئن نه رت سندس اکين جي ڪٽورن ۾ ٽمڻ لڳو ھو. مُٺيون ڀڪوڙيندي، چپن کي جنبش ڏنائين، پر ڪنهن ھيجاني ڪيفيت ھٿان ھُو ڳالھائي نه سگھيو، ڄڻ ضبط جي آخري انتھا تي ھو.
منھنجي سوال جو جواب انتھائي بي رخيءَ وچان ڏيندي وراڻيائين:
محبت کي ملڪيت سمجھڻ غلط عمل آهي. مالڪيءَ جي دعويٰ به ھڪ قسم جو قيد آهي. مان ڪنھن به عورت کي حاڪميت جو حق نٿو ڏيئي سگهان، نه ئي مظلوميت جو پروانو. ٻن مخالف جنسن ۾ برابريءَ جو خيال
ته ائين موجود ھجي، مان نٿو چاهيان ڪا عورت مون سان محبت جي ڍونگ ۾ شھرت حاصل ڪري. منھنجي شخصي آزادي ۽ رواجي طبيعت جي جولان ۾ بربريت جو شڪار ٿئي ۽ سڄي دنيا جون ھمدرديون سميٽي مظلوم بڻجي وڃي ۽ پنھنجون اڻ اعلانيل وفاداريون جتائي مون کي ظالم
جيڪو جتائي نه جيڪو سمجھوتو نه ڪري، جيڪو منھنجو صحيح ۽ غلط عمل دير يا بدير موٽائي منھنجي منهن تي ھڻي، جنھن ساڻ رھندي برابري جو احساس ٿئي، جنھن تي رحم ھمدردي ۽ ترس ھرگز نه اچي، جنھن ساڻ رھندي گناهه گار ۽ ظالم ھجڻ جو احساس نه ٿئي، زندگي گھارڻ لاءِ هڪ اھڙو جيون ساٿي ھجي جنھن سان صحيح معنيٰ ۾مرضيءَ موجب زندگي گذاري سگھان، جنھن سان ٽھڪ ڏيندي خوش ٿيندي اندران کوکلي ھئڻ جو احساس نه ستائي، جنھن سان زندگي گذاريندي غلط فيصلو ڪرڻ جو پڇتاءُ نه ٿئي، مڪافات عمل جو ڊپ باقي نه رهي.
خاص ڪري ايندڙ پيڙھين کي پنهنجي غلطين، جرم ۽ گناھن جي ڳاري ۾ ڳارڻ جي تشويش کڻي مري نٿو سگهان، نه ئي پنھنجي عيب نارملٽي اڌورو ۽ خالي پڻ وراثت ۾ اڳين پيڙھين کي ڏئي ٿو سگهان، پنھنجي شخصيت جون خاميون خوبيون ورھائڻ لاءِ ڪنھن معصوم ۽ بي ضرر وجود کي پنهنجي پاڇي ۾ پلجڻ نٿو ڏيئي سگهان، محبت منھنجي نظرن ۾ حقير ناھي، بلڪه آئون ته برابري جو قائل آهيان.
اھو ڪٿان جو انصاف آهي، ھڪ پلڙو ڳئوري بار وچان جھڪيل ھجي ۽ ٻيو نادانسته طور تي خالي، جنھن شيءِ ۾ برابر توازن ئي نه ھجي، تنھن شيءِ جي يا رشتي جي اصل ۾ ڪھڙي حقيقت. ٻيو ته اٻوجھ ۽ ڳوڀ عورت جي منھنجي نظرن ۾ ڪا اهميت ناهي، اھڙيون عورتون سراسر پنهنجي بيوقوفين ۽ بيجا ماٺ ۽ برداشت جي ڍونگ ۾ ڳري سڙي مري وينديون آهن، پر ڪوڙو ڀرم قائم رکڻ جي چڪر ۾ اف تائين به ناھن ڪنديون. سڄي زندگي ماٺ ميٺ ۾ ڳارڻ کانپوءِ کين ڳائڻ وارو ته ٺھيو مورڳو ياد ڪرڻ وارو به ناهي رھندو. پوءِ مان پڇان ٿو، انھن جي قربانين جو ڪھڙو فائدو، جنھن سان کين پنهنجي صحيح جڳھ ۽ اصل حق ئي نه ملي سگهي.
ھڪ آھ ڀريندي، آڻ مڃڻ واري انداز ۾ چيم، تون خاصو بور ڪندڙ ۽ دلچسپ شخص ٿو معلوم ٿئين، تنھنجو انداز تنھنجو نيچر ٻڌائي پيو، تون نه ڪنھن جي حاڪميت برداشت ڪرين ٿو، نه ئي ڪنھن تي حڪومت ڪري سگهين ٿو. احسان جو بدلو احسان سان چڪائيندي، ٺيڪ سمجهيو اٿم يا سمجھڻ ۾ غلطي ڪئي اٿم. ھڪ ڀِرُونَء کي اچڪائيندي، کيس غور سان ڏسندي پڇيم.
نه ڊاڪٽر صاحب، برابر تو منھنجي ڏکندڙ نبض تي ھٿ رکيو آهي، آئون پنهنجا ذهني مونجھارا ۽ منتشر ڪيفيت سمجھائڻ ۾ خود کي خاصو قاصر ۽ بيوس پيو معلوم ڪيان. جيئن ته تون ھڪ ماھر نفسيات ۽ منھنجو ويجهو ترين دوست آهين، سو به ٻن ئي ملاقاتن ۾ ايڏي ته شديد عقيدت ۽ بي پناھ پنھنجائپ ٿي وئي آهي، منھنجي نجي محفل ۾ منھنجي گھڻي پيئڻ جو تمام گهڻو فائدو وٺي، منھنجي ذاتي زندگي جو داستان ڇيڙي ويٺا. منھنجا ڪجھ ويجھا ۽ پراڻا دوست به اھڙي گستاخي گھٽ ڪندا آهن. ڇو ته کين معلوم آهي نتيجو، فرينڊشپ جي لسٽ مان ھميشه خارج ٿي ويندا آهن. جيڪو سراسر خساري جو سبب آهي، ھھڙيون رونقون (آس پاس) تي گهري ۽ ڊگهي نظر وجھندي، جام کي ھوا ۾ لھرائيندي ۽ اھڙا ولايتي پيگ ڪيئن ٿا مفت ۾ وڃائي سگھجن، پر ڪي چريا تجسس ھٿان مجبور ٿي منھنجي اڪيلائيءَ تي سوال اٿاري ويٺا.
ڪجھ ماڻھن کي رونقون راس ناھن اينديون، وحشين جيان ٽھڪ ڏيندي، ڪاڪ ٽيل سميت سموريون بوتلون ٽوڙي وڌائين، منھنجي ويجهو ٿيندي، طنز گاڏڙ مرڪ جيئن جو تيئن ويئي ٿي ڦھلبي، ھڪ ڀرپور نظر وجھندي، شان بي نيازيءَ جي ادا ۾، تنھنجون سڀ ارڏايون سر اکين تي، پر تجسس گھڻن کي تباھ ڪري وڌو آهي، تجسس خضر ۽ موسيٰ جون راهون جدا ڪيون، ڪولمبس وٽ موجود سگريٽ جو ٽوٽو ۽ دونھين جي تجسس ۽ حيرت، ريڊ انڊين کان پنهنجو وطن ڇڏايو، تجسس چڱو ناهي ھوندو منھنجا ڀاءُ. ضروري ته ناهي، سڀني جو هڪ جھڙو انجام ٿئي، ٿي سگهي ٿو منھنجو تجسس منھنجي ڄاڻ سميت علم ۾ به اضافو ڪري، مون کي سوچڻ لاءِ ھڪ نئون دڳ ۽ رخ ڏي، منهنجو تجربو وڌي. مون سگريٽ دکائيندي چيو.
ته ائين آهي، مون وٽان ڇا ٿو پرائي سگھين، مان هڪ ناڪام ماڻهو آهيان، ٻن مختلف سوچ رکندڙ ماڻهن جي ور چڙهي ويس، جن جي ھوڏ ۽ انا منھنجي شخصيت جي تعمير ٿيڻ ئي نه ڏني. جن منھنجي ماڻھپي کي برباد ڪري وڌو، اڄ به منھنجي سنسان ۽ جديد سھولتن سان آراسته گهر ۾ موجود تنهائي ۽ خاموشي جيڪا وقت سان گڏ مون ساڻ پلبي جوان ٿيندي رهي، اڄ به واڪا ڪري چوندي آهي، آئون ناڪام خسته حال انسان آهيان، تڏهن ته ھمدرديءَ کان وڌ حقيقت پسنديءَ کي پسند ڪندو آهيان، تنھنجو دو ٽوڪ انداز ۽ گريس فل شخصيت جي سحر ۾ اڙجي ويو آهيان، ڇا ڪريان ڳچ وقت خاموش نٿو رھي سگهان ۽ وڌيڪ نٿو سھي سگھان، تو جھڙي نارمل ۽ ڀرپور زندگي گذاريندڙ ماڻهوءَ سان حسد ڪرڻ سان گڏوگڏ رشڪ به ڪندو آهيان، جوڙيندڙ جي ورڇ ڪرڻ ۾ ھيڏو تضاد، ڪٿي سڪون ذرو ناھي، ڪٿي ٽھڪن ۽ مرڪن جا انبار، ڪٿي ذھني اڪيلائپ جو شڪار. خبر اٿئي سلو پوائزن وٺندو آهيان، آرام ڪرڻ ۽ بوريت ختم ڪرڻ لاءِ اھو رستو مون پاڻ لاءِ ناهي چونڊ ڪيو، بلڪه ورثي ۾ مليو آهي، ماءُ جي بيوسي، پيءُ جي خود غرضي، مون کي تنھائي جو عذاب ڏنو. ماءُ ھمدرد، پيءُ خود غرض، ماءُ محبت ڪندڙ، پيءُ فائدو وٺندڙ.
غريب ماءُ جي وفاداري، قابل تحسين ھوندي به منھنجي نظر ۾ نفرت جو سبب بڻي. ڪنھن به عورت کي ايڏو ھيڻو نه ھئڻ گھرجي، جو پنھنجا بنيادي حق حاصل ڪرڻ ۾ ڪمزور ھجي، مشرقي عورت محبت جو ٻيو نالو سمجهوتو رکيو آهي، وک وک تي قرباني ڏني آهي، ھر رشتي جي ور چڙهي آڻ مڃي آهي. فطري خاموشي ۽ رواجي گنگ پڻي جو شڪار ٿي، پنھنجي آزادي ۽ برابري جا ٻيڙا جلائي ويھندي آهي. سمجهوتن جي ڀيٽ چڙهي ويندي آهي، آخر ھن جي خوبصورتي ۽ وفا، پيرن جي زنجير ڇو بڻبي آهي.
منھنجو پيءُ پئسي پرور خود غرض ۽ مغرور انسان ھو، جنھن کي سچي محبت سان غرض ڪونه هو، عورت جي وفاداري تي اعتبار ڪونه هو، پاڻ شڪل جو ڪوجھو ھو، نتيجي ۾ منھنجي ماءُ جي، خوبصورتيءَ ۽ ڪردار تي تھمتون لڳنديون رھيون. بي گناھي جا وٽس جيڪي دليل ھئا، طنزيه ٽھڪن ۾ اڏايا ويندا هئا. محبت جا اھي آسرا ۽ وعدا، جنھن جي لالچ ماءُ کي لوڀيو ھو ۽ مائٽ ڇڏايا ھئا اھا جذباتي محبت ته الائي ڪيڏانهن تحليل ٿي وئي، ماءُ وٽ سواءِ لڙڪن جي ڪجھ نه بچيو، ان سڄي عمل ۾ ماءُ جو قصور برابر آهي، خير خواهن سان بغاوت ڪندي، خودسريءَ جي ان حد کي ڇهيو، جنھن جي ڪا منزل نه ھئي، آخر ۾ کيس شدت سان گنهگار ھئڻ جو احساس ستائيندو ھو. سندس ھر عبادت توبهه معافي تلافيءَ تي ختم ٿيندي هئي، سندس موت شديد نروس بريڪ ڊائون سان ٿيو، اهي اذيت ڀريا سندس آخري ڏينهن اڄ به روئاڙيندا اٿم.
بابا ماءُ جيان مون سان ڪڏهن به محبت ۽ پنھنجائپ جو لڳاءُ ته ڇا ڪڏهن اظھار به ڪونه ڪيو، سندس نظرن ۾ حقارت ۽ اجنبيت واضح طور تي محسوس ڪندو ھئس. ڪيڏو نه اذيت ڀريو ھو، منھنجي ٻالڪپڻي جو اھو دور، ھن باقاعدي سسڪندي چيو.
منھنجي دل ۾ ان شخص لاءِ ھمدردي پيدا ٿيڻ لڳي هئي. آخر ۾ وارث ھئڻ جو ايترو حق جتايائين پنھنجي ولديت سميت وراثت ۾ موجود تمام پراپرٽي نالي ڪندو ويو. ان امير شخص جو ھٿين خالي پٽ، تنهنجي سامهون موجود آهي جنهن کي نه زندگي ڪجھ سيکاري سگهي، نه زندگي کان ڪجھ سکي سگهيو. ٻين جي تجربن سمجهوتن ۽ خود غرضي جي ڀيٽ چڙهي ويس، نه ڪنهن خوبين خامين کي پرکيو نه ڪنهن ڳڻن کي ڳايو. ھو روانيءَ سان ڳالهائيندو رهيو، جڏهن ته کيس بي تحاشا پيتل ھئي، ائين چوندي، هو لڙکڙائيندي اٿيو ڪجھ ئي وکن جي دوريءَ تي موجود اسٽڊي روم ۾ گهڙي ويو، جيڪو ڊرائنگ روم جي کاٻي ھٿ تي ھو.
آئون ان پوراڙي شخص تي سوچڻ لڳس، اڻ پورائي جي احساس کيس حساس ئي نه بلڪه بددماغ بڻائي ڇڏيو هو، اصل ۾ ھو اھڙو نه ھو غلط حالاتن جي ور چڙهي ويو هو. ڪجھ ماڻهو خرمغض ھوندا آھن، پر دل جا صاف، ڪجھ بغض سان ڀريل ڪينه پرور، اتفاق سان ھن ۾ اھي ٽئي خوبيون ھيون، آخري کانسواءِ. ٻيو ته خير سان برتريءَ جو احساس بنهه گهڻو منجهس سمايل هو، ائين نه ھو ته اوچي خاندان سان تعلق ھئس، يا وٽس ڳچ پئسو ھو. ھن جي خيال موجب، دنياوي سموري عيش عشرت ھوندي به ھن زندگيءَ کي بنهه ويجهو ڏٺو ۽ سٺو آهي، عام ماڻهو کان گهڻا عذاب ڏک ۽ سور سندس حصي ۾ آيا آهن، ھن کي پنھنجي ڪرڻيءَ جي سزا نه ملي، ٻن مخالف جنسن جي مخلتف سوچ انداز رھڻي ڪهڻي ۽ جدا جيئڻ جي ڍنگ جي ور چڙهي ويو.
ائين چوڻ غلط نه ٿيندو، خوددار ۽ خود پسند هوندي به پاڻ کي قابل رحم سمجهندو هو، جتائڻ ۽ وڙائڻ جي انداز کان ٽهه کائيندو هو، جڏهن ته اندران کوکلو هو ڪنهن سچي همدرد جي تلاش ۾ سرگردان. سهاري جي تلاش ۾ مرضي جا شرط لاڳو ڪيا هئائين، اهڙو جيون ساٿي ملڻ مشڪل هو، پر سندس مقناطيسي شخصيت وانگي قسمت به سٺي هئس، هو ماڻهن جو ڌيان چقمق جيان پاڻ ڏي ڇڪائيندو هو، هن جي انداز گفتگو ۽ اداس مرڪ سامهون واري کي متاثر ڪرڻ بنهه رهي نه سگهندي هئي. آئون پنهنجي حساس اداس ۽ خاموش دوست لاءِ دعاڳو هئس، خوشين سان ڀرپور زندگي جيئڻ جو لاڪئون خوان هئس.
هن سان پهرين ملاقات احتشام ذريعي ٿي، احتشام ۽ آئون پرائمري ۽ سيڪنڊري گڏ پڙهيا ھئاسين. ننڍپڻ کان ئي اسان ۾ گهاٽي دوستي هئي، پر پوءِ ٿوري وقت ۽ جھجھي مصروفيتن سبب ھڪ ٻئي سان گڏجي نه سگهيا ھئاسين. احتشام گهڻو ڪري آئوٽ آف ڪنٽري رھندو ھو، پر جڏھن به ملندو ھو، هر وقت ھن جي سخاوت ۽ فياضيءَ جا ڳڻ ڳائيندو هو. هڪ دفعو ٽائيم ڪڍي اسپتال آيو چڪر هڻڻ، ڳالهين ئي ڳالھين ۾ ڳالھ نڪتي.
چيائين: پارس منھنجي يونيورسٽي فيلو آهي، مون کي پرپوز ڪيو آهي، آئون ته ان بولڊ ڇوڪري جي بي باڪيءَ تي حيران رهجي ويس، مون کي ته ڪو جواب ئي نه اڪلي، پر سندس دل نه ٽٽي، تنھن خيال خاطر سندس پرپوزل ايڪسيپٽ ڪيم.
مون کانئس لو اينڊ فسٽ سائيڊ تي راءِ گهري، ڏاڍو پيچيده شخص آهي، سندس جواب شاڪ ۾ وجهي ڇڏيو. ڪابه عورت توهان سان محبت ڪري ۽ خاص ڪري اظهار ڪري ۽ اوهان جي ان سان اھڙي ڪابه فيلينگز نه ھجي، ته فقط انڪار جي صورت ۾ کيس ھڪ دفعو ڏک ڏيو. وقتي ھمدردي تحت يا اظهار کان متاثر ٿي کيس نه اپنايو، سمورا بار جيئن ھن کي نه ڊوھڻا پئجي وڃن، يڪطرفي محبت ڪڏھن به ٻطرفي محبت ۾ نٿي بدلجي، اھو منھنجو ذاتي تجربو ۽ ايمان آهي، اپنائڻ کانپوءِ ان جو ضبط نه آزمايو، سڌو صاف فيصلو ڪري، زندگي ڀر جي اذيت کان بچايو.
پوءِ تو شادي ڪئي، يونيورسٽي فيلو سان.
ها بلڪل، اولاد جي اچڻ سان زندگي مڪمل ٿي وئي، پر ڪڏهن ڪڏهن هن جي راءِ وزنائتي لڳندي آهي، جھجي مصروفيت سبب فيمليءَ کي ٽائيم نه ڏئي سگهندو آهيان ته شڪايت جا انبار لڳي ويندا آهن. مان ڊسٽرب ٿي ويندو آهيان، سڄو ڏينهن مشين جيان ڪم ڪرڻ کانپوءِ به، فيملي مون مان خوش ناهي، ڪنهن رشتيدار ڇوڪريءَ سان يا ڪنهن آفيس ورڪر سان فون تي ڳالهائيندي ٻڌي ته آپي کان ٻاهر نڪري ويندي آهي ۽ ٽپيڪل عورتن جيان طعنن جا تير سڌا، هن کي پرچائڻ ۽ يقين ڏيارڻ مھل واقعي، ڏوهاري هئڻ جو احساس ٿيندو آهي، هن سان نرميءَ پيار بجاءِ، جتائڻ واري انداز ۾ڳالهائيندو آهيان.
مخاطب ٿيندي چڙ محسوس ٿيندي آهي هر غلطي ۽ بيوقوفيءَ تي ٽوڪيندو آهيان. اها پهرين واري انسيت باقي نه رهي آهي، مون وٽ اها محسوسات آهي، جيڪا پنج سال جي ازدواجي زندگيءَ جي تجربي مان حاصل ٿي. محبت وڌي يا نه وڌي خبر ناهي، هڪٻئي تي عائد ڪير ڪيتري ٿو ذميداري نڀائي، ڪير ڪنهن جا ڪيترا ٿو بنيادي حق ضرورتون ۽ واڌو خواهشون پوريون ڪري، جڏھن به موقعو ملي هڪٻئي کي جتائڻ ۽ ڳڻائڻ ۾ پورا ھوندا آهيون.
ڇا تون پنهنجي ازدواجي زندگيءَ مان خوش آهين.
ڪجھ خوش ٿورو نا مطمئن آهيان، پر مون ڀرپور زندگي ناهي گهاري اهو سچ آهي، جنهن جو گهڻن کان ذڪر ٻڌو اٿم. ڪابه ڳالھ لکڻ کان پهرين، تحقيق ضروري آهي، سو ڇنڊ ڇاڻ ڪري ڏٺم. جيئن مذهبي ۽ سياسي پنڊت هوندا آهن، اندريان ڳجھ ڄاڻندڙ جن کي ٿئي ٿيندي جي پئي خبر پوندي آهي، تيئن هر ميدان ۾ پوٿي ٻڌائڻ وارا موجود هوندا آهن. جن جي ڪيل هر اڳڪٿي ۽ ڳالھ حرف آخر ۽ لوھ تي لڪير مثل هوندي آهي. انهن ذريعن کان ٻڌندي، ڏسيل دڳ تي قدم رکندي، پير نيٺ وڃي اتي کٽا، جتي هينئر ويٺل آهيان ۽ اهو منهنجو پياڪ دوست اڃان ناهي موٽيو، اڪيلائي ۽ انتظار طويل پيا محسوس ٿين.
هڪ دفعو وري، سندس هلڻ جي آواز سان، ماربل جو فرش گجي اٿيو هو، گهڙيءَ تي نظر وجھان ٿو، پورو مني ڪلاڪ کانپوءِ موٽيو هو، سندس هٿ ۾ ڪاري جلد واري فل سائيز ڊائري ھئي ۽ مون طرف ئي پئي آيو. ڪجھ ئي منٽن ۾ ڊائري منهنجي هٿ ۾ هئي، شروعاتي صفحا ڪورا هئا، آخري ورق تي، سهڻي هٿ اکريءَ سان تحرير اڪريل هئي.
هن شخص جي منطق ڪڏھن سمجھ ۾ نه آئي، سندس خيال ئي نه يقين آهي، هر نئون سج پاڻ سان نئين سوچ کڻي ايندو آهي، پراڻين شين کان خبر ناهي، هن کي ڇو چڙ آهي، هڪ دفعو ڪنهن پين سان سائن ڪندو آهي ته ٻيهر کيس هٿ ناهي لڳائيندو، ساڳي اهميت منهنجي به آهي، فرق صرف ايترو ٻين شين جيان مون کي ڦٽو ناهي ڪندو، پنهنجي حيثيت جو اندازو ان شخص جي غرور ۽ هٿ مان لڳايو ڇڏيان ته ڪيئن نه منهنجي موجودگي کيس ڪکي ٿي تڪليف ۾ مبتلا ڪري ٿي، تنھن هوندي به احسان سان چور سرد لهجي ۾ مخاطب ٿيندو آهي، گهڙي کن کانپوءِ منھنجو وجود ۽ موجودگي کانئس وسري ويندي آهي، اهو احسان در احسان ۽ پنهنجي ذات تي ڪيل جبر، مون کي سندس ٿورو نه بلڪه بار لڳندو آهي ته ڪهڙي نموني لاهيان. ان شخص جي منهن تي موٽائي، سندس جيان ئي خشڪ ۽ سپاٽ تاثر هڻي، سمورين تڪليفن جو انتقام وٺان. هن جو چوڻ آهي، جيئن وقت جا وهڪرا، سوچ جا دائرا پسند ۽ تقاضائون بدلجن ٿيون، تيئن محبتون به بدلجن ٿيون، يڪسانيت بوريت جو شڪار ڪريو وجهي ۽ مون کي هر پراڻي شئي کان نفرت آهي، وس پڄي ته پنهنجي، ڪئين ورهيه پراڻي چهري کي به تبديل ڪري ڇڏيان.
زندگيءَ جا ڪيئي حسين پل، ان بدمزاج ماڻهو جي، سلٽ سان ڀريل شخصيت کي سمجهڻ ۾ گذري ويا، وجود تي چوٽن سميت، ڪردار تي ڪاري ضرب لڳائيندو رهيو، هر طرح جو وهيل وهائي ضبط آزمائي ڏٺئي، سور سختي ۽ مڪاريءَ سان به منهنجي ثابت قدمي ڊگمگائي نه سگهيو.
مون ته روايت موجب، کيس ڪل ڪائنات سمجهيو پنهنجي خوبصورت دنيا ڇڏي، هن سان هڪ نئين دنيا اڏي پنهنجن سان سمورا رشتا ناتا ٽوڙي، خواب خيال محبت پسند نا پسند هن کان شروع ٿي هن تي ئي ختم تي ٿيا.
جيتوڻيڪ عزت احساس ڪمتري ۽ بار بار ٺڪرائڻ جو درد ڏاڍو ڏکوئيندڙ آهي، منهنجي محبت کي نفرت ۾ چاهت کي انتقام ۾ خلوص کي ڪروڌ ۾ بدلائڻ وارو شخص به اهوئي آهي، جنھن سان ڪڏھن بي پناھ محبت ڪئي ھئي. ھاڻ عمر درازيءَ جا نفل ناهيان پڙهندي بلڪه سازشون سٽيندي آهيان. زھر ڏيئي قتل ڪيو وڃيس، يا بددعا ڏيئي برباد ڪيو وڃيس. صد افسوس ڪڏهن به پنهنجي خوني منصوبن تي عمل ناهيان ڪري سگهي، منھنجو محور اڄ به اھو شخص آهي، جنھن جي گرد ڪنھن سياري جيان گردش ڪندي آهيان، جنھن جي ڪشش ثقل اڄ به پنهنجي جڳھ تان ھٽڻ نٿي ڏئي. تڏهن به خبر ناهي ڪنھن کي تسلي ڏيڻ خاطر، ڏينهن ۾ ڏھ ڀيرا هن جي محبت جي هام هڻندي آهيان، اميدن ۽ خيالن جا محل اڏيندي آهيان، خبر ناهي ڪنهن کان ڊنل آهيان ۽ ڪنھن کي ٻڌائڻ ٿي چاهيان اعتبار ته پاڻ تي به ناهي رهيو. اعتراف شايد هر جرم جو ازالو ٿئي، وقت منهنجي وفا ثابت ڪري ڏيکاري، سچ ۽ صداقت، حقيقت جي وحشياڻي فريب ۾ پير وڃائي نه ويهن، بي اعتباريءَ جي ٽياس تي ٽنگجي، محبتون مري نه وڃن. ننڍپڻ ۾ ئي ماءُ پنهنجي خول ۾ بند ۽ پنهنجي ذات تائين محدود ٿي وئي، ھن پنھنجي بوريت ۽ تنھائي مٽائڻ خاطر ھڪ اين جي او جوائن ڪئي. ھوٽلنگ شاپنگ آئوٽنگ گيدرنگ ۽ خبر ناھي تنھائي جي عذاب کان بچڻ لاءِ ڪھڙا ڪھڙا جتن ڪندي، حربا استعمال ڪندي ۽ آزمائيندي رھي. منھنجي پرورش ملازمن ۽ آيائن جي ذمي ھئي. انھن جي خيال ۾ ھو مون کي سڀ ڪجھ ته ڏيندا رھيا. مھانگا رانديڪا برانڊڊ ڪپڙا ۽ جوتا، بس نه ڏيئي سگھيا ته پيار ۽ توجھ. ۽ ائين تربيت جي نالي تي مون کي هي ماءُ ھٿان آخري ورق مليو، جنھن ۾ هر حال هر صورت ۾، محبت جو دامن نه ڇڏڻ جي تاڪيد ٿيل آهي، شايد هن پنهنجي وصيت ۾مون کي به پاڻ جهڙو ڪمزور ۽ ٺڪرايل شخص ٿي بڻائڻ چاهيو، پر منهنجي رڳن ۾ ته پيءُ جو به خون آهي، زهر آلود مرڪ تري آيس، ڄڻ پاڻ تي ٺٺولي ڪندي چوندو ھجي. شايد تڏهن ٺڳجڻ کان بچي ويس، پر تڏهن به آباد ڪٿي آهيان، سراسر برباد آهيان. هن جي اکين ۾ سسئي پنهون جي قصي جون اداسيون تري آيون، هڪ ٿڌي آھ ڀريائين، ڪيترا نه خوش قسمت هوندا آهن، اهي ماڻهو جن کي دعائن ۾ گهريو ويندو آهي، جنھن محبت کي موٽ ۾ خلوص ۽ بھتر سلوڪ ناهي ملندو، تڏهن به ٿڌي ڇانو مثل هوندي آهي، ڪيڏا انمول هوندا آهن اهي ماڻهو جن کي واقعي محبت نڀائڻ ايندي آهي.
ته توکي محبت جي وجود تي يقين آهي، پوءِ ڪاوڙ ڪهڙي ڳالھ تي آهي، مان ملحد ٿوري آهيان، محبت جي وجود تي ايمان رکان ٿو. يڪسوئي کان ڪم وٺي حرفين کي ٿڪايو نه وڃي، وڇوٽيون نه هجن، محبت برابريءَ جي سطح تي ڪئي وڃي. مور اڏاڻا ھئا، اڏام جي ڊگهي صورت ۾کنڀ ڇڻي پيا ھئا. منھنجي زبان اڻ ڏٺي ورد ۽ دل ڪنھن دعا ۾ مشغول ٿي وئي، يا ڪنھن سچي محبت جي تاثير ۾ ھن مٽيءَ جي مادھو کي پگھرائي ڇڏ. روح جي پاتال ۾ ڪنھن سڏ جو پڙاڏو گونجيو ھو، ڏياچ جيان ھن جو به چت، ڪنھن چارڻ جي چنگ ۾ اٽڪي پوي. چنيسر جي ھوڏ تان لھي وڃي، سچي پريت کي ليليٰ جي نظريي سان ڏسي. تنھن مھل روح جي ڪنھن ڪنڊ مان وڏي سڏ آمين لفظ نڪتو، مون کي لڳو قبوليت جي اڏام، تيز رفتاري پڪڙي چڪي آهي. لفظ پھا رکندا آهن ڪير مون کان پڇي، ڇوٽڪارو ته مٽيءَ جي ڦڪ مان به ملي سگهي ٿو، لفظ ته وري به نفسيات لاءِ وڏي ڪشش رکن ٿا، ڪير يقين ته ڳنڍي ڏسي.
حيرت در حيرت… دائره در دائره… سوچ در سوچ…
ھن جي ڪٿا ٻڌڻ سان گڏ، ھن جا نرم گرم جذباتي سرد سنجيده سپاٽ تاثر نوٽ ڪرڻ ۾ ھڪ ماھر نفسيات ھئڻ واري حس ڦڙڪي اٿي. مختلف پھلوئن تي ويچاريندي ۽ غور فڪر ڪندي، اندازو لڳايم سندس ماءُ جي بي پناھ جذباتي محبت، پيءُ جي سرد مھري ۽ خانا بدوشي واري ڪيفيت
سخت تشويش لاحق ڪري وڌي. ٿورو ھٻڪڻ واري انداز ۾ سوال ڪري وڌم، تنھنجي ماءُ يا پيءُ ڪڏهن ڪنهن سائيڪاٽرسٽ سان ڪنسلٽ ڪئي. ھن جي نظرن ۾ بي شمار حيرت ھئي، مون کي گھوريندي چيائين، ھنن کي سواءِ ھڪ ٻئي سان تميز سان پيش اچڻ جي ٻي ڪا به ڪمي نه ھئي. ماءُ تي ڪابه روڪ ٽوڪ يا بندش ڪونه ھئي، اپ ٽو ڊيٽ رھندي ھئي، اھڙيءَ طرح بابا به پنهنجي مرضيءَ جو مالڪ هو. وٽن ڪجھ نه ھو ته ھڪٻئي لاءِ وقت، محبت، عزت، پنھجائپ ۽ گرمجوشي نه ھئي. پوءِ اھي ڌار ڇو نه ٿيا، مون ويجهو ٿيندي کانئس پڇيو. ماءُ نظر اندازي کي جيئن جو تيئن برداشت ڪري ويئي، پر پنھنجي شديد محبت جي وجهه سان لاتعلقي نٿي اختيار ڪري سگهي ۽ بابا به ڪڏهن اھڙي خواھش جو اظهار نه ڪيو ھو. مون اندازو ھڻڻ واري انداز ۾ چيو، تنھنجي بابا جو ڪيس ٻڌائي ٿو ته کيس (نوماڊيزرم) ھڪ جڳھ نه رڪجڻ، بار بار شين کي بدلائڻ جي بيماري ھئي، جنھن کي سنئون سڌو نالو، خانا بدوشي جو ڏيئي سگهجي ٿو. تنھنجي ماءُ جي باري ۾ خيال اٿم، سخت اعصابي تنائو ۽ ڊپريشن جو شڪار ھئي، شديد تنھائي ۽ خود رحمي جي حالت ۾ کيس نروس بريڪ ڊائون جا دورا پوندا هئا، پر دوست توکي پنهنجي زندگي، روڳ ۾ ڳارڻ جو حق ڪونهي، والدين جي وچ ۾ موجود ويڇا ۽ انھن تي بي انتھا غصو، توکي به ڪٿي نفسياتي مريض نه بڻائي وجھي. زندگي سڀني نعمتن کان وڏي ۽ خوبصورت نعمت آهي، ھڪ دفعو ئي ملندي آهي، منھنجو پرخلوص مشورو آهي، زندگيءَ جي حقيقت خوش رھڻ ۽ رکڻ ۾ آهي، اميد آهي منھنجي پرخلوصانه مشوري تي عمل ڪندي، عمل پيران ھوندي.
مان ڊائري سندس ھٿ ۾ ڏيئي، زندگيءَ طرف واپس اچڻ جا قوي امڪان کڻي، پنھنجي غريب خاني ڏانهن موٽڻ لڳس، تنھن وقت دماغ ۾ ھڪ سوچ تري آئي، وڏا ماڻهو ۽ وڏا گهر، ڪيڏا نه وڏا راز لڪائي، اندران کوکلا نظر ايندا آهن.