ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: عشق ۽ انقلاب

سجاول شھر ۾ ڪنھن ڪم سانگي آيو ھئس، ڪم جلدي ٿي ويو ته سوچيم ڇو نه پنھنجي پياري دوست ذوالفقار علي خواجه جي مزاج پرسي ڪندو ھلجي. جنھن سان ٻه ٽي مھينا اڳ ھڪ حادثو پيش آيو ھو…!

مان سجاول جي خواجه پاڙي آيس، پڇا ڪري ھن جي گھر پھتس، ذوالفقار جو مامو مون کي گهر جي ڪنڊ ۾ ٺهيل ھڪ ڪمري ڏانهن وٺي ھليو. اندر کٽ تي ھڪ ڪمزور نوجوان ستل ھو. بيمار ۽ بيوس مٿي تي پٽيون ٻڌل، ڳچيءَ ۾ ڪالر پيل. هن جي صحت واضح طور خراب نظر اچي رهي هئي، هن جي مٿي تي هاڻ وار به ڪونه رهيا هئا ۽ هن وقت هن جي ڏاڙهي وڌيل هئي، اهو هڪ بلڪل مختلف شخص هو، منهنجي سانڀر ۾ جيڪو نوجوان ۽ خوبصورت ذوالفقار هو ۽ هي زندگي ۽ موت جي وچ ۾ هلندڙ شخص انهيءَ کان بلڪل مختلف هو. ھو ته سجاول شھر جو ھيرو ھو، ڳوري رنگ ۽ سونھري وارن وارو دل ڇڪيندڙ نوجوان. هو ادب جو پڙهندڙ هو ۽ واضح طور وطن پرست هو ۽ وقت ۽ حالتون ماڻهو سان ڇا ڇا نٿوين ڪري ڇڏين، جو اهو نوجوان هاڻي جسماني طرح ڪمزور ٿي جھڙوڪر آخري پساھ کڻي رھيو هو. مون اڳتي وڌي ھن جي ڪلھي تي ھٿ رکيو ۽ کيس سڏ ڪيو: “ذوالفقار! ذوالفقار! آئون گل محمد تنھنجو پارٽي وارو ساٿي آھيان، ھن نشي ۾ ٻڏل اک کولي مون کي ڏٺو. مون پڇيو: ذلفي مونکي سڃاتئي. اڌ اک کولي ڏسي وري بند ڪري ڇڏيائين. مامس مونکي چيو: يادگيري سخت متاثر ٿي آھي. ڪنهن کي ڪونه ٿو سڃاڻي.. مون کي ته ايئن لڳو ھن کي ڌڪ تمام گھرا لڳا آھن، ھي ته ڪجھ ڏينھن جو مھمان آھي…

ٿوري دير ويھي ٻاھر اچي اوطاق تي ويٺاسين، جتي مون ماما کي چيو ته: آئون پارٽي جي رهبر سان ملڻ ويندس مون کي سڄي حقيقي صورتحال   ٻڌائي ته آئون ان جي علم ۾ سڄي حقيقت آڻيان. پوءِ ماما سڄو واقعو ٻڌايو. باقي ذوالفقار جي پيار جي ڪھاڻي جي مون کي سڄي خبر ھئي، چانهه پي ۽ آئون واپس وريس. حيدرآباد روڊ تي چڙهيس ذوالفقار جي سڄي ڪھاڻي ابتدا کان منھنجي تصور ۾ ھلڻ لڳي…

سجاول شھر جو خواجه پاڙو ۽ سومرا پاڙو گڏ ھئا، ھن پاڙي جون آھي ٻه وڏيون برادريون ھيون، باقي ايڪڙ ٻيڪڙ ٻين ذاتين وارا به اتي رهندا هئا.

ذوالفقار علي خواجه ھن سڄي پاڙي جو ڄڻ نڪ هو 21 سالا خوبرو نوجوان ڳورو رنگ، قد ڪاٺ به ٺيڪ ٺاڪ، سنھري وار، نقش خوبصورت. وچولي درجي جو سفيد پوش خاندان سان تعلق ھئس. ذوالفقار بي اي پاس ڪري ايم اي لاءِ سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا ورتي ھئي… فطرت ڄڻ هن پاڙي تي مهربان هئي جنهن سونهن جي پالوٽ ڪري ڇڏي هئي. اهو عجيب ناهي جيڪڏهن آئون لکان ته مسرت آرائين هن پاڙي جي سڀ کان خوبصورت ڇوڪري ھئي، جيڪا انٽر جي ٻي سال ۾ ھئي. مزي واري ڳالھ اھا ھئي جو آھي ٻئي ھڪڙي پاڙي جا ھئا ۽ ھڪٻئي کي پسند ڪندا ھئا. اھا خبر سڀني کي ھئي ۽ سڀ ھن جوڙي کي پسند ڪندا ھئا ۽ ٻنھي جي ڪاميابي جا خواھشمند ھئا. خوبصورتي لاءِ سڀ ڪو دعاڳو هوندو آهي.

ذوالفقار جو گھر مسرت جي گھر کان ٿورو پري ٻي گھٽيءَ ۾ ھو، باقي ذوالفقار جي وڏي ڀاءُ مھر علي جو گھر مسرت جي گھر سان لڳو لڳ ھو. مھر علي جيون نياڻيون ۽ مسرت ۽ سندس ڀيڻ پاڻ ۾ سهيليون ھيون، ھڪ ٻين جي گھر اچڻ وجڻ ٿيندو ھو. ذوالفقار ۽ مسرت جي ملاقات به مھيني اڌ ھتي ٿيندي ھئي..

ايم اي جا ڪلاس شروع ٿيا، ذوالفقار ڪاليج ۾ شاگردن جي قومپرست تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن رھيو، آخري سال ۾ ڪاليج جي اسٽوڊنٽ يونين جو جنرل سيڪريٽري چونڊيو.

يونيورسٽي ۾ به ذوالفقار جي دوستن جو گروپ بيحد سرگرم ھو. ذوالفقار ۽ ڪجھ دوستن جو خيال ھو ته شاگرد انقلاب ڪونه آڻي سگھندا، انهيءَ ڪري پنهنجي آدرشن جي لاءِ جي وڙهڻو پيو ته وڙهبو. ذوالفقار جي جواني هئي ۽ جذبو هو جو هو اهي سڀ ڪوششون ڪري رهيو هو جن لاءِ هن سمجهيو ٿي ته سندس وطن کي ان جي ضرورت آهي.

خير ايم اي جو پھريون سال گذريو، ھڪ دفعي ذلفي ڳوٺ آيو ۽ مسرت سان ملاقات ۾ ان کي ٻڌائي ويٺو ته ايم اي مڪمل ڪري پوءِ اسين وطن جي لاءِ جدوجهد ڪنداسين ته جيئن عام ماڻهو کي انصاف پلئه پئي ۽ اهي آزاد زندگي گذاري سگهن.

مسرت چيو: سوال ئي نٿو پيدا ٿئي، اول ته پنهنجا خواب ئي ٻيا آهن اعليٰ تعليم ۽ سرڪاري نوڪري، جاب، توھان جو خانداني پسمنظر اڳ ۾ ئي ڪاروبار، بزنس ۽ سول سروس آھي. مسرت پنهنجا هٿ هن جي ڪلهي تي رکيا ۽ ڇڪي پنهنجي سيني سان لڳائي ڇڏيو ۽ چيائين محبت کان وڌيڪ دنيا ۾ ڇا آهي جيڪو قيمتي آهي. هن جون اکيون هلڪيون آليون ٿي ويون ۽ چيو ڇڏيو ان ڳالھ کي، پڙھائي تي توجهه ڏيو، اھو ئي پنهنجو مقصد آھي. هڪ تعليم يافته شخص سماج جي خدمت ڪري سگهي ٿو. جيڪڏهن تون چاهين ته مستقبل ۾ ايئن ٿيندي ڏسي سگهين ٿو، پر يار جي تون چاهين. ذلفي ڪنهن توکي باغي  ڪيو آهي. هن پنهنجا چپ هن جي چپن تي رکيا جيڪڏهن ڪو ان منظر کي ڏسي ها ته يقيني طرح اهو سوچي ها ته محبت کٽي رهي هئي، پر نه اڳتي زندگي ۽ حالات اهو ثابت ڪيو ته مسرت ۽ محبت هارائي وئي.

سال گذرندي دير ڪونه ٿي، امتحان ڏئي واندا ٿيا ته جواني جي جوش ۾ دوستن صلاح ڪئي ته انقلاب لاءِ جدوجهد ڪجي ۽ استحصالي نظام کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪا ڪوشش ڪجي. فيصلو اهو ٿيو ته ڪٿي هٿيار هلائڻ جي تربيت حاصل ڪجي ۽ انقلاب آڻجي. پھرين ته ست اٺ ساٿي راضي ھئا، پر جڏھن ھلڻ جو وقت آيو ته ھرڪو ساٿي ڪا نه ڪا مجبوري ٻڌائي انڪار ڪندو رھيو، آخر ۾ صرف ذوالفقار ۽ ھڪ ٻيو دوست امجد علي حامي ڀري. ھنن پروگرام ٺاھيو ته ايندڙ آچر تي ھلنداسين، ڳوٺان ڪپڙا وغيره کڻي مائٽن کان موڪلائي اينداسين.

ھن ڀيري ذوالفقار ڳوٺ آيو ته مسرت سان به ملڻ ويو ملاقات ۾ ھن کيس ٻڌايو ته ايم اي مڪمل ٿي چڪي آھي، هاڻ هو هٿيار هلائڻ جي تربيت وٺڻ وڃي رهيو آهي. جيئن وطن تان استحصالي راڄ ختم ٿئي. مسرت اھو ٻڌي پريشان ٿي وئي. ھن چيو: نه نه ذلفي توھان کي صرف اعليٰ تعليم حاصل ڪري اعليٰ مقام تي پھچڻو آھي، ھي جنگ بندوق ۽ مرڻ مارڻ پنهنجي فيلڊ ڪونھي، آئون توھان کي ھرگز ايڏانھن وڃڻ ڪونه ڏيندس. ذوالفقار چيو اسان ڪو جنگ ڪرڻ ڪونه پيا وڃون، صرف تربيت وٺي ڇڏينداسين، پر مسرت چيو جڏھن وڃڻو ئي ڪونھي ته ٽريننگ ڇو. بس توھان نه ويندا، ان ڪري اھو خيال دل مان ڪڍي ڇڏيو. ھن چيو توھان اجايو پريشان پيا ٿيو، اسان صرف تربيت وٺنداسين. آئون ھفتي ڏيڊ ۾ ڳوٺ ايندو رھندس، فڪر نه ڪريو. مسرت ھن کي چيو ھڪ ٻي ڳالھ ٻڌايان، مون لاءِ رشتا پيا اچن، هڪ ٻه ته تمام وڏن ماڻھن جا رشتا آيا آھن، امان ضد پئي ڪري ته اھڙا سٺا رشتا بار بار ڪونه ايندا، پر مون امان کي چيو ته آئون ايم اي ڪري ليڪچرار جي جاب حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪنديس، پوءِ سوچينداسين. شڪر ٿيو جو امان سان گڏ بابا کي به اها ڳالھ سمجھ ۾ اچي وئي، جنھن نصيحت ڪندي چيو امان زمانو ڏاڍو خراب آھي ھر قدم سنڀالي کڻڻو آھي، ھر ماڻھو جي عزت پنھنجي ھٿ ۾ ھوندي آھي، خيال رکجو. مون چيو ته بابا اسان ھر قدم توھان جي مرضي ۽ صلاح سان کڻنداسين توھان فڪر نه ڪريو، بس دعا ڪريو اسان مقصد ۾ ڪامياب ٿيون.. مسرت ذوالفقار کي چيو توھان ھي خطري وارا ڪم نه ڪريو ڪا سٺي جاب ڳوليو. ھن گھڻو چيو، پر ھو ھن کي تسلي ڏئي الوداعي پيار ڪري ھليو ويو.

انهيءَ ملاقات کانپوءِ نه ذوالفقار کي خبر هئي ته زندگي هن کي ڪيڏانهن وٺي وڃي رهي آهي، انقلاب سان لڳاءُ هن کي آئنده ڏينهن ۾ ڪٿي وڃي بيهاريندو. مسرت کي به اندازو نه هو ته محبت آدرش جي اڳيان ڪمزور ٿي ويندي. محبت ۽ انقلاب جي ان سنگهرش ۾ٻه وجود داءُ تي لڳل هئا جن کي هڪٻئي سان محبت هئي. محبت جي نرمي ۽ ان جي معنيٰ ڄڻ ڪو سوال ئي نه هئي.

آچر ڏينھن مقرر وقت ۽ جاءِ تي امجد ۽ ذوالفقار مليا، منزل ڏانهن ويندڙ ويگن ۾ سوار ٿي روانا ٿيا. اڍائي وڳي منزل تي پھتا. ٽانگي تي پنهنجي منزل تي پھتاسين، سهڻي اوطاق هئي پاسي کان سنڌو درياھه وهي رهيو هو. اتي موجود ھمراھ کيڪار ڪئي ۽ عزت سان ويهاريو ۽ چيائين ته سائين صبح کان ھتي ھئا، ھاڻ حويلي ويا آھن، مان اطلاع ڪريان ٿو ۽ ماني به کڻي ٿو اچان توھان ماني کائي آرام ڪريو رهبر شام جو ايندو. ٿوري دير ۾ ماني آئي، ھنن ماني کائي ٿوري ننڊ ڪئي. شام جو پنجين وڳي ٽڪوزي ۾ ڍڪيل چانهن ۽ بسڪيٽ موڪليا، رهبر پاڻ به اوطاق تي پهتو، ھو ٻئي پنهنجي ليڊر کي پيرين پئي مليا، خوش خير عافيت کانپوءِ حال احوال کانپوءِ رهبر پڇيو، بابا ھاڻ پنھنجو مفصل احوال ڪريو. ڏيو خبرون، پاڻ ڪير آھيو، ڪٿان جا آھيو، ڇا ڪندا آھيو ۽ ھتي خير مان اچڻ ٿيو.

ذوالفقار اول پنھنجو تعارف ڪرايو. چيائين محترم سائين، منھنجو نالو ذوالفقار علي خواجه ولد مھر علي خواجه آھي، اسان سجاول شھر جا ويٺل آغا خاني اسماعيلي خواجه آھيون، منھنجي والد جو بازار ۾ پسارڪو دڪان آھي، 25 ايڪڙ زمين به آھي، اسان ٻه ڀائر ۽ ٻه ڀينرون آھيون. ڀاءُ مون کان وڏو آھي بابا سان گڏ ھٿ ونڊائيندو آھي، مان پرائمري کان ڪاليج تائين سجاول ۾ پڙھيس، ڪاليج ۾ به وطن جي سياست ڪندا رهياسين. پوءِ وري يونيورسٽي ۾ آياسين ته باقائده تنظيمي ڪم ڪيو. ھاڻ ايم اي پاس ڪري وانڌا ٿيا آھيون ته سوچيوسين ته ڪجھ مھينا توهان سان گڏجي ڪم ڪجي ۽ توهان جي علم و عمل مان پرائجي. بهرحال سائين ھي ڪجھ مھينا اسان توھان جي حوالي آھيون، جيڪو حڪم ھوندو عمل ڪنداسين، وطن ۽ عوام اهم آهن.

سائين چيو ماشاءَالله ماشاءَاللہ، سٺا نيڪ جذبا ۽ اعليٰ خيال آھن… ھا بابا پٽ توھان ڪريو خبر. امجد به پنھنجو مختصر تعارف پيش ڪيو. رهبر چيو، ڀلو ڀلو. توھان جي جذبن کي آفرين آھي. بيشڪ توھان جي عمر علم پرائڻ ۽ گھڻو ڪجھ سکڻ جي آھي. جيستائين وري توھان جي روايتي تعليم ۽ عملي ڪم جي شروعات ٿئي، تيستائين ھتان گھڻو ڪجھ حاصل ڪر سگھو ٿا.. رهبر انهن کي مخاطب ٿيندي چيو، ھتي ھر انتظام آهي، اوطاق تي رھو، ماني ٽڪي چانهه پاڻي سڀ ڪجھ ملندو، ھي سامھون شيلف ۾ شاندار ڪتاب موجود آھن، اھي پڙھو، ۽ ھتي سڄي سنڌ مان دوست ساٿي ۽ مھمان اچن ٿا، انھن سان ملو، ڪچھريون ڪريو ته گھڻو ڪجھ پرائيندو.

رات پنهنجي سفر ۾ اڳيان هلندي رهي انهن ماني کائي ڪتابن تي نظر وڌي، اڳتي قدم مئگزين کڻي پڙھيو. ٻئي ڏينھن صبح جو اٿي ھنن اوطاق سان لڳو لڳ تار وھندڙ درياھه شاھ جا نظارا ڪيا. ناشتو آيو، گھاٽو ڏڌ مکڻ ڪڻڪ جون مانيون، بيدا تريل، ھي ناشتو ڪري ويٺا ته آرگنائيزر آيو، ھنن کي وٺي گھٽيءَ جي ٻي ھڪ جاءِ تي آيا جتي ڪمرن ۾ ڪاغذن پمفليٽن ۽ ھدايت نامن جا ڍڳ پيل ھئا، ٻئي ڪمري ۾ ليٿو مشين پمفليٽن ۽ ڪاغذن جا رم ۽ دٻن ۾ ڪاري مس پيل ھئا. هڪ شخص ھنن کي ليٿو مشين ھلائڻ ۽ پمفليٽ ڇاپڻ سيکاريو جيڪا ٻه ماڻھو ھٿ سان ھلائي سگھندا ھئا. ھنن کي ڪپڙا لاھي گوڏ ٻڌي ڪم ڪرڻو ھو ڇاڪاڻ جو ڪپڙا ڪاري مس لڳڻ سان خراب ٿيو وڃن. ٻن ڏينھن ۾ ھنن ليٿو ھلائڻ پمفليٽ ڇاپڻ سکي ورتو ۽ سئو کن پمفليٽ ڇاپيا ته انهن کي خوشي ٿي. شام جو ڪجھ پارٽي جا ساٿي آيا ھئا تن سان رات دير تائين ڪچھري ڪئي سين. اسين مطالعو ڪندا رهياسين ٻئي ڏينھن پارٽي جي هڪ شخص ھنن مھمانن کي ڪجھ پمفليٽ ھدايت نامه ۽ ڪتاب ڏنا جيڪي کڻي هو ھليا ويا.. انهيءَ شخص ذوالفقار کي ٻڌايو ته علمي ۽ عملي جدوجهد لاءِ تربيت جون تياريون ٿين پيون، جلد ڪجھ ماھر استاد ٽرينر ايندا ۽ پوءِ تربيت شروع ٿيندي. تيستائين پاڻ ٻيا ڪم ڪنداسين. ٻن ھفتن کانپوءِ ھنن پنجاھ بنڊل تيار ڪيا، ھر بنڊل ۾ ڪجھ پمفليٽ ھدايت نامه ڪتاب صبح ٿيندو، دراڙن جا ڌڪ، مائوزيتنگ جا قول، ھوچي منھ جي آتم ڪٿا وغيرہ شامل ھئا.. ھي بنڊل سنڌ جي مختلف علائقن ۾ روانا ڪرڻا ھئا.

ھڪ شام پارٽي جو وڏو دانشور آيو ڏاڍي ڀلي ڪچھري ٿي، هن صاحب اسان کي شاندار ليڪچر ڏنو نظريو، ضابطو ۽ ڊسيپلين، جنھن مان اسان به خوب پرايو.. ٻن ھفتن کانپوءِ پارٽي جي هڪ اهم رهنما ھنن ٻنھي کي سڏايو ۽ چيو اڄ پھريون ڀيرو توھان کي ھڪ اھم ذميواري ڏني پئي وڃي، جنھن کي تمام ڏاھپ ۽ ھوشياري سان سرانجام ڏيڻو آھي. ھنن ٻنھي کي جدا جدا ٿيلها ڏنا، جن ۾ پمفليٽ، ھدايت نامه ڪجھ ڪتاب ھئا. ھنن ٻنھي کي ھزار ھزار رپيا ڀاڙو خرچ ڏنو ۽ ڪنڌڪوٽ شھر ۾ جمالي پاڙي، مصطفيٰ مسجد وٽ، ھڪ ھمراھ جو نالو ڏنو جنھن کي ذوالفقار ٿيلهو حوالي ڪندو. اھڙي طرح امجد شھر ۾ ٻئي هنڌ اها امانت ٻئي ساٿي کي ڏني.

ٻئي ڏينھن صبح سوير ھي روانا ٿيا، ڪنڌڪوٽ واري بس ۾ سوار ٿيا، جدا جدا سيٽن تي ويٺا، اخبار ۽ رسالا پڙھڻ لڳا، ڀر ۾ ويٺل ڪو ڳالھائڻ جي ڪري ته ان کي به ھا نه ۾ جواب ڏيئي وري پڙھڻ ۾ لڳيو وڃن.. سواءِ ٻن ڪلاڪن ۾ ڪنڌڪوٽ پھتا، بس مان لھي پاڻ ۾ ٻه منٽ ڳالھايو، پوءِ ذوالفقار ٿورو اڳيان پويان وڙڪي گھٽين جو جائزو وٺي واپس بس اسٽينڊ جي سامھون واري ھوٽل ۾ داخل ٿيو، ھڪ ٽيبل تي ويٺو، ھن جائزو ورتو پريان ٻه ھمراھ ويٺل ھئا ۽ ھوٽل جي گيٽ سان لڳ ڪرسي تي ھڪ ھمراھ چاليھ پنجيتاليھ سالن جو جنھن جي، ڏاڙھي مڇون ميندي رنگ سان ڳاڙھيون، ويٺو سگريٽ ڇڪي. امجد به آيو ۽ پريان اڪيلو ويٺو ان به چانهن جو چيو. بيرو ذوالفقار جي چانهن کڻي آيو ته ھن کان پڇيو جمالي پاڙو مصطفيٰ مسجد ڪٿي آھي، ڇوڪري ٻڌايو سامھون چنگچيون بيٺيون آھن اھي جمالي پاڙي وينديون. دروازي وٽ ويٺل مشڪوڪ شخص جيڪو اصل ۾ سي آءِ ڊي جو ھو، ان ھنن ٻنھي کي مشڪوڪ انداز ۾ جدا جدا بس مان لھندي ۽ پوءِ وري پاسيرو بيھي ڳالھائيندي ڏٺو ۽ پوءِ وري جدا جدا ھوٽل تي اچڻ ۽ جدا ٽيبلن تي ويھڻ، پٺن تي ٿيلها جن ۾ هٿيار ٿي سگھن ٿا ۽ سڀ کان خطرناڪ شيءِ ھن جو بيري کي سڏ ڪري پڇيو ته ھن سھڻي ڇوڪري توکان ڇا پڇيو، ڇوڪري ٻڌايو مصطفيٰ مسجد جمالي پاڙي جو پڇيو. اھو ٻڌي ھمراھ جا ڪن کڙا ٿي ويا. انهن ئي ڏينهن ۾ انتھا پسند ملڪ ۾ انتشار پکيڙي رهيا ھئا، ڌماڪن ۾ بي گناهه ماڻهو شڪار ٿي رهيا هئا. ھمراھ ھڪدم ٻاھر نڪري پاسيرو بيھي ڊي ايس پي کي فون ڪري سڄي صورتحال کان آگاھ ڪيو ته ٻه دھشتگرد موجود آھن فورن اچڻ جو چيو. جيستائين مڇو ھوٽل واپس اچي ان کان اڳ ذوالفقار امجد کي اشارو ڪيو ته فورن نڪر، امجد ھڪدم چانهن جا پئسا ڏئي روانو ٿيو. چند لمحن کانپوءِ ذوالفقار به اٿيو ڪائونٽر تي اچي پئسا ڪڍيا ته پنج سئو جو نوٽ ٻڌو ھو، جيڪو ڪائونٽر واري وٽ چينج نه ھئا، ان بيري کي ڏنا ته ڀر ۾ ميڊيڪل اسٽور تان کليا وٺي، ڏھ پندرھن منٽ ان کي لڳي ويا، تيستائين پوليس وين به اچي بيٺي ۽ جيئن ئي ذوالفقار ٻاھر نڪتو چار پنج ھمراھ ھن کي وڪوڙي ويا، ھڪدم ھن کي زمين تي ڪيرائي مٿان چڙھي اول ٿيلهو لاھي ورتو، ھٿ پويان ڪري ھٿڪڙيون لڳايون ۽ سڄي جسم جي تلاشي ورتي. ٻه ٽي ھمراھ ھوٽل اندر ٻئي ساٿي کي جھلڻ لاءِ ويا، پر ناڪام آيا ته ڊي ايس پي ذوالفقار کان پڇيو تنھنجو ٻيو ساٿي ڪٿي آھي، ذوالفقار جيڪو اونڌي منھن زمين تي ھو ان چيو، ڪھڙو ساٿي، آئون اڪيلو آھيان. چالاڪي ٿو ڪرين، سچ ٻڌائي. ھن ڪو جواب نه ڏنو. پوليس وارا ٻئي ساٿي کي آسپاس جي گھٽين ۾ نوس نوس ڪندا ڳولھيندا رھيا.. جڏھن ته امجد پري کان ڏٺو ته پوليس ذوالفقار کي جھلي ورتو آھي، ھو فورن اتان نڪتو ڀر ۾ بس اسٽاپ ھو، خوش قسمتي سان حيدرآباد لاءِ بس رواني ٿي رھي ھئي، ھو ان ۾ سوار ٿي ويو، ٿيلهو لاھي سيٽ ھيٺان رکيو ۽ بي فڪرن وانگر سگريٽ دکائي پيئڻ لڳو.

ھوڏانھن ذوالفقار کي کڻي ڊاٽسن پويان ڦٽو ڪين. ھن کان پڇندا رھيا ٻيو ساٿي ڪٿي آھي، ان جو نالو ڇا آھي وغيره.. پر ذوالفقار ھڪڙو جواب ته ڪھڙو ساٿي، ڪو ڪونھي، مان اڪيلو آھيان.. ھن کي سڌو سي آءِ اي سينٽر کڻي آيا. ڊي ايس پي جي آفيس ۾ ھن کي ٻه پوليس وارا ھٿڪڙين سان وٺي آيا. ٽيبل تي ھن جي ٿيلهي مان مليل پمفليٽ، ھدايت نامه ۽ ڪتاب وغيره پيل ھئا. ڊي ايس پي ھن کان پڇيو ھي سڀ ملڪ دشمن مواد ڪنھن ڏنو، ڪٿان کڻي آيا ۽ ھتي جمالي پاڙي ۾ ڪنھن کي ڏيڻو ھو. ذوالفقار چيو ھي مواد مون کي سجاول ۾ ھڪ نامعلوم ھمراھ ڏنو ۽ ھتي به اڻ ڄاتل کي ڪوڊ لفظ ٻڌائڻ تي ڏيڻو ھو. ڊي ايس پي چيو چالاڪيون ڇڏ سھي سھي ٻڌائي نه ته سچ پترا لڳندا ته سڀ سچ طوطي وانگر ٻوليندي. ذوالفقار خاموش بيٺو رھيو.. ڊي ايس پي جيڪو پڻ ڪو چڱو ماڻھو ھو تنھن وري به ھن کي پيار سان چيو، ڏس نوجوان، تون اڃان بلڪل نئون ڪچڙي عمر وارو معصوم ماڻھو آھين، اڃان ته تنھنجي وات مان امڙ جي ٿڃ جي خوشبوءِ پئي اچي، ڪنھن شريف خاندان جو فرد آھين، ھن کان اڳ شايد ٿاڻي جي شڪل به ڪونه ڏٺي ھوندئي، سي آءِ اي ڇا ڀلا آھي ڪيترو خوفناڪ آھي تون تصور به نٿو ڪري سگھين. ڏس تون سھڻو جوان آھين، تنھنجي زندگي جا حسين ڏينھن ۽ خوبصورت دور اچڻ وارا آھن، تون ڪيئن اچي ھن خطرناڪ ڪمن ۾ ڦاٿو آھين، مان توکي سھڻي صلاح ٿو ڏيان ته جيڪو به سچ آھي صاف حقيقت آھي، شروع کان آخر تائين اسان کي ٻڌائي، پنھنجي جان ڇڏائي، سچ ٻڌائيندي ته مان به تنھنجي مدد ڪري ھن خطرناڪ ڪيس مان بچائي سگھندس. ڏس نوجوان اسان وڏن وڏن خوفناڪ مجرمن کان به سڀ سچيون ڪرائي ڇڏيون آھن، تون ته ھڪ بلڪل نئون معصوم ماڻھو آھين، اسان کي خبر آھي ته تون سڀ ڪوڙ پيو ڳالھائين، پنھنجو پنھنجي والد جو نالو به غلط ٻڌايو اٿئي، اسان کي خبر آھي ته تون اڪيلو نه آھين، ھو مواد ڪنھن پارٽي جي انتها پسند ڌر کان مليل لڳي ٿو. ان ڪم لاءِ ڪافي پئسا توھان کي مليا ھوندا، ھي ڪم ايترو آسان ڪونھي جو روڊ تي ڪنھن ماڻھو توکي ڏنو ۽ تون وري مصطفيٰ مسجد ٻاھران رستي تي ڪنھن ڪامريڊ حوالي ڪندين. اسان سڀ سمجھون ٿا، ان ڪري پاڻ کي ۽ پنھنجن اشراف مائيٽن کي ھن خطرناڪ عذاب مان بچائي وٺ نه ته بي موت مارجي ويندين، مان توکي اڄوڪي رات ڏيان ٿو سوچڻ لاءِ عقل مندي کان ڪم وٺ.. ھن پوليس وارن کي اشارو ڪيو ۽ پوليس وارا ھن کي وٺي ھليا، ھڪ ٻئي انگريزن جي دؤر جي پٿر جي ٺھيل گوٿڪ ٽائپ عمارت ۾ جنھن جي وڏي ھال جي چئني طرفن قيدين لاءِ ننڍيون کوليون ٺھيل آھن، ذوالفقار کي ھال جي آخري ڪنڊ جي ننڍي کولي ۾ بند ڪيو، جيڪا صرف ھڪ قيدي لاءِ 6+8 جي ھئي. ٻين کولين ۾ ڪو ايڪڙ ٻيڪڙ قيدي ھئا، اڪثر خالي ھيون.. رات جو دير سان پٺيان کان قيدين کي ٽارچر ڪرڻ جا خوفناڪ آواز اچڻ لڳا. سچ پترا يا اھڙي ڪنھن ڦٽڪي جا زورڌار شپڪا ۽ قيديءَ جا دردناڪ آواز، ھر ڌڪ کانپوءِ قيدي جي توبهه زاري ۽ سڀ ڪجھ سچ ٻڌائڻ لاءِ منٿون ڪرڻ، پر پوليس وارن جون ماءُ ڀيڻ تي ڪچيون گاريون، بتائو لاش ڪهان دفن ڪي، چوري ڪا مال ڪهان هي ۽ وري ڦٽڪن جا شپڪا ۽ قيدي جون رڙيون ھيون، رات جو چئين وڳي تائين اھو انسانيت سوز عمل جاري رھيو… ذوالفقار کي ڊپ ٿيڻ لڳو، پر وري ھن پاڻ کي آٿت ڏني ته ھي سڀ ھن جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ جي سازش آھي. ھن دل ۾ عزم ڪيو ته مان پنھنجي ڌرتي ماءُ سان غداري ھرگز ڪونه ڪندس. چاھي مون کي جان به ڇو نه ڏيڻي پوي. اھو عزم ڪري پاڻيءَ جو گلاس پي سمھي رھيو..

ٻئي ڏينھن وري ھن کي ھٿڪڙين سان ڊي ايس پي اڳيان پيش ڪيو ويو. ھن ساڳيا سوال ڪيا ۽ ذوالفقار سينو تاڻي اعتماد سان ساڳيا جواب ڏنا.

ڊي ايس پي ڪاوڙ ۾ اٿي بيٺو ۽ چيائين لي جائو اسڪو ڪاليج ڪي چڪر ۾ اس ڪي دماغ ۾ قومپرستي ڪا بهوسا بهرا هوا هي اچهي طرح اسڪي مرمت ڪرو. پوليس وارن ھٿ ڪڙين سان ٻڌل زنجير کي جھٽڪي سان ڇڪيو ۽ ھن کي اڳتي ڌڪيو ھن کي ڪاري چڪر ۾ وٺي آيا، جيڪو وڏو ھال ھو جنھن ۾ ٽارچر جا ڪيئي انتظام ۽ سامان ھئا. ذوالفقار کي ھٿڪڙيون لاھي ھڪ وڏي ڪاٺ جي ٽيبل تي اونڌو ليٽايو ويو، چئني ڪنڊن کان ڇڪي ھٿ پير ٻڌا ويا. ھڪ ٽارزن ٽائپ طاقتور ظالم قسم جو ھمراھ اڳتي آيو ۽ چمڙي جو سچ پترا کنيو ۽ ذوالفقار جي ڌڏن کي ھٿ سان ٺپريندي مسڪرائيندي چيو، ھاں ہے کچڑا کنوارا مال ھے،گورا چٹا ھے ان پر نشان مزیدار بنیگا۔چل بیٹا ھوجا تیار۔ پوءِ ان ھمراھ سچ پترا کي گھمائي مٿي ڪري ٻنھي ھٿن سان ٺڪا ڪرايو ھن جي ڌڏن تي ته ذوالفقار جي وات مان آھ جو آواز نڪتو، چند لمحه ترسي وري ڦيرائي ٻنھي ھٿن ۽ پوري طاقت سان ٺڪا ڪرايو ته ھن جي رڙ نڪري وئي، ٽي ڦٽڪي تي ھن چيو يا علي مدد، چوٿين ڦٽڪي تي ھو ساڻو ٿي پيو، ڌڏن مان رت ڦڙا ڦٽي نڪتا، ھو بيھوش ھو. تڏھن ايس ايڇ او آيو ھن کي پاڻي جا ڇنڊا ھنيا ته ھوش ۾ آيو. ايس ايڇ او پوليس وارن کي چيو بس ٺيڪ ھي اسڪو کولي ۾ ليجائو.کولي ۾ ھو سخت تڪليف ۾ ڪنجهندو رھيو. آڌي رات جو ھڪ نيڪ پوليس واري سور جي گورين جو پتو اچي ھن کي ڏنو ۽ چيو ٻه گوريون ھن وقت کائي ڇڏ ته تڪليف ۾ آرام اچي ويندو. ھن ٻه ٽيبليٽ ورتيون. رات دير سان سور ۾ آرام آيو، ھو سڌو نه ويھي ٿي سگھيو ۽ نه سڌو سمھي ٿي سگھيو، اونڌو ئي ليٽي سمھي رھيو.

ٻئي ڏينھن ھن کي بخار اچي ويو، ھن کي اسٽريچر تي اونڌو ليٽائي سينٽر جي اسپتال وٺي ويا جتي ڊاڪٽر نه صرف بخار جو علاج ڪيو، پر ڦٽڪن واري زخمن تي به ڪريم لڳايو.

چار پنج ڏينھن آرام کانپوءِ وري ذوالفقار کي ڊي ايس پي وٽ وٺي آيا، ان چيو ڏي خبر دماغ جاءِ تي آيو يا اڃان خدمت جي ضرورت آھي. ذوالفقار خاموش رھيو. ڊي ايس پي وري ھن کي پيار سان چيو، ڏس نوجوان تنھنجي عمر ننڍي آھي، نوجواني ۾ جذبات جي وھڪري ۾ غلطي زندگي تباھ ڪري ڇڏيندي آھي، عقل ۽ ھوش مندي کان ڪم وٺ، ان سان تون پاڻ کي ۽ پنھنجن مائٽن کي وڏي پريشاني ۽ مصيبتن کان بچائي سگھندين. ٻڌائي ڇا ٿو چوين، ذوالفقار جيڪو ڦٽڪن جي درد ۽ بخار جي ڪمزوري جي باوجود سينو تاڻي کڙو تڙو ٿي چوڻ لڳو، سر مان ته سچ ئي چيو آھي، توھان نٿا مڃو، مان سئو فيصد مائٽن ۽ ماڻھن جو خير خواهه آھيان، مان ڊڄڻو خوفزده بزدل يا غدار نه آھيان، مان ڪل به سچ تي ھئس مان اڄ به سچ پيو چوان ۽ ھميشه سچ ۽ حق تي قائم رھندس. ڊي ايس پي چيو تون اڃان به جذباتي پيو ٿئين، ھو غصي ۾ اٿي بيٺو چيائين وٺي وڃو ھن بدبخت کي ۽ چڱيءَ طرح ھن جي تيل مالش ڪريو. ھن کي واپس کولي ۾ بند ڪيو ويو. ٻئي ڏينھن ھن کي وٺي آيا ٽارچر سيل ۾ جتي ٻه پھلوان بيٺل ھئا. ايس ايڇ او به موجود ھو، ان چيو الٽو لٽڪايو ھن کي ته مغز مان گندو تيل نڪري. ھو ٻئي پھلوان اڳتي آيا، ذوالفقار جون ھٿڪڙيون لاھي ان کي ڪپڙا لاھڻ جو حڪم ڏنو، صرف انڊرويئر ۾ ھ نکي ٿلهن پائيپن جي وڏي گيٽ جي ھيٺ زمين تي ويھاريو، مٿان وڏي چرخي لڳل ھئي جنھن مان ٿلهو موٽو رسو ھيٺ ھو جيڪو ھنن مضبوطي سان ذوالفقار جي پيرن مٿان مرن ۾ ٻڌو، مٿان چرخي مان ٻيو ڇيڙو ھنن ٻنھي پھلوانن ھٿن سان ڇڪڻ شروع ڪيو ته اول ٽنگون مٿي ٿيون پوءِ جسم آخر ۾ ڪنڌ ھيٺ زمين کان ڇھ فوٽ مٿي ٿيو ته ھنن رسو پائپ ۾ ٻڌي ڇڏيو، ذوالفقار جو ڪنڌ ۽ ھٿ ھيٺ لٽڪندا رھيا. تقريبن اڌ ڪلاڪ کانپوءِ ھن جي جسم جو رت چھري تي ظاھر ٿيڻ لڳو، ھن جو منھن ڳاڙھو لال ٿي ويو ۽ اکين ۾ به رت لھي آيو ٽماٽي وانگر ڳاڙھيون اکيون ٻاھر نڪري آيون ھيون، ھن کي ٽنگن ۾ ٻڌل رسو به سخت تڪليف ڏئي رھيو ھو. ايس ايڇ او اٿي ھليو ويو، باقي ٻئي شيطان سامھون ڪرسين تي ويھي سگريٽ ڇڪڻ ۽ ذوالفقار کي اذيت ۾ ڏسي خوش ٿي رھيا ھئا. ھڪڙي شيطان ٻئي کي چيو يار ڇوڪرا تو پپو لگا پڙا ھي… مگر صاحب بولا اس ۾ مرچين ڊالو. ھاڻ ذوالفقار جو جسم پگهر ۾ شم ھو، پگهر جسم تان وھي ھن جي اکين کي ساڙڻ لڳو ھو. ڪلاڪ کن ۾ ھن جي حالت خراب ٿيڻ لڳي، اڇو چھرو اول ڳاڙھو لال ٿيو ھاڻ پيلو ۽ ڪارو ٿيڻ لڳو ھيڏي تڪليف باوجود قومي غيرت جي ڪري اف نه پيو ڪري، ھمت سان برداشت پيو ڪري ته شيطان خوش نه ٿين، نيٺ بيھوش ٿي ويو، تڏھن شيطان اٿي آيا ھڪ ويو ايس ايڇ او کي وٺي آيو، جنھن چيو اتارو اسڪو ساله مر نه جائي. ھنن رسو کوليو، ھڪڙي سمجھيو ته ٻي شيطان رسو قابو جھليو ھوندو، ٻي وري سوچيو ھو رسو کولڻ وارو مضبوطي سان جھلي کوليو ھوندو، سو ٻنھي جي ھڪ ٻئي جي آسري واري لاپرواھي، رسو ٻنھي جي ھٿن مان ترڪندو ويو ۽ ذوالفقار جيڪو بيھوش ھو، ست فوٽ مٿان کان سڌو چوٽي اچي زمين تي ٺڪا ڪيو، زوڌار آواز سڀ پريشان ٿي ويا. ذوالفقار جيڪو اڳ ئي بيھوش ھو، ھاڻ ڪوما ۾ ھليو ويو، ايس ايڇ او ھنن کي گاريون ڏيڻ لڳو، اڙي بدبختو جلدي جائو اسٽريچر لي آئو اسڪو اسپتال لي جائين. سالو يه مر گيا تو سڀ سسپينڊ ھونگي. ھن ايمبولينس لاءِ فون ڪئي، پر اھا خراب بيٺل ھئي، ھاڻ ھنن ذوالفقار کي ھڪڙي تختي تي کڻي ڊاٽسن ۾ رکيو اسپتال پھتا، ڊاڪٽر چيڪ ڪري چيو دماغي ڌڪ زورڌار آھي، مٿي تي ڳوڙھو ٿي پيو آھي، بلڊنگ اندر ٿي ته خطرناڪ آھي، ٻيو ته ھن جي ڪنڌ جي ھڏي به ٽٽل ٿي لڳي، ھن کي ڦورن وڏي اسپتال لاڙڪاڻو يا سکر کڻي وڃو، ھي بيھوش نه بلڪه ڪوما ۾ آھي. ڊاڪٽر ھن کي فرسٽ ايڊ ڏني، ڪنڌ کي سڌو رکڻ لاءِ فوم جي رنگ ڳچي ۾ لڳائي. ڊرپ ۾ ٽي انجيڪشن وجھي لڳائي ۽ چيو ڦورن ايمبولينس جو بندوبست ڪريو سکر ورانا ٿيا. ايمبولينس ته ڪونه ملي ھڪ سوزوڪي بولان بند وين ملي جنھن جون پٺيون سيٽون ڪڍي اسٽريچر رکي روانا ٿيا.

ٽن ڪلاڪن ۾ سکر ٽراما سينٽر ايمرجنسي پھتا، ڊاڪٽر ھڪدم ھن کي وٺي ويا، ٽيسٽون ڪرڻ شروع ڪيون، ايڪسري، سٽي اسڪن، ايم آر آئي وغيره ڪيون، مٿي جي ڳوڙھي مان اندر ٿيل بلڊنگ کي ٻاھر ڪڍيو، ڊرپ ۾ ٻه ٽي انجيڪشن وڌيون، ڪنڌ جي ھڏي کي سڌو رکڻ لاءِ ڳچي ۾ جو ڪالر لڳائي ۽ ھن کي آئي سي يو ۾ منتقل ڪيو. ڊاڪٽر چيو ڪيس تمام سيريس آھي، مريض ڪوما ۾ آھي.آئنده چوويھ ڪلاڪ اھم آھن، ان دؤران ھوش ۾ اچي ويو ته ٺيڪ ورنه ھي ڪوما ڊگھي به ٿي سگھي ٿي ۽ جان جو به خطرو آھي. ڊاڪٽر چيو مريض جا مائٽ عزيز ڪٿي آھن جيڪي ھن لاءِ دعا ڪن.

ھوڏانھن مائٽن کي ته ڪابه خبر ڪونه ھئي ته ھنن جو لخت جگر زندگي ۽ موت جي ڪشمڪش ۾ مبتلا آھي، ھا ماءُ کي ان وقت ھانو ۾ ڪنڍو چڀي ويو ھو جڏھن ذوالفقار مٿان کان ھيٺ اچي چوٽي کوڙي ھئي..

چوويھ ڪلاڪ ٿيڻ وارا ھئا. ھڪ پاڪ ۽ معصوم محبت جي ماريل، آڌي رات جو خوفناڪ خواب مان ڇرڪ ڀري سجاڳ ٿي ۽ بي اختيار اندر مان دعا نڪتي: يااللہ خير، يا مولا خير ڪج، منھنجي ذلفي کي پنھنجي حفظ و امان ۾ رکج. مسرت تسبيح کڻي بيبي فاطمه الزھرہ جي مشڪل آسان ڪرڻ واري تسبيح پڙھڻ لڳي.آڌي رات کانپوءِ نُور ويلا جي سعد سمي ۾ ھن معصوم نياڻي جي دعا اگهامي، سکر اسپتال جي آئي سي يو ۾ بي حرڪت پيل مريض جي جسم ۾ ساھ پيو ھن جي ھٿ جي آڱرين حرڪت ڪئي، ڀر ۾ ويٺل نرس خوشي مان ٽپ ڏئي اٿي، ھن ذوالفقار جي نرڙ تي ھٿ رکي ھن کي سڏيو، ھيلو ھيلو آپ ٺيڪ ھين. ٻه چار ڀيرا سڏ ڏيڻ تي ھن جي اکين ۾ چرپر ٿي، روشني جي ڪري اکيون کولي نه سگھيو وري آرام ۾ ھليو ويو. نرس تڪڙو تڪڙو ڊاڪٽر روم ۾ آئي ھن کي ٻڌايو ته ڪوما واري مريض کي ھوش پيو اچي، ھن جي ھٿ جي آڱرين حرڪت ڪئي ۽ مون سڏ ڪيا ته اکين ۾ به چرپر ٿي. ڊاڪٽر چيو حيرت جي ڳالھ آھي، ھي ته معجزو ٿي ويو، مريض جي بچڻ جي اميد تمام گھٽ ھئي، وڏي ڊاڪٽر زبير چيو پئي ته ھڪ ته ھي ڪوما ۾ آھي جتان ورڻ جي اميد تمام گھٽ آھي ٻيو دماغي ڌڪ وڏو نقصان دہ آھي، وري ڪنڌ جي ھڏي ڀڄي پئي ته ڪنڌ جھلي نه سگھندو، ھن کي، شايد ڪنھن مؤمن جي دعا لڳي وئي آھي، ميڊيڪل سائنس جي لاءِ ھي معجزو ئي آھي. ڊاڪٽر اچي مريض کي چيڪ ڪيو، بلڊپريشر وغيره سڀ درست ھو ھن اکين کي کولي ڏٺو، ھٿن ۽ پيرن جي حرڪت چيڪ ڪئي، ھن نرس کي دوا ڏيڻ جي تاڪيد ڪئي.

ھوڏانھن ذلفي جي دوست امجد سڌو پارٽي جي مرڪز تي پھتو، هن آرگنائيزر کي سڄي رپورٽ ڏني، ٻه ڏينھن اتي رھي سجاول آيو ۽ ذوالفقار جي والد کي سڄي صورتحال کان آگاھ ڪيو. والد سي آءِ اي سينٽر ڪنڌڪوٽ فون ڪيو ته خبر پئي ھن سان حادثو پيش آيو آھي ھو ھن وقت سکر ٽراما سينٽر ۾ زير علاج آھي. والد ھڪدم وڏي پٽ کي جام پئسا ڏئي ان تاڪيد سان روانو ڪيو ته سي آءِ اي وارن کي ڪجھ ڏئي ڪيس ختم ڪرائي ذوالفقار کي کڻائي سجاول اچي ۽ جي طبعيت وڌيڪ خراب ھجي ته سڌو ڪراچي آغا خان اسپتال سان رجوع ڪري.

جواھر علي جڏھن ٽراما سينٽر سکر پھتو، پنھنجي ننڍي شھزادي ڀاءُ جي حالت ڏٺي، ھو ڳالھائي نه پيو، سڏ ڪرڻ ۽ ھٿ ڦيرڻ جي باوجود صرف اکيون کولي ڏسي ٿو وري اکيون پوريو ڇڏي. جواھر ٻئي ھٿ مٿي تي رکي پٽ تي ويھي رھيو، روئڻ لڳو. پوليس واري ھن کي آٿت ڏني پاڻي ڀري پياريو ۽ ھن کي ٻاھر وٺي آيو. ھن چانهه گھرائي، ٻه ڍڪ پي ھو وري اندر آيو ڀاءُ کي پيار ڪندو چميون ڏيندو چوندو رھيو: ڀاءُ تون ٺيڪ ٿي ويندين مان اچي ويو آھيان توکي ڳوٺ وٺي ھلندس. بس تون ٿوري ھمت ڪر، جواھر ھن جو ھٿ جھليو بيٺو ھو، تڏھن ذوالفقار ھن جي ھٿ کي ٿورو زور ڏنو. جواھر خوش ٿي ھن جو ھٿ چمندي چيو: ھا ھا منھنجا ڀاءُ تون ٺيڪ ٿي ويندين بس ھمت کان ڪم وٺ.

اتي نرس اچي ھن کي جھليو ته پليز توھان ھن کي جذباتي نه بڻايو، ذهن تي بار ناھي وجھڻو، زخم تازا آھن. نرس جواھر کي ٻاھر وٺي آئي جتي ايف آءِ اي جو اي ايس آءِ ۽ سپاھي ويٺل ھئا. جواھر ھنن کان پڇيو ته منھنجي ڀاءُ جي اھڙي حالت ڪيئن ٿي آھي، ھن اھڙو ڪھڙو ڏوھ ڪيو ھو جنھن کي اھڙي سخت سزا ڏني آھي. اي ايس آءِ چيو ڪابه اھڙي سخت سزا ڪونه ڏني آھي، معمول جي تفتيش جي دوران حادثو پيش آيو. جواھر چيو: منهنجو ڀاءُ ته معصوم شاگرد آھي ھن وٽ شاگرد تنظيم جا پمفليٽ هئا جن ۾ ڪوبه ملڪ دشمن مواد ڪونه ھو، توھان ھن تي تشدد ڪري وڏو ظلم ڪيو آھي، اسان عدالت وينداسين. اي ايس آءِ چيو: ڀلي عدالت وجڻ توھان جو حق آھي، پر اھو درست ناھي، اسان ٿرڊ ڊگري ٽارچر ھرگز ڪونه ڪيو آھي ۽ نه ئي انهيءَ جو ڪو ثبوت يا نشان آھي. ھي حادثو ٿيو جنھن ۾ ھن کي مٿي ۽ ڪنڌ ۾ ڌڪ لڳا آھن.. جواھر چيو: توھان به ڏسو پيا ته ھي ڪو سنگين خطرناڪ ۽ ملڪ دشمن معاملو ڪونھي ته پوءِ ھن مسئلي کي ھتي ئي ختم ڪريو، جيئن آئون پنھنجي ڀاءُ کي ڪراچي کڻائي وڃان، جتي ڪو بھتر علاج ٿي سگهي. اي ايس آءِ چيو: مان ڊي ايس پي صاحب سان ڳالھايان ٿو، ڪوشش ڪريون ٿا.

پوءِ جواھر علي ٻاھر اچي والد صاحب کي فون ڪري سڄي حقيقت ٻڌائي. والد به اھو ئي چيو: پوليس کي ڏي وٺ ڪري معاملو ختم ڪرائي ذلفي کي سڌو آغا خان اسپتال اچو. سکر مان روانو ٿيڻ کان اڳ اسان کي فون ڪجو ته اسان به ڪراچي پھچون…

۽ پوءِ ايئن ئي ٿيو، ٽن چئن ڏينھن کانپوءِ ڊاڪٽرن ڊگھو سفر ڪرڻ جي اجازت ڏني، اھو به اھڙي ايمبولينس ۾ جنهن ۾ آڪسيجن ۽ فرسٽ ايڊ جو سمورو انتظام ھو ۽ ھڪ ڊسپينسر به سفر ۾ گڏ رھيو.. ھي ڪراچي پھتا آغا خان اسپتال ۾ داخلا ٿي. ھتي وري سڀ ٽيسٽون ٿيون ته خبر پئي ڪنڌ واري ڌڪ ۾ ڪجھ بچاءُ ٿي ويو آھي، ھڏي ٽٽي ڪونھي، ٿوري گسڪي وئي آھي جيڪا جلدي صحيح ٿي ويندي، جيڪڏھن اھا ھڏي ٽٽي پوي ھا ته ھي سڄي حياتي ويھي نه سگھي ھا. بس ماءُ جي دعا عين موقعي تي پھتي ھئي. باقي مٿي وارو ڌڪ نقصان ڏيندڙ ھو، ان جا اثر پريشان ڪندڙ ھئا، ھن جي ياداشت تي به اثر ٿيو ھو، ماڻھو سڃاڻي به گھٽ پيو. ڳالھائي ته حيرت مان پيو ڏسي ۽ جڏهن جواب ڏي ٿو ته اهو سمجھ ۾ نٿو اچي. ڪيڏي مھل پنھنجي منھن پيو ڳالھائي. بهرحال اسپتال ۾ سڄو مھينو رھيو، اٿي ويھڻ، واش روم وڃڻ جيترو ھلندو ھو. سجاول وٺي آياسين، باقي علاج گھر ۾ جاري ھو. ھو تمام ڪمزور ٿي ويو ھو، مٿو گنجو پٽا ڳچيءَ ۾ ۽ پاھا مٿي تي ٻڌل هئس. مطلب سڃاڻڻ ۾ نه پيو اچي ته ڪو ھي اھو ئي خوبصورت ڇوڪرو آھي، جنهن کي ڇوڪريون مڙي ڏسنديون هيون، ھاڻ ھو گھر ۾ واڪ پيو ڪندو آھي، ڪيڏي مھل جوش ۾ اچي پوليس کي گاريون پيو ڏيندو آھي، ڪڏھن نعرہ پيو ھڻندو آهي. هو گھر ۾ ۽ وٿاڻ ۾ پيو ھلندو ھو. ڊاڪٽر چيو مٿي جو زخم ٺيڪ ٿئي ته ھن جي ذھني حالت بھتر ٿي ويندي…

ھوڏانھن مسرت کي خبر پئي ته ذوالفقار سان حادثو پيش آيو آھي، ھوءَ اندر ۾ تڙپي اٿي، پر ٻاھر ٻاڦ نه ڪڍي. هوءَ ذوالفقار جي ڪزن ۽ پاڙيسري سھيلي زرينا کان ھن جو حال احوال پڇندي رھندي ھئي.

ذوالفقار گھر مان ڪونه نڪرندو ھو، ٻن مھينن کانپوءِ ھن جو نفسياتي علاج شروع ٿيو جنهن ۾ بجليءَ جا شاڪ به هوندا هئا. جيڪو بيحد تڪليف ۾ ھوندو ھو، مختلف وقتن تي چار شاڪ لڳڻ کانپوءِ ھن ۾ ٿوري ماٺار آئي، پر بيحد ڪمزور ٿي ويو، مھينو کن ته بستري تي داخل ھو، ڳري ڪنڍا ٿي ويو ھو، رنگ به پيلو ٿي ويو ھئس. ڳالھائيندو گھٽ ھو، ماءُ ڀينر کي به مختصر ھا يا نه ۾ جواب ڏيندو ھو. ٿورو ٺيڪ ٿيو، ھلڻ لڳو ته گھر کان ٻاھر نڪري بيھندو ھو، گھٽي ۾ ٿورو واڪ ڪندو ھو، ڪو واقف يا پاڙيسري دعا سلام ڪندو ھو ته مختصر جواب، غور سان ڏسندو جھڙوڪر سڃاڻڻ جي ڪوشش پيو ڪري. ڪو ڇوڪرو چوندس اڙي ذلفي مان تنھنجو ڪلاس فيلو دوست فلاڻو آھيان ته ان کي به سڃاڻڻ جي ڪوشش ڪندي ڪنڌ لوڏي ھا ڪندو. ھرڪو ھن کي ڏسي افسوس ڪندو ھو ته ڇا ته خوبصورت ڇوڪرو ھو…

ھڪ ڏينھن ھڪ ھمراھ گھٽي ۾ مليو ھن کي سگريٽ ڏنائين ھن وٺي پيتي ته ھن کي لطف آيو، ٻئي ڏينھن ان ھمراھ جو انتظار ڪيائين، ھو آيو ان کان سگريٽ وٺي پيتو، ٽئي ڏينھن ان ھمراھ اڌ پاڪيٽ ھن کي ڏئي ڇڏيو ۽ پوءِ ھي پاڻ پاڪيٽ خريد ڪرڻ لڳو ۽ باقائده سگريٽ پيئڻ شروع ڪيائين. گھر وارن کيس گھڻو سمجھايو، پر ھن کي فائدو ٿيندو ھو. ذوالفقار جي گھر جي پٺيان ٻه ٽي گھٽين کانپوءِ ڦليلي واھ جي ڪناري گھاٽن وڻن جي ھڪڙي ھڙي ھئي، جتي ھڪ سيد جو ننڍي مزار ھئي، اتي اوتارو به ھو جتي شھر جا موالي چرس ڀنگ آفيم واپرائيندڙ ھئا. ھڪ ڏينھن اهو ھمراھ جنھن کيس سگريٽ ڏنا ھئا، ھن کي ان اوتاري تي وٺي ويو ۽ ھن  کي چرس ۽ ڀنگ پياريائين، جنهن مان ھن کي ايڏو ته لطف آيو جو ٻئي ڏينھن صبح ساڻ پھچي ويو ۽ پوءِ ھو عادي ٿي ويو، روزانو ويندو ھو سڄو ڏينھن اتي ھوندو ھو، چرس ۽ ڀنگ پي اتي ئي ڪير نياز جي ماني ڏئي ويندو ھئس ته موالي ھن کي به سڏي کارائيندا ھئا. سج لٿي کانپوءِ ذلفي جي ماءُ وڏي پٽ کي موڪليندي ھئي جيڪو ھن کي وٺي ايندو ھو ته ماءُ ھن کي ھٿ منھن ڌوئاري صاف ڪري ماني کارائي کير پياري سمھاريندي ھئي. ٻئي ڏينھن ماءُ کيس سمجهائيندي ھئي ته ابا ايڏانھن نه وڃ ڪيڏو ڪمزور ٿي ويو آھين، پر ھو خاموشي سان ھليو ويندو ھو…

ٻئي طرف مسرت ھن جي صحت لاءِ بيحد فڪرمند ھئي، ھن سان ملڻ لاءِ بيچين ھئي. ھن زرينا کي چيو ته ذوالفقار کي وٺي اچ، ڪيترائي مھينا ٿي ويا آھن ھن کي ڏٺي. زرينا ھن کي ٻڌايو ته ذلفي اڃان ٺيڪ ڪونھي، ذھني طرح تمام گهڻو پريشان آھي..

مسرت ويچاريءَ کي ڪھڙي خبر ته سال کن اڳ ھن پنھنجي جنھن حسين شھزادي کي ڏٺو ھو، جنھن خوبصورت محبوب سان پيار ڪيو ھو، اھو ڌرتي ماءُ جي عشق جي پولارن ۾ گم ٿي چڪو ھو. وطن جي راھن جي ڏکن ڏولاون، ڌوڙ مٽي ۽ دز ھن جي رنگ حسن و جمال کي ختم ڪري مٽائي ڇڏيو ھو. ھو ھاڻي اھو ذوالفقار نه رھيو ھو جيڪو ھن سال کن اڳ ڏٺو ھو.

اڇو کير جھڙو ھن جو رنگ، دونھاٽيل ڪارو ٿي چڪو ھو، بيحد ڪمزور پاسراٽيون نڪتل، ڳلن ۾ کٻا پيل، سنھري خوبصورت وار گم، مٿو گنجو ھو. پري کان جھڙو ڪو سٺ سالن جو پوڙھو پيو اچي. ھو جيڪو ھميشه بھترين ڪپڙا پائيندو ھو، ميرن گدلن ڪپڙن ۾ جھڙو ڪو فقير ھجي.

ٻيو ته ٺھيو سڀ ڪجھ وساري ڇڏيو، پر ھن جي محبوبا، ھن جو پيار، ھن جي حسين ترين مسرت به ھن کي ياد ڪونھي..

جڏھن سندس ڀاءُ جي نياڻي زرينا صبح جو اچي مسرت جو نياپو ڏنس ته ھل مسرت توھان کي سڏايو آھي. ھوءَ تمام گھڻو پريشان ۽ فڪرمند آھي ته ھو صرف اکيون ڦاڙي ھن کي ڏسندو رھيو، جھڙوڪر ھن ڪا اڻ ٿيڻي عجيب ڳالھ ڪئي آھي جيڪا ھن کي سمجھ ۾ نه پئي اچي ڪافي دير تائين حيرت مان ڏسندو رھيو ۽ پوءِ ھن جي اکين ۾ ڳوڙھا ڀرجي آيا ۽ ھو خاموشي سان اٿي ھليو ويو..

ان ڏينھن کانپوءِ جھڙوڪر ھن کي سڀ ڪجھ ياد اچي ويو ھجي، مسرت مسلسل ھن جي دل و دماغ تي ڇانيل رھي، ھن کي شديد احساس جرم ٿيڻ لڳو. ھن مسرت سان دوکو ڪيو آھي، ھن جي معصوم سچي پيار کي، ھن جي نازڪ جذبن ۽ سھڻن خوابن کي چڪنا چور ڪيو آھي، ھن جو ڪھڙو ڏوھ ھو، جنھن جي ھن کي ايڏي وڏي سزا ملي، ھن ته سچو پيار ڪيو ھو، ھن کي سھانا سپنا ته مون ڏيکاريا ھئا، ھن جي معصوم جذبن کي ھن ٺيس لڳائي ھئي، ھو ڏوھاري آھي، ان کي سزا ملڻ گھرجي. ھو قاتل آھي…

انھن ئي سوچن ۽ خيالن ۾ رھڻ لڳو ھو. ھڪ ڏينھن صبح جو ناشتو ڪري پھريون ڀيرو ماءُ کي چيائين مون کي پئسا ڏي. ھن کان اڳ ڪڏھن به پئسا نه گھريا ھئا. ماءُ ھن جي کيسي ۾ ٻه ٽي سئو وجھي ڇڏيندي ھئي. ماڻس حيران ٿي پڇيو، ابا ڇا ٿو وٺين، مان توکي گھرائي ڏيان. ھن چيو نه، ماڻس پرس مان پنج سئو رپيا ڪڍيا ته ھن ھٿ وڌائي ورتا ۽ پئسا کڻي ھليو ويو. سڌو آيو اوتاري تي، ھڪ موالي کي ٻه سئو رپيا ڏنائين ۽ چيو ته ڏيڊ سئو جا ٽي پوا چرس جا ۽ پنجاھ رپين مان ڀنگ ۽ مصالحو وٺي اچ. موالي ويو وٺي آيو، ٻن موالين ڀنگ گهوٽڻ شروع ڪئي ۽ ھڪڙي موالي کي ٻه پوا ڏئي چيو اٺ ڏھ سگريٽ تيار ڪري ڏي.

ڀنگ پي ۽ چرس جا ٻه سگريٽ پي ھي نڪتو، بس اسٽاپ تي اچي ٺٽي واري بس ۾ ويٺو، ڪينجھر اسٽاپ تي لٿو، شام جا پنج ٿيا ھئا، تفريحي ڪرڻ وارا ٻيڙين ۾ آيا ويا پئي، ھي به ڪناري تي پسار ڪندو رھيو. جڏھن سج ڪينجھر جي ڪنڌيءَ تي ڪنڌ رکيو، تفريحي ڪرڻ وارا به واپس ورڻ لڳا تڏھن ھن ھڪ ننڍي ٻيڙي واري مهاڻي سان ڳالهايو ته کيس نوري جي مزار تي وٺي هل ۽ صبح جو اچي مون کي واپس کڻجانءِ. مھاڻي ھڪ سئو رپيا ڀاڙو چيو، ھن سئو رپيا ڪڍي ڏنا، ٻيڙي واري انجڻ ۾ تيل ڀريو ۽ ھي به ٻيڙي ۾ ويٺو روانو ٿيو. مھاڻي ھن کان پڇيو ته سائين توھان اڪيلا سڄي رات ھتي ڇا ڪندا. ذوالفقار ناراضگي سان ھن کي غور سان ڏٺو، ڪو جواب نه ڏنو. وري مھاڻي جي ھمت نه ٿي، تيز مخالف ھوا جي ڪري ٻيڙي تيزيءَ سان ھلڻ لڳي، نما شام وقت نوري جي مزار تي پھتا. ھو چاڙھيون چڙھي مٿي ھليو ويو، مھاڻو حيرت مان کيس ڏسندو رهيو.

ھن نوري جي مزار جا ٻه ٽي چڪر ڪاٽيا ۽ پوءِ ھوا جي اوٽ ۾ ديوار کي ٽيڪ ڏئي ويٺو ۽ سگريٽ ڇڪڻ لڳو. اونداھي رات ھئي، پر تارن جي سھائي جي ڪري سڀ ڪجھ نظر اچي رھيو ھو. ھن ٻه سگريٽ ڇڪيا، ديوار کي ٽيڪ ڏئي خبر ناھي ڇا ڇا سوچيندو رھيو. رات جا ٻارنھن ٿيا، تيز ھوا سان پاڻي جون لھرون ديوار سان ٽڪرائجڻ لڳيون، مڇين، جيتن جڙن جا عجيب آواز ۽ پاڻي جا شپڪا ھوا جا زوزاٽ عجيب خوفناڪ ماحول پيدا ڪري رھيا ھئا. ھن کي ڊپ ته ڪونه ٿيو، پر نڙي خشڪ ٿي وئي ھئس، ڀر ۾ مٽ پيل ھو، ھن مٽ ۾ ڏٺو ته ڌپ وارو پاڻي ھو، اٿيو سيڙهيون لھي ڪينجھر مان ٻڪ ڀري پاڻي پيتو. وري اچي ويٺو، سگريٽ پيئندو رھيو.

جڏھن رات جا چار ٿيڻ وارا ھئا، اتر اوڀر کان اڌ الاڙو چنڊ، پيلي روشني سان پنھنجي منزل ٿورو مٿي چڙھي آيو، ھوا به جھڪي ٿي وئي، ھن آخري ٻه سگريٽ چرس وارا پي، اٿي نوري جي قبر جي طرف ٻه ڦيرا ڏئي آھستي آھستي چاڙھين جي گيٽ وٽ بيٺو. سامھون وشال ڪينجھر جي پرسڪون سطح کي ڏسڻ لڳو، خبر ناھي ڇا سوچيندو رھيو. ٻئي طرف ٺيڪ ان مهل مسرت ننڊ مان جاڳي رڙيون ڪرڻ شروع ڪيون، پاسي ۾ ستل ڀيڻ جاڳي ڏٺو ته هن جي طبيعت ٺيڪ ناهي. هن گهروارن کي ٻڌايو ته ڀيڻ جي دل تيزيءَ سان ڌڙڪي رهي آهي. ٿوري دير کانپوءِ مسرت جي در جي طرف پاڙي جو ڊاڪٽر وزيٽنگ بيگ کڻي سندس ڀاءُ گڏ اچي رهيو هو.

چرس جي سگريٽن نشا چوٽ تي چاڙھي ڇڏيا ھئا،ڳھر واري حالت ۾ ھن جيون اکيون مشڪل سان پيون کلن، اڌ کليل اکين سان پري ڪينجھر تي ھڪ ھندورو ترندو نظر آيو، جيڪو پرسڪون لھرن تي لڏندو پيو اچي، ھن کي لڳو ھندوري ۾ مسرت ڳاڙھي عروسي لباس ۾ بيحد حسين لڳي رھي آھي ۽ ھوءَ پنھنجي ٻنھي ھٿن سان ھن کي سڏي رھي آھي، ھو چاڙھيون لھي آيو ۽ اچي ڇاتي تائين پاڻي ۾ بيٺو، ھندورو قريب آيو ته مسرت ھٿ اڳتي ڪيو، ھو ان جو ھٿ جھلي ھندوري ۾ آيو ۽ مسرت جي گوڏي تي ڪنڌ رکي ليٽي پيو، ھندورو ترندو ويو. ڪينجھر پنھنجي ھنج ۾ ھن شخص کي جنهن کي ماڻهن سان محبت هئي کڻي ھيٺ نوريءَ جي ڀر ۾ ليٽائي ڇڏيو.

***