طالبان جا ٻنهي ملڪن (افغانستان ۽ پاڪستان) ۾ ڌار ڌار گروهه آهن، اهي هڪٻئي سان پنهنجا نظريا ۽ وفاداريون ونڊيندا رهن ٿا، جيڪا ڳالھه ٽي ٽي پي طالبان جي افغانستان تي قبضي کانپوءِ ورجائي وئي. جيتوڻيڪ پاڪستان “گُڊ ۽ بيڊ طالبان” واري حڪمت عملي تي عمل ڪري ٿو، جنهن سان پاڪستان هندستان جي مقابلي ۾ افغانستان ۾ پنهنجي اولھه سرحد تي هڪ نرم ۽ اسلامي طاقت کي ممڪن بڻائي ٿو. ڇو ته “خراب طالبان” جو مقصد پاڪستاني رياست جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ شريعت جي قانون کي قائم ڪرڻ آهي، جنهن کي هڪ دهشتگرد خطرو سمجهيو ويندو آهي. پاڪستان جي اتر اولھه خيبر پختونخواهه صوبي ۾ ٽي ٽي پي جو حملو ڪجھه ڏينهن بعد ٿيو، جڏهن ڏکڻ اولھه بلوچستان صوبي ۾ نَوَ پاڪستاني فوجي مارجي ويا هئا، جن ۾ پاڪستاني عملدارن چيو هو ته افغانستان ۽ هندستان منصوبابندي ڪندڙن ۾ شامل آهن. جڏهن ته هندستاني اختياريون بلوچ عليحدگي پسندن جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿيون، انهن حملن سبب مغربي سرحد پار نئين طالبان حڪومت سان پاڪستان جي خراب لاڳاپن پهريون ڀيرو جنم ورتو ۽ پاڪستان خلاف حملن لاءِ افغان سر زمين جي استعمال جي مذمت ڪئي وئي ۽ خبردار ڪيو ويو ته عبوري افغان حڪومت مستقبل ۾ پاڪستان خلاف اهڙين سرگرمين جي اجازت نه ڏيندي، پر پاڪستاني الزام طالبان جي قبضي کانپوءِ پهريون ڀيرو لڳايا ويا ۽ عوامي طور تي اعلان ڪيو ويو ته افغان سر زمين کي سرحد پار بين الاقوامي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ستم ظريفي اها به هئي ته پاڪستان شڪايت ڪرڻ وارو پهريون ملڪ هو، پر افغانين تي اهو الزام نه لڳو، جيڪي ڊگهي عرصي کان پاڪستان تي طالبان ۽ ٻين جهادي گروپن جي مدد جو الزام لڳائي رهيا هئا.
سيڪيورٽي ڪيترن ئي افغانين لاءِ هڪ تڪراري دعويٰ آهي، جن ۾ اغوا ٿيل عورتن جي حقن جون ڪارڪن شامل هيون، جيڪي هفتن کان گم هيون ۽ شيعه هزاره اقليت جا ميمبر، جن کي اسلامي رياست گروپ جي مقامي خراسان شاخ، داعش (ڪي) سان منسوب موتمار حملن ۾ نشانو بڻايو ويو هو. انهيءَ دوران پاڪستان ۾ گذريل ڪجھه هفتن دوران وڌندڙ حملن فوج جي ڊگهي راند واري پاليسي تي سوال اٿاريا ته جهادي خطرن جي باوجود افغان طالبان جي حمايت ڪئي وڃي. ڪافي سالن کان پاڪستان مطالبو ڪري رهيو هو ته افغانستان ۾ حڪومت افغان سر زمين تي پاڪستان مخالف گروپن جي خطري کي روڪي ۽ اها اميد ڪئي وئي ته افغانستان ۾ هڪ نئين دوستاڻي حڪومت سان پاڪستان کي ماضي کان وڌيڪ مدد ملندي. واشنگٽن ڊي سي ۾ قائم ولسن سينٽر جي مائيڪل “ڪوگلمين فرانس” هڪ انٽرويو ۾ چيو ته خطي ۾ سيڪيورٽي خطرن جا نشان ڏسجن ٿا ۽ اسان پاڪستاني طالبان جي ٻيهر اڀرڻ کي ڏسي رهيا آهيون، انهي سان گڏ بلوچ عليحدگي پسند گروپ حملن کي تيز ڪري رهيا آهن. ان جو مطلب اهو آهي ته (افغان) طالبان هڪ بي عيب وجود ناهي، ڪنگس ڪاليج لنڊن جي جنگي مطالعي جي شعبي جي عائشه صديقه هڪ انٽرويو دوران چيو ته پاڪستان طالبان جي حمايت جاري رکي سگهي ٿو، پر طالبان کي ٽي ٽي پي تي پابندي لڳائڻ جي حوصلا افزائي ڪرڻ يا قائل ڪرڻ ۾ رياست جو پنهنجو ڪنٽرول آهي. ڪوگلمين مطابق اهو رياستي عسڪري صلاحيت جو معاملو آهي جو طالبان ڪيترن سالن تائين هڪ ڪامياب بغاوت هلائي رهيا آهن ۽ رياست ٽي ٽي پي کي عسڪري طاقت سان منهن ڏنو، پر اهو لڳي ٿو ته اهو مسئلو رياستي مرضي جو آهي، جو طالبان ٽي ٽي پي جي خلاف زبردستي حڪمت عملي استعمال ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. ڇاڪاڻ ته رياستي گروهن جو ٽي ٽي پي سان ويجهو تعلق آهي. خاص طور تي اسلامي جنگجو گروپ هڪ ئي نظرياتي فيبرڪ مان تيار ٿيل آهي.
ٻن ڏهاڪن تائين “سٺا ۽ خراب طالبان” پاليسي تي عمل ڪرڻ کانپوءِ، پاڪستان هاڻي پنهنجي افغان حامي “سٺو پاڪستان ۽ خراب پاڪستان” واري پريشان ڪندڙ منظرنامي سان منهن ڏئي رهيو آهي، حالانڪه “سٺي” پاڪستاني طالباني اڳواڻن کي آمريڪي اڳواڻن ۽ فوجن کان بچڻ ۾ مدد ڪئي، جڏهن ته مغرب کان ورتل ڪجھه وسيلن کي طالبان ڏانهن موڙيو ويو. ڇو ته طالبان کي جواب ڏيڻ جي ذميواري رياست جي فرضن ۾ شامل هئي. افغان طالبان 15 آگسٽ 2021 تي ڪابل جي چارج سنڀالڻ کانپوءِ پنهنجي پٺڀرائي ڪندڙن کي پنهنجي آزادي جو اشارو ڏنو، جڏهن هن گروپ جي اڳوڻي ڊپٽي چيف فقير محمد سميت هزارين ٽي ٽي پي قيدين کي آزاد ڪيو ويو. اهو قدم فوري طور تي ان وقت ورتو ويو جڏهن ٽي ٽي پي افغان طالبان جي قبضي جي تعريف ڪئي ۽ طالبان اڳواڻ هيبت الله اخوندزاده جي وفاداري جو واعدو ڪيو. هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان جهادي تنظيمن ۾ رهڻ کانپوءِ، ٽي ٽي پي تي پاڪستان ۾ سوين حملن جو الزام لڳايو ويو، جنهن ۾ 2014 ۾ پشاور ۾ هڪ آرمي اسڪول ۾ لڳ ڀڳ 150 ٻارن جو قتل عام شامل هو ۽ اهڙين ظالماڻين ڪاررواين جي باوجود پاڪستان افغان طالبان تي ۽ انهن جي پاڪستاني ساٿين (ٽي ٽي پي) تي ڪريڪ ڊائون ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو.
ان جي بدران افغان طالبان ٽي ٽي پي ۽ پاڪستاني حڪومت جي وچ ۾ ڳالهين کي آسان بڻائڻ جي آڇ ڪئي. اها هڪ اهڙي پيشڪش هئي جيڪا پاڪستان قبول ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ ٻئي ڌريون نومبر 2024 ۾ هڪ مهيني جي جنگ بندي تي متفق ٿي ويون، پر امن ڳالهيون ٿيڻ کانپوءِ جنگ بندي 9 ڊسمبر 2024 تي ختم ٿي وئي ۽ طئي ٿيو ته پاڪستان افغانستان ۾ ٽي ٽي پي جي ٺڪاڻن تي سرحد پار حملا ڪندو، پر اهو افغانستان ۾ نئين خود مختيار طاقت سان تڪرار وڌائيندو، ڇو ته سرحد جي ٻنهي پاسن کان پشتون علائقا آهن. طالبان جي قبضي کان اڳ پاڪستان آمريڪي انٽيليجنس جي ڊرون حملن ۾ ٽي ٽي پي مخالف جنگ ۾ آمريڪا جي مدد ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ گروپ جي اعليٰ اڳواڻن کي قتل ڪيو ويو هو، جن ۾ 2012 ۾ حڪيم الله محسود ۽ 2018 ۾ سندس جانشين مولانا فضل الله شامل هئا. ڪوگلمين مطابق اها ستم ظريفي هئي، ڇاڪاڻ ته پاڪستان اڪثر شڪايت ڪندو هو ته آمريڪا ڪڏهن به پاڪستان جي دهشتگردي جي خدشن کي حل نه ڪيو آهي، پر اڄ پاڪستان پنهنجي آمريڪي دشمن کان ٿوري مدد جو امڪان به نٿو رکي، توڻي جو ٽي ٽي پي آمريڪا جي ترجيح ناهي يا ڳالھه اها به آهي ته پاڪستان آمريڪا تي دهشتگردي جي خلاف مدد فراهم ڪرڻ تي ڀروسو نٿو ڪري سگهي. ڇاڪاڻ ته آمريڪا هاڻي پنهنجن مفادن ۽ القاعده جي ممڪنا خطرن تي ڌيان ڏئي رهيو آهي. افغانستان ۽ ايران سان ملندڙ پاڪستان جي بنجر، پر معدنيات سان مالا مال بلوچستان صوبي ۾، ٽي ٽي پي جي قبائلي مرڪزن جي اولھه ۾ هڪ نئون خطرناڪ محاذ کلي رهيو آهي. توڻي جو بلوچ عليحدگي پسند ڪيترن ئي سالن کان ڏکڻ اولھه صوبي ۾ گهٽ شدت جي بغاوت ڪري رهيا آهن، پر سياسي ۽ معاشي پسماندگي جي ڪري، بلوچستان غريب ترين صوبي جي حيثيت ۾ ڦاسي پيو آهي.
پاڪستاني فوج آخرڪار عليحدگي پسندن جي چئن ڏينهن جي حملن کي ختم ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي، جيڪي گذريل مهينن ۾ فوجي پوسٽن تي شروع ٿيا هئا، جنهن ۾ عليحدگي پسند بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) تازي حملي جي دعويٰ ڪئي هئي، جنهن ۾ سرڪاري انگن اکرن موجب نو پاڪستاني فوجي مارجي ويا هئا. اهو گذريل مهيني بلوچ عليحدگي پسندن جي تنبيهه کانپوءِ ڪيترن ئي حملن جي پٺيان ٿيو جنهن ۾ خدشا ظاهر ڪيا ويا ته چيني سيڙپڪاري پاڪستان ۾ محفوظ ناهن، توڻي جو چين پاڪستان لاءِ هڪ اهم اتحادي آهي، جيڪو چين جي “بيلٽ اينڊ روڊ انيشيئيٽو” جو حصو آهي ۽ چين پاڪستان اقتصادي راهداري منصوبي ۾ به حصو آهي، جيڪو چين جي مغربي سنڪيانگ علائقي کي بلوچستان ۾ گوادر جي اسٽريٽجڪ بندرگاهه سان ڳنڍي ٿو. طالبان چين کي افغانستان جو دوست پڻ سمجهن ٿا ۽ ممڪن آهي ته چين افغان سر زمين تي اويغور شدت پسندن کي ڪڍڻ جي درخواستن کي جيترو جلد ٿي سگهي ٿو حل به ڪري، جيڪو پاڪستاني “ٽي ٽي پي” جي ڪريڪ ڊائون کي آسان بڻائيندو. چين اڃان تائين پاڪ فوج جي امدادي ڪردار ادا ڪرڻ جو حامي ناهي رهيو، پر جيڪڏهن بلوچستان جي حملن ۾ هندستان جي ملوث هجڻ جون دعوائون سچيون ثابت ٿيون ته چين پنهنجي جيو اسٽريٽجڪ حريف خلاف پوئتي ٿيڻ تي مجبور ٿي سگهي ٿو، ڇو ته ڀارت اڳي ئي ايٽمي ملڪن کي آتشگيري ۾ ڌڪي رهيو آهي. جڏهن ته هندستان ۽ پاڪستان جي وچ ۾ الزام، جوابي الزام ۽ انڪار هڪ روايتي راند رهيا آهن. ڪوگلمين نوٽ ٿو ڪري ته بلوچستان ۾ تازا حملا علائقائي سيڪيورٽي لاءِ هڪ خطرناڪ جُز ٿي سگهن ٿا. توڻي جو پاڪستان ۾ ٻاهرين مداخلت بابت قياس آرائيون رهنديون آهن، پر بلوچستان ۾ جيڪو ڪجھه ٿي رهيو آهي اهو حيرتناڪ آهي. ڪوگلمين مطابق مسئلو اهو آهي ته پاڪستان گهڻو ڪري ٻاهرين يا لڪيل هٿن تي ڌيان ڏيندو آهي، پر ظاهري حقيقتن تي ڌيان نٿو ڏئي ته انهن حملن جا سبب ڪهڙا آهن ۽ بغاوت جو مقصد آخر ڇا آهي؟ ان ڪري رياستي اختيارين جي ٻاهرين ملڪن تي الزام تراشي واري راند بند ٿيڻ گهرجي. پاڪستان توڻي جو باھ سان کيڏي رهيو آهي، جنهن جا نتيجا اگرا نڪرندا. ڪوگلمين مطابق پاڪستان مخالف ملڪن جي پوري رينج رياست جي پٺيان لڳي پئي آهي، جيڪا هڪ دور انديشي واري عينڪ سان سڏجي ته ڏکڻ ايشيا ۽ خاص ڪري وچ ايشيائي ملڪن جي سيڪيورٽي جي خطرن جي نشاندهي ڪري ٿي، جنهن جي لاءِ رياست کي سوچڻ گهرجي.