طالبان جا ٻنهي ملڪن (افغانستان ۽ پاڪستان) ۾ ڌار ڌار گروهه آهن، اهي هڪٻئي سان پنهنجا نظريا ۽ وفاداريون ونڊيندا رهن ٿا، جيڪا ڳالھه ٽي ٽي پي طالبان جي افغانستان تي قبضي کانپوءِ ورجائي وئي. جيتوڻيڪ پاڪستان “گُڊ ۽ بيڊ طالبان” واري حڪمت عملي تي عمل ڪري ٿو، جنهن سان پاڪستان هندستان جي مقابلي ۾ افغانستان ۾ پنهنجي اولھه سرحد تي هڪ نرم ۽ اسلامي طاقت کي ممڪن بڻائي ٿو. ڇو ته “خراب طالبان” جو مقصد پاڪستاني رياست جو تختو اونڌو ڪرڻ ۽ شريعت جي قانون کي قائم ڪرڻ آهي، جنهن کي هڪ دهشتگرد خطرو سمجهيو ويندو آهي. پاڪستان جي اتر اولھه خيبر پختونخواهه صوبي ۾ ٽي ٽي پي جو حملو ڪجھه ڏينهن بعد ٿيو، جڏهن ڏکڻ اولھه بلوچستان صوبي ۾ نَوَ پاڪستاني فوجي مارجي ويا هئا، جن ۾ پاڪستاني عملدارن چيو هو ته افغانستان ۽ هندستان منصوبابندي ڪندڙن ۾ شامل آهن. جڏهن ته هندستاني اختياريون بلوچ عليحدگي پسندن جي مدد ڪرڻ کان انڪار ڪن ٿيون، انهن حملن سبب مغربي سرحد پار نئين طالبان حڪومت سان پاڪستان جي خراب لاڳاپن پهريون ڀيرو جنم ورتو ۽ پاڪستان خلاف حملن لاءِ افغان سر زمين جي استعمال جي مذمت ڪئي وئي ۽ خبردار ڪيو ويو ته عبوري افغان حڪومت مستقبل ۾ پاڪستان خلاف اهڙين سرگرمين جي اجازت نه ڏيندي، پر پاڪستاني الزام طالبان جي قبضي کانپوءِ پهريون ڀيرو لڳايا ويا ۽ عوامي طور تي اعلان ڪيو ويو ته افغان سر زمين کي سرحد پار بين الاقوامي دهشتگردي لاءِ استعمال ڪيو پيو وڃي. ستم ظريفي اها به هئي ته پاڪستان شڪايت ڪرڻ وارو پهريون ملڪ هو، پر افغانين تي اهو الزام نه لڳو، جيڪي ڊگهي عرصي کان پاڪستان تي طالبان ۽ ٻين جهادي گروپن جي مدد جو الزام لڳائي رهيا هئا.