پاڪستان پيپلز پارٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري سينيٽر تاج حيدر هڪ نظرياتي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي فلسفي جو هڪ چمڪندڙ ستارو هو. هن پنهنجي سڄي زندگي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڀٽو خاندان ۽ پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ سان نڀائي. اڄ تاج حيدر جو سفر ختم ٿي ويو. پاڻ ذهني ۽ فڪري بي حسي جي شڪار سماج جو هڪ روشن خيال مفڪر ۽ بهترين ليکڪ هو. هن پاڪستان ٽيليويزن لاءِ ڪيترائي ڊراما پڻ لکيا. هو پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان سياسي عمل ۾ سرگرم ٿيو ۽ وقت جي سختين ۽ رياستي جبر جي باوجود پنهنجي پارٽي سان ثابت قدم رهيو. سينيٽر تاج حيدر پاڪستان پيپلز پارٽي جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ هو. ان کان اڳ هو پيپلز پارٽي سنڌ جو سيڪريٽري جنرل به رهيو. تاج حيدر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني ميمبرن مان ھو. 1995 ۾ پهريون دفعو پ پ جي ٽڪيٽ تي سينيٽر چونڊيو ويو. ان کانپوءِ 2015 ۾ ٻيو دفعو ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي خالي ڪيل ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تان 5 سالن لاءِ سينيٽر چونڊجي ويو. ٽيون دفعو پڻ سينيٽ آف پاڪستان جو ميمبر چونڊيو ويو. تاج حيدر 8 مارچ 1942ع تي راجسٿان جي علائقي ڪوتاهه راجسٿان جي علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ جنم ورتو، سندس والد پروفيسر ڪرار حسين ميرٺ ڪاليج ۾ انگريزي ادب جو استاد هو ۽ هو 1948ع ۾ پاڪستان لڏي آيو. تاج حيدر پنهنجي ابتدائي تعليم ڪراچي جي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول رڻڇوڙ لائينز مان حاصل ڪئي. انٽرميڊئيٽ خيرپور ڪاليج سنڌ مان ڪئي.