بلاگنئون

سينيٽر تاج حيدر جمهوريت جو انمول هيرو

پاڪستان پيپلز پارٽي جو مرڪزي جنرل سيڪريٽري سينيٽر تاج حيدر هڪ نظرياتي ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي فلسفي جو هڪ چمڪندڙ ستارو هو. هن پنهنجي سڄي زندگي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو، محترمه بينظير ڀٽو ۽ مرڻ گهڙيءَ تائين ڀٽو خاندان ۽ پيپلز پارٽيءَ سان وفاداريءَ سان نڀائي. اڄ تاج حيدر جو سفر ختم ٿي ويو. پاڻ ذهني ۽ فڪري بي حسي جي شڪار سماج جو هڪ روشن خيال مفڪر ۽ بهترين ليکڪ هو. هن پاڪستان ٽيليويزن لاءِ ڪيترائي ڊراما پڻ لکيا. هو پيپلز پارٽيءَ جي پليٽ فارم تان سياسي عمل ۾ سرگرم ٿيو ۽ وقت جي سختين ۽ رياستي جبر جي باوجود پنهنجي پارٽي سان ثابت قدم رهيو. سينيٽر تاج حيدر پاڪستان پيپلز پارٽي جو مرڪزي سيڪريٽري جنرل پڻ هو. ان کان اڳ هو پيپلز پارٽي سنڌ جو سيڪريٽري جنرل به رهيو. تاج حيدر پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي باني ميمبرن مان ھو. 1995 ۾ پهريون دفعو پ پ جي ٽڪيٽ تي سينيٽر چونڊيو ويو. ان کانپوءِ 2015 ۾ ٻيو دفعو ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي خالي ڪيل ٽيڪنوڪريٽ سيٽ تان 5 سالن لاءِ سينيٽر چونڊجي ويو. ٽيون دفعو پڻ سينيٽ آف پاڪستان جو ميمبر چونڊيو ويو. تاج حيدر 8 مارچ 1942ع تي راجسٿان جي علائقي ڪوتاهه راجسٿان جي علمي ۽ ادبي گهراڻي ۾ جنم ورتو، سندس والد پروفيسر ڪرار حسين ميرٺ ڪاليج ۾ انگريزي ادب جو استاد هو ۽ هو 1948ع ۾ پاڪستان لڏي آيو. تاج حيدر پنهنجي ابتدائي تعليم ڪراچي جي گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول رڻڇوڙ لائينز مان حاصل ڪئي. انٽرميڊئيٽ خيرپور ڪاليج سنڌ مان ڪئي.

 1962ع ۾ ڪراچي يونيورسٽي مان بي ايس سي آنرز ڪرڻ بعد رياضي ۾ ايم ايس سي جي ڊگري حاصل ڪئي ۽ مقامي ڪاليج ۾ تدريسي خدمتون انجام ڏيڻ شروع ڪيون. بعد ۾ هو ڪراچي يونيورسٽي منتقل ٿيو. ڪريئر دوران هن عام فرق واري مساواتن ۽ ملٽي ويئريئيبل ڪيلڪيولس جي موضوعن تي ڌيان ڏنو ۽ پاڪستان ميٿيميٽيڪل سوسائٽي جو رڪن رهيو. اردو ادب، ڊراما نويسي ۽ فنون لطيفه سان سندس وڏو لڳاءُ ھو. پاڻ کاٻي ڌر جو مارڪسي دانشور ھو. 1970ع واري ڏهاڪي ۾، هن ايٽمي هٿيارن جي منصوبن بابت عوامي پاليسين جي ترتيب ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن ڪيترن ئي سفارتي موقعن تي ايٽمي هٿيارن جي معاملن تي اخلاقي موقف اختيار ڪرڻ لاءِ پنهنجون مهارتون مهيا ڪيون. ايٽمي پروگرام بابت هن چيو ته: “پاڪستان جي ايٽمي بم پروگرام جي پرامن ارادي کي جارحاڻي نموني اجاگر ڪرڻ جي ضرورت هئي. 2006ع ۾ کيس 13هين پي ٽي وي ايوارڊ رائيٽر بيسٽ ڊراما سيريل جو مليو. 2012ع ۾ سائنسي خدمتن تي ستاره امتياز سان نوازيو ويو.

تاج حيدر هڪ سادي سوچ رکندڙ ۽ گفتار جو ماهر هو. هن پنهنجو پاڻ کي لالچ ۽ خواهشن کان بچايو. هن پنهنجي زندگيءَ کي لکڻ ۽ تاليف ڪرڻ لاءِ وقف ڪري ڇڏيو هو، پر ڪجهه عرصي کان پوءِ وري سياسي ڪم ڏانهن موٽي آيو. پاڪستان ۾ عوامي جمهوريت جي قيام لاءِ سندس جدوجهد سياسي تاريخ جو هڪ روشن باب آهي. سندس وجود هڪ اهڙي سماج جو ٻوٽو هو، جنهن ۾ رياستي سرپرستي ۾ خود غرض تعصبن ۽ انتهاپسنديءَ سان غير رياستي ويڙهاڪيءَ جا ٻج پوکيا ويندا هئا. هن پنهنجي روشن خياليءَ جو اظهار انتهائي سادگيءَ سان ڪيو، اهڙا ماڻهو آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مس آهن. تاج حيدر جو خيال هوندو هو ته پاڪستان جي رياست ۽ عوام ٻنهي کي ان حقيقت کي تسليم ڪرڻ گهرجي ته تاريخ ۾ زنده رهڻ لاءِ انسانيت، برابري، انصاف ۽ علم ضروري آهن.

هڪ انٽرويو دوران کانئس سوال ڪيو ويو ته 1988ع جو اقتدار رياست سان ٺاهه تحت حاصل ڪيو ويو، ان مفاهمت جي سياست پيپلز پارٽي کي ڇا ڏنو؟ رياست توهان کي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ۽ توهان تي ڪرپشن جو الزام لڳايو ۽ ايوان کان ٻاهر ڪڍيو ويو؟

تنهن تي هن بنا ڪاوڙ جي جواب ڏيندي چيو ته ڪنهن به سياسي پارٽيءَ کي رياست سان بندوق سان وڙهڻ جي ضرورت ناهي، پر اها ان جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي حمايتين ۽ عوام کي بدترين حالتن ۾ محفوظ طريقي سان اڳتي وٺي وڃي. پيپلز پارٽي به ائين ئي ڪيو. مطلب ته کيس سياست جي اصولن قاعدن ۽ قانونن جي چڱي ريت ڄاڻ هئي. پاڻ نه رڳو پنهنجي پارٽيءَ جي غلطين تي کليل نموني بحث ڪندا هئا، پر انهن غلطين جي سڌارن لاءِ جاندار ڳالهيون به ڪندا هئا. سندس سڀ کان وڏي خوبي اها هوندي هئي ته پاڻ هر ڪنهن کي سوال پڇڻ جي مڪمل آزادي ڏيندا هئا ۽ سوال ڪندڙ کي همٿائيندا هئا جيڪو حقيقي جمهوريت جو روح آهي. سينيٽر تاج حيدر نظرياتي سياست جو علمبردار ۽ جمهوريت جو سچو سپاهي هو، جنهن پنهنجي سڄي زندگيءَ ۾ شفافيت ۽ سماجي انصاف لاءِ بيحد جدوجهد ڪئي. سندس ڪيل خدمتون مشعل راهه آهن. جنهن کي هڪ سوچيندڙ سياستدان، ليکڪ ۽ دانشور جي حيثيت سان هميشه ياد رکيو ويندو، ڇو ته پاڻ پارٽي جي تنظيمي ڍانچي کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن هميشه عوام جي حقن ۽ آئين جي بالادستي لاءِ آواز بلند ڪيو سندس وڇوڙو هڪ ناقابل تلافي نقصان آهي سندس خال سالن تائين ڀرجي نه سگهندو.