خاصنئون

سنڌ حڪومت هڪ ڏهائي ٻه کرب رپين جو بجيٽ منظور ڪري ڇڏيو

سنڌ حڪومت ڪالهه هڪ ڏهائي ٻه کرب رپين جو بنا خساري وارو بجيٽ پيش ڪري ڇڏيو آهي. بجيٽ پاس ڪرڻ کان پهرين هڪ هفتي تائين 168 مان 120 ميمبرن پاران ان تي بحث ڪيو ويو. ملڪ ۾ ڪجهه عرصي کان هلندڙ مهانگائي واري طوفان ۾ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خزاني وارين بينچن پاران بجيٽ کي پسند ڪيو ويو. جڏهن ته مخالف ڌر بجيٽ ۾ ڊولپمينٽ لاءِ ڌيان نه ڏيڻ تي بجيٽ جي مخالفت به ڪئي. بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ پگهارن ۽ پينشن ۾ 15 سيڪڙو واڌ ۽ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 17000 ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. پينشنر هاڻي پنهنجي پگهار سڌي ريت اڪائونٽ مان حاصل ڪندا.