يورپ جي ملڪن ۾ گرمي جي لهر
يورپ ۾ گرمي جي تيز لهر ڇانئجي وئي. فرانس، جرمني، اسپين ڊينمارڪ، آسٽريا سميت سئٽزرلينڊ گرمي پد 40 ڊگري ٿي ويو آهي. يورپ جا ماڻهو گرمي کان پاڻ بچائڻ ۾ مصروف ٿي ويا آهن آهن. جڏهن ته ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ گرمي ۾ سخت تيزي اچڻ جي پيشن گوئي به ڪئي وئي آهي. گرمي وڌڻ سبب ماڻهن واٽر پارڪن، دريائن ۽ سمنڊ جو رخ ڪري ورتو آهي. موسميات کاتي جي ماهرن جو چوڻ آهي ته گرمي پد 40 ڊگري کان وڌي سگهي ٿو.

