خاص

نڪاح نامو فارم ۾ ختم نبوت بابت اهم اڳڀرائي

نڪاح نامو فارم ۾ ختم نبوت جو حلف نامو لازمي شامل ڪرڻ تي اسيمبلي ميمبرن ڌيان ڇڪايو، نوٽيس قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪري ڇڏيو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ اسيمبلي ميمبرن نڪاح نامي ۾ ختم نبوت جو حلف نامو لازمي شامل ڪرڻ تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪري ڇڏيو ۽ نوٽيس جي فوري منظوري جو مطالبو ڪيو آهي. ڌيان ڇڪايو نوٽيس نور عالم خان، صلاح الدين ايوبي، شگفته جماڻي، عاليه ڪامران ۽ جمال الدين طرفان پيش ڪيو ويو. ان حوالي سان اسپيڪر راجا پرويز اشرف حڪومت کان نڪاح فارم ۾ ختم نبوت جو حلف نامو لازمي شامل ڪرڻ جي حمايت ڪري رهيو آهي ته هن تي قانون سازي ڪئي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڌيان ڇڪايو نوٽيس قانون سازي جي بل جي تياري لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي کي موڪليو ويو.