خاص

سلامتي ڪائونسل جو اجلاس: غزه ۾ جنگ بندي بابت روسي ٺهراءُ ناڪام

سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ غزه ۾ انساني بنيادن تي جنگ بندي لاءِ روسي ٺهراءُ ناڪام ٿي ويو آهي، ٺهراءُ جي منظوري لاءِ 9 ووٽ گهربل هئا، پر ٺهراءُ جي حق ۾ 5 ۽ مخالفت ۾ 4 ووٽ پيا. گڏيل قومن ۾ غزه اسرائيل جنگ تي سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ روس طرفان جنگبندي لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو ويو، جيڪو ناڪام ٿي ويو. روسي ٺهراءُ ۾ انساني بنيادن تي جنگ بندي جو مطالبو ڪيو ويو هو، جڏهن ته ٺهراءُ ۾ يرغمال ٿيلن جي آزادي، انساني امداد جي رسائي، غزه ۾ عام شهرين جي محفوظ لڏپلاڻ جو به مطالبو ڪيو ويو هو. ٺهراءُ جي حق ۾ چين، گڏيل عرب امارات، گبون ۽ موزمبيق حمايت ڪئي، جڏهن ته آمريڪا، برطانيا، فرانس ۽ جاپان مخالفت ۾ ووٽ ڏنا، البانيه، برازيل، ايڪواڊور، گهانا، مالٽا ۽ سوئٽزرلينڊ ووٽنگ دوران غير حاضر رهيا.