سنڌ ۽ بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان برسات

بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ زوردار وسڪارن جو سلسلو جاري آهي، ٻوڏ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. ڪوهلو ۾ مسلسل 9 ڪلاڪ برسات سبب نيصوبه ڊيم جي اسپل وي کان پاڻي خارج ٿيڻ ڪري ندي نالن ۾ چاڙهه ٿي ويو آهي، بولان ندي ۾ چاڙهه سبب عارضي پنجره پل لڙهي وئي. سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائيندڙ قومي شاهراهه يارو ڪاز وي ۽ پنجره پل  وٽان ٽريفڪ معطل ٿي وئي، چمن، قلات، سبي، زوب، لورالائي، قلعه عبدالله، زيارت، قلعه سيف الله، مسلم باغ، هرنائي، دڪي، شيراني ۽ بارکان ۾ وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي. جڏهن ته سنڌ جي مختلف شهرن ۾ به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري آهي، فصلن کي نقصان پهچي رهيو آهي. ڏيپلو، ڳڙهي خيرو، بهرام ۽ ميرواهه گورچاڻي ۾ به وسڪارو، ڪجهه علائقن ۾ تيز ۽ ڪجهه علائقن ۾ هلڪي برسات پئي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments