خاص

رسول الله ﷺ رستا بند ڪرڻ واري عمل کي شيطاني قرار ڏنو هو: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو آھي ته ٻين جا بنيادي حق متاثر ڪري اظهار جي آزاديءَ جو حق استعمال ڪري نٿو سگهجي. رسول الله ﷺ رستا بند ڪرڻ واري عمل کي شيطاني قرار ڏنو هو. سپريم ڪورٽ جي سينيئر جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پاران هڪ ڪيس جي ٻڌڻيءَ دوران ريمارڪس ڏنا ويا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته عدالتي فيصلن ۾ واضح آهي ته بنا اجازت جي روڊن تي ماڻهو گڏ نٿا ڪري سگهجن. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته روڊن کي اڻڄاتل مدي تائين ماڻهو گڏ ڪرڻ لاءِ استعمال نٿو ڪري سگهجي، جيڪي مظاهرين ماڻهن جي رستا استعمال ڪرڻ واري حق ۾ رنڊڪون وجهن انهن کي قانون تحت جوابدار بڻائڻ لازمي آهي. جسٽس چيو ته رياست جي رڳو اها ذميواري نه آهي ته هوءَ مظاهرين جي اجتماع کي آسان بڻائي، رياست جي پهرين ۽ بنيادي ذميواري آهي ته هر شهريءَ جي بنيادي حقن جو تحفظ ڪري.