عمران رياض صحافي نه، سياسي پارٽي جو ترجمان آهي: مريم اورنگزيب

سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته عمران رياض صحافي نه آهي. هو سياسي پارٽي جو ترجمان آهي. اسان جي حڪومت آزاد صحافت تي يقين رکي ٿي. برطانوي صحافي اسڪندر ڪرماني طرفان سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي مريم اورنگزيب کان غير رسمي ڳالهين جي وڊيو شيئر ڪئي وئي. وڊيو ۾ صحافي طرفان سوال ڪيو ويو ته پاڪستان ۾ صحافي غائب ٿي رهيا آهن انهن کي حراست ۾ ورتو پيو وڃي اوهان جي حڪومت ان جي ذميوار آهي. مريم اورنگزيب صحافي کان سوال ڪيو ته مون کي ڪنهن به هڪ صحافي جو نالو ٻڌايو جيڪو گم ٿيو هجي، ان کي گولي هنئي وئي هجي يا اغوا ڪيو ويو هجي، جنهن تي برطانوي صحافي طرفان صحافي عمران رياض جو نالو ورتو ويو. وفاقي وزير عمران رياض کي سياسي پارٽي جو ترجمان قرار ڏيندي چيو ته اسان کي صحافين ۽ سياسي پارٽين جي ترجمانن ۾ فرق ڪرڻو پوندو. جيڪو صحافي سياسي پارٽي جي ترجماني ڪندو ان کي صحافين سان نه ملايو وڃي. عمران رياض خلاف عدالتن ۾ ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن. اڳوڻي وزيراعظم عمران خان کي تنقيد جو نشانو بنائيندي هن چيو ته عمران خان کي سندس دور ۾ عالمي صحافتي تنظيم ميڊيا پريڊيٽر جو خطاب ڏنو هو، عمران خان پنهنجي دور ۾ صحافين کي گرفتار ڪرايو، انهن جي آواز کي بند ڪيو، جڏهن ته شهباز شريف جي حڪومت ۾ ميڊيا فريڊم انڊيڪس ۾ 7 درجا بهتري آئي آهي.

0 0 votes
Article Rating
Subscribe
Notify of
guest
0 Comments
Inline Feedbacks
View all comments