ٻيا موضوع

پينٽنگ

امير سيال ولد غلام علي سيال درٻيلو سيد الهندو شاهه ۾ جنم ورتو، جتي ڪوبه آرٽ انسٽيٽيوٽ موجود نه آهي. سندس والد پوليس ڪانسٽيبل هو ۽ پوليس ۾ نوڪري ملڻ کان اڳ هڪ هاريءَ طور ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندو هو ۽ هو به پنهنجي والد سان گڏ ٻنيءَ ۾ ڪم ڪندو هو. هن پرائمري تعليم گورنمينٽ اسڪول سچل ڳوٺ مان حاصل ڪئي. هڪ ڪارٽونسٽ ڇوڪريءَ کان متاثر ٿي هن ڪارٽون ٺاهڻ شروع ڪيا. کيس ڊرائنگ سکڻ جو شوق به هو ۽ خداداد صلاحيت به مليل هئي. هو ميٽرڪ کانپوءِ مالي مسئلن سبب تعليم جاري رکي نه سگهيو ۽ آخرڪار آرٽس انسٽيٽيوٽ پاڪستان آرٽ ڪائونسل ڪراچي ۾ داخلا ورتي. هو ڪيترين ئي نمائشن ۾ حصو وٺي چڪو آهي ۽ هيستائين هن ڪيترين ئي آرٽ گيلرين ۾ پنهنجي فن جي نمائش ڪئي آهي. کيس ڪيترائي سرٽيفڪيٽ ۽ ايوارڊ به ملي چڪا آهن.

***