موجوده سياسي بحران ۽ ملڪ جو مستقبل
پاڪستان هر دور ۾ سياسي عدم استحڪام جو شڪار رهيو آهي، پر هن وقت حالتون صرف سياسي نه، پر معاشي ۽ دفاعي عدم استحڪام جو به شڪار آهن. ملڪ ۾ هڪ غير يقيني صورتحال پکڙيل آهي، تجزيه نگار مستقبل کي ڪنهن به زاويي کان مڪمل طور تي ڏسي سمجهي ان بابت ڪا راءِ قائم ڪرڻ کان وانجهيل نظر اچن ٿا. عمران خان 2018 جي چونڊن ۾ اتحادين سان اتحاد ڪري حڪومت جوڙي جيڪا پنهنجي پهرين ڏينهن کان وٺي انتهائي ڪمزور ۽ بغير ڪنهن مستقبل جي منصوبابنديءَ تحت لڳ ڀڳ چئن سالن تائين هلندي رهي، جنهن پاڪستان جي سماج کي ٻن حصن ۾ ورهائي ڇڏيو، نه صرف سياسي طور تي بلڪه اخلاقي طور تي به تباهه ۽ برباد ڪري ڇڏيو. ملڪ جي نئين پارٽيءَ جي حيثيت سان پراڻي پارٽين جي پاليسين کي سمجهڻ بجاءِ رد ڪندي نئين راهه اختيار ڪرڻ جي شوق ۾ آءِ ايم ايف وٽ وڃڻ کان شروع ۾ انڪار ڪيو ۽ پوءِ گهڻي دير کانپوءِ آءِ ايم ايف اڳيان هٿيار ڦٽا ڪري وڌيڪ مهانگين شرطن تي قرض وٺي ملڪ جي عوام کي ڳرن قرضن هيٺ زير بار ڪيو. نه رڳو ايترو پر، ڪنهن به مثبت عمل بدران مسلسل سياسي ميدان ۾ هنگامه آرائي برپا رکي ۽ ملڪ جي وزيراعظم جي حيثيت سان پارليامينٽ کي عزت ۽ احترام ڏيڻ بدران قوم کي صدارتي نظام ڏي گهلڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن سازش کي پ پ ۽ ن ليگ محسوس ڪري ورتو ۽ خان جي غير آئيني قدمن کڻڻ جي سازش کي ڌڪ هڻندي سندس ڪمزورين ۽ نظام کي تبديل ڪرڻ جي سازشن کي ڏسندي آئيني طور تحريڪ عدم اعتماد جي مدد سان تخت تان لاهي ڇڏيو ۽ ان کانپوءِ مسلسل ملڪ ۾ معاشي بحران ۽ سياسي بحران وڌندو رهيو آهي. هن وقت پوري دنيا ۾ مهانگائيءَ جي لهر آيل آهي، روس ۽ يوڪرين جي جنگ واري صورتحال سڄي دنيا جي معاشي صورتحال کي متاثر ڪيو آهي. آمريڪا جهڙي ملڪ ۾ بيروزگاريءَ جي لهر وڏن وڏن ادارن کي پنهنجن ماڻهن کي ڪڍڻ تي مجبور ڪيو آهي. هن وقت پاڪستان جي ٽيڪسٽائل برآمد ۾ تمام گهڻي گهٽتائي آئي آهي جنهن جي ڪري پاڪستان جي معيشت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي، اهڙي وقت ۾ پاڪستان جڏهن افغانستان ۾ طالبان جي نئين جنم وٺندڙ حڪومت کان متاثر آهي ته ٻئي پاسي اتي انتهاپسند ٽي ٽي پيءَ جي مسلسل حملن کي به منهن ڏيئي رهيو آهي. سياستدانن کي ماضيءَ جا سڀ وير وساري ملڪي مفاد ۾ گڏجي هڪ نئون سياسي ۽ معاشي معاهدو ڪرڻ جي ضرورت آهي، پر اهڙي ڪنهن به مثبت قدم جي ڪابه واهه نظر نٿي اچي، ڇو ته پي ٽي آءِ جي مسلسل انڪار تي ته هو ڪرپٽ سياستدانن سان نه ويهندي اڄ هوءَ ملڪ جي ٻن صوبن مان پنهنجي حڪومت وڃائي چڪي آهي. غربت جي بار هيٺ حڪومت کي عام چونڊن کان اڳ مڊٽرم چونڊن جي بار هيٺ آڻي ڇڏيو آهي. عوام مهانگائيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڦاٿل آهي ۽ سياسي اڳواڻ هڪ ٻئي سان ڪنهن به ريت گڏجي ويهي مسئلن جو سياسي حل ڪڍڻ لاءِ تيار ناهن. يقينن ان ۾ سڀ کان وڏو حصو پي ٽي آءِ جي منفي رويي جو آهي. جنهن ڳنڀير صورتحال کي اڃا به وڌيڪ خطرناڪ موڙ تي آڻي بيهاريو آهي ۽ نه رڳو ايترو، پر اهڙين خطرناڪ حالتن ۾ جتي ملڪ مختلف چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، ان وقت ملڪ جي ٽين وڏي پارٽي جي رهنما ملڪ جي هڪ وڏي سياسي پارٽيءَ جي اڳواڻ تي اهو الزام مڙهيو آهي ته هو سندس قتل ڪرائڻ لاءِ منصوبو جوڙي چڪو آهي. شايد ان جو سبب پيپلز پارٽي کي متنازعه بنائڻ آهي ڇو ته پيپلز پارٽي هڪ دفعو ٻيهر هڪ وڏي جمهوري پارٽي جي طور تي پوري پاڪستان ۾ پنهنجي وڃايل ساک کي واپس حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي رهي آهي. اهڙين حالتن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ملڪ ڪهڙي طرف وڃي رهيو آهي. اميد ٿي ڪجي ته سياسي بحران کي آئيني طريقي سان حل ڪيو ويندو ۽ ملڪ جي سلامتيءَ کي هر فرد مٿان مقدم رکيو ويندو.
جمهوريت جا حامي هن خيال جا آهن ته ڪنهن به حڪومت کي پنهنجو پنج سالا آئيني مدو پورو ڪرڻ گهرجي، سال 2023 جي شروعات ۾ پاڪستان سياسي، مالي، معاشي طور هڪ ڏکئي موڙ تي بيٺو آهي. گذريل سال 2022 ۾ ملڪ بدترين ٻوڏ جو شڪار ٿيو آهي، جنهن ۾ 32 ملين ماڻهو متاثر ٿيا. زراعت کي ڪاپاري ڌڪ لڳو آهي ۽ اسان جي زرعي اپت ۾ گهٽتائي آئي آهي، جا مالي سال 23-2022 ۾ اسان جي معاشي ۽ مالي مسئلن کي اڃا به ڳنڀير ڪري رهي آهي، گڏوگڏ پرڏيهي مٽاسٽا جا ذخيرا تر وٺي ويا آهن، ڊالر جي ڀيٽ ۾ روپيئي جي قيمت روزاني جي بنياد تي ڪري رهي آهي، بيروزگاري وڌي آهي، نتيجي ۾ غربت جي سطح به وڌي آهي.
اهڙين حالتن ۾ ٿيڻ ته ائين کپي ته سڀ سياسي جماعتون گڏجي نئون ميثاق معيشت جوڙين، جيئن ملڪ بحران مان نڪري سگهي، جيڪڏهن سڀ سياسي جماعتون ڪنهن ميثاق ۽ ڊگهي مدت واري معاشي پروگرام تي راضي نه ٿين ته به موجوده گڏيل حڪومت جو اهو منصوبو هجڻ گهرجي ته ايندڙ عام چونڊن کان اڳ ملڪ کي معاشي بحران مان ڪڍجي.IMF کان بيل آئوٽ پيڪيج وٺي ملڪ جون مالي حالتون بهتر ڪيون وڃن، ناڻي جي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ واڌ آڻجي، ڇا موجوده حڪومت جا کنيل معاشي ۽ مالي قدم گهربل نتيجا ڏيندا؟ انهن نتيجن جو اثر ملڪ جي مستقبل جو تعين ڪندو. اسان جي سياسي رهنمائن کي ملڪ ۽ عام عوام جي ڀلائي لاءِ تڪڙا ۽ ديرپا فيصلا ڪرڻا پوندا، ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ملڪ جي مستقبل لاءِ مشڪلاتون آهن، پر اسان کي يقين آهي ته انهن ڏکيائن مان نڪري پار پونداسين. پاڪستان جو 22 ڪروڙ عوام پنهنجو مستقبل ڪنهن طالع آزما سياستدان جي هٿان داءُ تي هڻڻ نه ڏيندو.
***