ٻوٽا  به زخم محسوس ڪندا آهن؛ سائنسدانن جو انڪشاف

دنيا ۾ رنگ برنگي خوبصورت گل ۽ ساوا وڻ هن دنيا کي نه صرف رنگين بڻائن ٿا پر اهي ان ۾ خوشبو به پکيڙين ٿا. انهن ٻوٽن لاءِ اهو خيال ڪيو ويندو آهي ته اهي احساس جو جذبو نه ٿا رکن. هاڻي آمريڪي رياست وسڪونسن جي يونيورسٽي آف وسڪونسن  ۾ ڪيل تحقيق ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ٻوٽا به جانورن وانگر خطرو پيش اچڻ جي صورت ۾    پنهنجي ٻين حصن کي ترت ئي پيغام موڪليندا آهن. جيتوڻيڪ جانورن ۾ ان ڪم لاءِ اعصابي نظام موجود هوندو آهي پر ٻوٽن ۾ اهو ڪم بغير اعصابي نظام جي ٿيندو آهي. سائنسدانن جو خيال آهي ته ٻوٽا به انسانن ۽ جانورن وانگر حس رکن ٿا ۽  اهي مسڪرائيندا به آهن ۽ تڪليف تي روئيندا به آهن. اهي ڳالهيون به ڪندا آهن ۽ سٺن ۽ خراب اثرن کي محسوس به ڪندا آهن. تحقيق ۾ ثابت ٿيو آهي ته جڏهن ڪو ڪيڙو ٻوٽي تي حملو ڪندو آهي ته ٻوٽي جي ان حصي مان سگنل نڪرندو آهي جيڪو ٻوٽي جي ٻين حصن ڪي به ان خطري کان آگاه ڪندو آهي جنهن سان ٻوٽي جي مختلف حصن ۾ دفاعي نظام متحرڪ ٿي ويندو آهي. سائنسدانن پاران تحقيق دوران فلورسينٽ پروٽين جو استعمال ڪيو جنهن جي استعمال سان ٻوٽي جي ان حصي مان سگنلز نڪرندي ڏٺا ويا.  جنهن تي ڪنهن جيت حملو ڪيو هيو. اهي سگنلز ٻوٽي جي ٻين حصن تائين ويندي ڏٺا ويا. سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اهي سگنلز اصل ۾ هڪڙا برقي چارج هوندا آهن. جيڪي ٻوٽي جي هر حصي تائين پهچندا آهن.

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *