بلاگنئون

تبديلي آڻيندڙ سياست: غريب ملڪن جي ضرورت

(سوچيندڙ ۽ پُرعزم شهرين جو هڪ ننڍو گروپ دنيا کي تبديل ڪري سگهي ٿو- مارگريٽ ميڊ، جڳ مشهور اينٿراپولاجسٽ)

شروعات:

انقلابي سياست ۽ سڌارن جي سياست جي وچ ۾ تبديلي آڻيندڙ سياست وچ ۾ بيٺي آھي. هن سياست سبب جاپان چين کي (1894-1895) ۽ زار روس جي فوج کي (1905) ۾ به شڪست ڏني. تبديلي آڻيندڙ سياست جي ڪري ڏکڻ ڪوريا جا ماڻهو گهريلو ويڙھ کانپوءِ 1960 جي ڏهاڪي ۾ چون ٿا ته گهڻو ڪري گاھ کائيندا هئا ۽ اتي في ماڻهو جي ڊي پي 158 آمريڪي ڊالر هئي، جيڪا هاڻي آءِ ايم ايف جي مطابق في ماڻهو جي ڊي پي 34,640 آمريڪي ڊالر آهي. ان جي مقابلي ۾ پاڪستان 1947 ۾ وجود ۾ آيو ۽ اهو 2025 ۾ اڃان تائين في ماڻهو جي ڊي پي 1,500 آمريڪي ڊالر جي چوڌاري گهمي ٿي. ڏتڙيل سنڌي سماج جي في ماڻهو جي ڊي پي 500 آمريڪي ڊالر کان به گهٽ آهي.

تبديلي آڻيندڙ سياست جو اصطلاح سياسي ادب ۾ استعمال ٿيندو آهي ۽ پينگوئن جي سياست جي ڊڪشنري (1993 ايڊيشن) ۾ شامل ڪئي وئي. تبديلي آڻيندڙ سياست کان اڳ، سماج هڪ بند قلعي جيان هوندو آهي، جتي حاڪم طبقا پنهنجي طاقت برقرار رکڻ لاءِ پراڻا ادارا جيئن جو تيئن رکندا آهن. اهي ادارا وقت سان گذرندي ڪمزور ٿي سماج کي پوئتي ڌڪيندا آهن ۽ اڄ به دنيا جي ڪيترن ئي غريب ملڪن جي حالت اهڙن پراڻن ادارن سبب ڏتڙيل آهي.

سنڌ کي به تبديلي آڻيندڙ سياست جي اولين ضرورت آهي. هن سياست ذريعي، سنڌ 10 کان 20 سالن ۾ جاپان يا سينگاپور جهڙي ترقيءَ جي شعبي ۾ وڏو ٽپو ڏئي سگهي ٿي، بشرطيه تبديليءَ جي سياست کي صحيح نموني سان لاڳو ڪيو وڃي.

وصف:

تبديلي آڻيندڙ سياست جي ڪابه هڪ مقرر وصف ناهي، پر ان جو بنيادي مفهوم هيءُ آهي ته اهڙيون سياسي سرگرميون يا تحريڪون، جيڪي سماج جي سياسي ادارن، طرز حڪمراني، معيشت، سماجي، ثقافتي ۽ تعليمي نظام ۾ بنيادي تبديليون آڻين، انهن کي بهتر بڻائين ۽ ٿوري وقت ۾ ترقيءَ جي هڪ قومي خواب کي حقيقت جو روپ ڏين.

تبديليءَ جي سياست سماج جي ننڍڙن سُڌارن بجاءِ بنيادي ڍانچي کي مڪمل تبديل ڪرڻ تي زور ڏئي ٿي، جاپان جي ميجي بحالي، ترڪيءَ جي ڪمال اتاترڪ جو دور، سينگاپور جي لي ڪوان يو جي حڪمراني، ڏکڻ ڪوريا جي گهريلو ويڙھ کانپوءِ جي ترقي ۽ چين جي ڊينگ زيا پينگ جي سڌارن جي دور جا مثال ڏئي سگهجن ٿا.

تبديليءَ جي سياست جا ڪجھ مکيه رخ:

تبديلي آڻيندڙ سياست جا هيٺ ڏنل مکيه رخ ان جي روح کي وڌيڪ واضح ڪن ٿا:

  1. سياسي طاقت جي تبديلي معنى نون سياسي اڳواڻن جو عروج

  2. تيز قانون سازي مطلب جلد ۽ اثرائتي قانونن جو لاڳو ٿيڻ

  3. جامع پاليسيون حڪومتي، سياسي، سماجي، معاشي ۽ تعليمي پاليسيون ٺاهي انهن تي عمل ڪرڻ.

  4. حڪمراني جي ادارن جي جديد سازي.

  5. تڪڙيون سياسي ۽ سماجي تبديليون

  6. ٻاهران ٽيڪنالاجي حاصل ڪري ان جو ڪارائتو استعمال.

  7. تبديلي آڻيندڙ سياست جي مخالفن تي ڪنٽرول ڪرڻ.

  8. ڏتڙيل طبقن کي مٿي چاڙهڻ، غريب طبقن کي سياسي، سماجي ۽ اقتصادي طور با اختيار ڪرڻ.

  9. طاقتور گروهن جو اثر ختم ڪرڻ، اشرافيه جي سياسي طاقت جو خاتمو.

  10. في ماڻهو جي ڊي پي ۾ تيزيءَ سان واڌارو آڻڻ.

مٿين سڀني قدمن کڻڻ کانپوءِ سماج جي عمارت بلڪل نئين صورت اختيار ڪندي آهي. جيئن توهان سينگاپور جي 1960 ۽ 2025 ۾ ترقيءَ جي فرق کي يوٽيوب تي ڏسي سگهو ٿا.

مثال:

تبديلي آڻيندڙ سياست جا ڪجھ مشهور مثال هيٺ ڏجن ٿا:

جاپان جو ميجي بحالي هڪ اهم تاريخي واقعو هو جيڪو (1868) ۾ ٿيو، جڏهن جاپان ۾ جاگيرداري نظام جو مڪمل خاتمو ٿي ويو ۽ شهنشاھ ميجي جي اقتدار کي بحال ڪيو ويو. هن بحالي جو مطلب هو ته 500 سالن دوران شهنشاهيت کي اقتدار مان ٻاھر ڪڍيو ويو، جيڪو اڳ ۾ صرف هڪ روايتي حيثيت رکندو هو. بحالي کانپوءِ جاپان هڪ زرعي ۽ قلعي نما ملڪ کان هڪ جديد صنعتي طاقت بڻجي ويو. جاپان نوان سياسي ۽ سماجي ادارا قائم ڪيا ۽ ٻاهرين ملڪن مان ٽيڪنالاجي حاصل ڪئي، 30 سالن ۾ ٻاهرين ملڪن جي اهم ڪتابن جو جاپاني ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيو ۽ جاپاني استادن ٻاهرين ملڪن ۾ وڃي نئين ٽيڪنالاجين ۾ سکيا ورتي. جاپان ۾ ميجي بحالي کانپوءِ جديديت جو نئون دور شروع ٿيو، جنهن ۾ ريلوي لائين، روڊ، سامونڊي پورٽ کي ترقي وٺرائي ۽ آرميءَ کي جديد طرز تي ترقي وٺرائي وئي ۽ نئون آئين ڏنو. 2024 ۾ جاپان جي في ماڻهو جي ڊي پي 51,360 آمريڪي ڊالر آهي.

ترڪيءَ ۾ ڪمال اتا ترڪ جو دور (1923-1938): ڪمال اتا ترڪ عثماني سلطنت جو 1924 ۾ خاتمو آڻي، سيڪيولر رياست جو قيام عمل ۾ آندو، ترڪيءَ ۾ 1924 ۾ خلافت عثمانيه کي تبديل ڪري عوامي راڄ(Republican)  ۾ تبديل ڪيو ويو، ترڪي ٻولي جيڪا اڳ عربي الفابيٽ ۾ لکي ويندي هئي ان کي رومن الفابيٽ ۾ ٽن مهينن ۾ رائج ڪيو، ترڪ آفيسرن جي تربيت لاءِ جرمني مان آفيسر گهرايا ويا، عورتن کي ووٽ ڏيڻ سميت برابري جا سڀ حق ڏيڻ ۽ مذهب کي سياست کان جدا رکڻ جهڙا ڪم ڪيا. ملڪ ۾ صنعتڪاري ۾ تيزي آندي. 2024 ۾ ترڪيءَ جي في ماڻهو جي ڊي پي 15,463 آمريڪي ڊالر آهي.

سينگاپور جو لي ڪوان يو جو دور (1965-1990): سينگاپور تمام گهڻو ڏتڙيل ملڪ هو جنهن ۾ گند ڪچرو، ڏوھ، غربت ۽ بيروزگاري تمام گهڻي هئي ۽ 1965 ۾ ملائيشيا کان جدا ٿي لي ڪوان پنهنجي ملڪ سينگاپور ۾ صنعتڪاري، ٻاهرين ڪمپنين جي سيڙپڪاري، امن امان، چيني ملائيشين ۽ هندستانين جي وچ ۾ ڀائپي وارا رشتا قائم ڪري تيزيءَ سان ترقي ڪئي. لي ڪوان هڪ غريب ملڪ کي 1965 کان وٺي 2025 تائين جديد صنعتي طاقت بڻايو. 2024 ۾ انهن جي في ماڻهو جي ڊي پي 90,689 آمريڪي ڊالر آهي. جڏهن ته 1965 ۾ ان جي في ماڻهو جي ڊي پي 516 آمريڪي ڊالر هئي.

چين جو ڊينگ زيا پينگ جو دور (1978-1992): مارڪيٽ، معيشت ۽ سوشلزم جو گڏيل نظام ذريعي عالمي معيشت ۾ ٻيو نمبر طاقت ٿي اُڀريو آهي. ڊينگ زيا پينگ جي دور ۾ چين پهريون دفعو اناج جو ايڪسپورٽر ٿيو، خانگي شعبي کي آزاداڻه ڪم ڪرڻ جي اجازت ڏني، ڊينگ زيا پينگ 22,000 چيني آفيسر ترقي ماڊل کي سمجهڻ لاءِ سينگاپور موڪليا، ٻاهرين سيڙپڪاري کي دعوت ڏني، ترقيءَ جا معاشي زون ٺاهيا ۽ هارين کي زمينون ڏئي مڪمل مالڪي انهن جي حوالي ڪئي. جڏهن ڊينگ حڪومت ۾ آيو ته ان وقت چين جي 1978 ۾ في ماڻهو جي ڊي پي 156 آمريڪي ڊالر هئي ۽ 2024 ۾ في ماڻهو جي ڊي پي 13,306 آمريڪي ڊالر تائين پهچي وئي آهي.

تبديليءَ جي سياست غريب ملڪن جي ضرورت:

ايشيا، آفريڪا ۽ لاطيني آمريڪا جا ڪيترائي ملڪ غربت، غير جمهوري نظام، بيروزگاري، ڪمزور معيشت ۽ پوئتي پيل صنعت جي اڻ کُٽ چاڪيءَ جي ڏاند واري دائري ۾(Vicious Circle)  ۾ ڦاٿل آهن. انهن جي في ماڻهو جي ڊي پي 200 کان 5,000 آمريڪي ڊالر جي وچ ۾ آهي، ۽ عوام جهنم جهڙي زندگي گذاري رهيو آهي. جيڪڏهن اِها صورتحال برقرار رهي ته وڌندڙ آبادي، خراب حڪمراني ۽ اندروني تڪرارن جي ڪري انهن کي وڌيڪ غربت جي اوڙاھ ۾ ڦٽي ڪندا. اهڙين حالتن جي موجودگيءَ ۾ غريب ملڪن کي تبديل ٿيڻ واري سياست جي سخت ضرورت آهي.

تبديلي آڻيندڙ سياست جا فائدا:

تبديلي آڻيندڙ سياست جي ڪري غريب ملڪ هيءُ فائدا حاصل ڪري سگهن ٿا:

سياست جو صدين جو نظام تبديل ٿيڻ سان، هيٺئين ۽ وچولي طبقي جا اڳواڻ طاقت حاصل ڪن ٿا، بند سماج کي ٻاهر ڪڍي دنيا سان ڳنڍيو وڃي ٿو ۽ دنيا جي جديد ٽيڪنالاجي حاصل ڪري ٿو. غربت ۽ بيروزگاري گهٽجي ٿي، ادارا جديد بڻجن ٿا، ڏتڙيل طبقن کي سياسي طاقت ملي ٿي، معاشي ترقي تيز ٿئي ٿي، سماجي مسئلا (گهر، پاڻي، تعليم، صحت، امن) حل ٿين ٿا، پراڻيون ريتون رسمون ختم ٿين ٿيون، عورتن کي برابري جا حق ملن ٿا، ترقيءَ جا مخالف طبقا ڪمزور ٿين ٿا، جديد ٽيڪنالاجي حاصل ٿئي ٿي، ٻولي ۽ ثقافت کي ترقي ملي ٿي.

تبديلي آڻيندڙ سياست لاءِ خطرا:

تبديلي آڻيندڙ سياست جيئن ته روايتي نظامن کي للڪاري ٿي، جنهنڪري پاڻ لاءِ خطرا به پيدا ڪري سگهي ٿي، جنهن ۾ تشدد ۽ وڳوڙي سياست به پيدا ٿي سگهي ٿي. ان سان گڏ معاشي نظام ۽ حڪمراني جي ادارن کي خطرو ٿي سگهي ٿو. تنهنڪري تبديلي آڻيندڙ سياست ڪندڙ اڳواڻن کي انتهائي خبرداري ۽ رٿابنديءَ سان ڪم ڪرڻو پوندو.

پڄاڻي:

جاپان، ترڪي، سينگاپور، ڏکڻ ڪوريا ۽ ڊينگ زيا پينگ چائنا جي مثالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڪوبه ملڪ يا سماج تبديلي آڻيندڙ سياست استعمال ڪري پنهنجي سماج کي تيزيءَ سان ترقي وٺرائي سگهي ٿو. ان ما اِهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ڪيئن سنيگاپور جي في ماڻهو جي ڊي پي 90,689 آمريڪي ڊالر تائين پهتي، جاپان جي في ماڻهو جي ڊي پي 51,360 تائين ڪيئن پهتي ۽ چائنا دنيا جي ٻي وڏي معيشت طور ظاهر ٿيو.

تبديلي آڻيندڙ سياست غريب ۽ اسرندڙ ملڪن لاءِ هڪ انقلابي آواز آهي، جيڪو انهن کي غربت جي چڪر مان ڪڍي، ترقيءَ جي بلندين تي پهچائي سگهي ٿو، پر شرط اهو آهي ته ان کي احتياط، منصوبابندي ۽ عوامي شموليت سان لاڳو ڪيو وڃي ته جيئن خطرا گهٽائي سگھجن ۽ وڌ ۾ وڌ فائدا حاصل ڪجن. سنڌ جي جيڪا هن وقت سياسي، سماجي ۽ معاشي حالت آهي ان لاءِ ته انتهائي ضرورت آهي ته تبديلي آڻيندڙ سياست جي جلد کان جلد شروعات ڪئي وڃي.

***