موهن جو دڙو لاءِ ڪمرشل اڏامون بند چئن ضلعن جا ماڻهو سهولت کان محروم

موهن جو دڙو ايئرپورٽ جون ڪمرشل اڏامون مڪمل طور تي بند ڪرڻ سان نه رڳو اتر سنڌ جا چار ضلعا سهولت کان محروم ٿي ويندا، پر تاريخي مقام موهن جو دڙو تي تحقيق لاءِ ايندڙ ٻاهرين ملڪن کان آرڪيالاجسٽ ۽ سياح به موهن جو دڙو تائين پهچڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيندا. جنهن جي ڪري پنج هزار سال پراڻي تهذيب تي ٿيڻ وارو تحقيقي ڪم متاثر ٿيندو. سول ايوي ايشن اٿارٽي جي ويب سائيٽ مطابق موهن جو دڙو ايئرپورٽ صوبي سنڌ جو ٽيون نمبر مصروف ترين ايئرپورٽ آهي. جڏهن ته پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائنز ڊسمبر 2018 کان هن ايئرپورٽ لاءِ پنهنجون اڏامون مڪمل طور تي بند ڪري ڇڏيون آهن. جنهن جو سبب مسافرن جو مناسب انگ نه هجڻ ٻڌايو پيو وڃي. پي آءِ اي جي جنرل مئنيجر پبلڪ افيئرز جو چوڻ آهي ته پي آءِ اي جو نقصان گهٽ ڪرڻ لاءِ اهي اڏامون بند ڪيون ويون آهن.