نئون

حڪومت پيٽرول جي قيمت ۾ 5 رپيا في ليٽر اضافو ڪري ڇڏيو

حڪومت گئس ۽ بجلي کانپوءِ پيٽروليم جنسن جي قيمتن ۾ به اضافو ڪري ڇڏيو. وفاقي خزاني واري وزارت طرفان جاري ڪيل پڌر نامي مطابق پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ پنج رپيا اضافو ڪيو ويو آهي، جنهن بعد پيٽرول جي نئين قيمت 97 رپيا 37 پئسا هوندي. ساڳي طرح هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 6 رپيا 37 پئسن جي اضافي بعد 112 رپيا 94 پئسا في ليٽر. جڏهن ته گاسليٽ جي قيمت 3 رپين جي  اضافي بعد 86 رپيا 50 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.