ڪهاڻيوننئون

ڪهاڻي: مُرشد جو ڇيلو

بَخشو سهڪندو، ٿاٻا کائيندو، اچي پَروءَ جي سامهون بيٺو. ڪوڏر ڪُلهي تي، وَرَ مٿي گوڏن تائين ڇڪيل، چولو ٻنهي ڪنڊن کان ڇڪي ٻَڌل ۽ ڪپڙا اَڌ پُسيل مِٽيءَ ۾ ڀَڀُوت هئس. قَد جو مشڪل سان پنج فُوٽ ٿئي ۽ هاٺي اهڙي جو ٻانھن کي سَٽ ڏجيس ته کَنڀڙاٽيون نڪري اَچنس. جي ٿُونھو اچيس ته ڏھ بولاٽيون کائيندو وڃي پَٽ تي ڦَهڪو ڪري. وار اَڌ اڇا پر گهاٽا، ڊِگها ۽ چِيڙھيل، چھري تي ڇانوَ ڪيو بيٺا هئس.ڪوڏَر زمين تي سَٽي التجا ڪندي چيائينس، “پَئسا کَپَنم، ڪِڪِي بيمار آهي.” ڪِڪِي، بخشوءَ جي ٻن سالن جي نياڻي آهي. نالو اٿس ڪُونج. گھر جا ڀاتي پيار منجھان “ڪونجڙي” سڏينس ۽ بخشو “ڪِڪِي سڏيس.” هونئن ته بخشو جا هڙئي ٻار شڪل صورت ۾ انتهائي خوبصورت آهن، پر ڪُونج جي ڳالھ ئي ٻي آهي. سَڀئي گھور گھور پيا ويندا اٿس، جو آخري اولاد ھو. ٻيو ته ڪافي سالن کانپوءِ بَخشو جي گهر ڌِيئَڙي ڄائي هئي. هَڙئي پيا ساھ صدقو ڪندا هئس. ڪجھ عرصي کان هوءَ بخار ۾ مبتلا هئي. ڊاڪٽرن جي ڳرين فين جي بخشو مولائيءَ ۾ سگھ ڪانه هئي. ڌاڳن ڦيڻن تي يا ديسي ٽوٽڪن تي پيو ڪم هلائيندو هو. جي اُهي نسخا بي اثر ٿي پوندا ته بخشوءَ جي ڊوڙ عطائي ڊاڪٽرن تائين. ٻيو مڙيوئي خير.

اتفاق سان پَروءَ جي کيسي ۾ به “خير شاھ وارو خط” (يعني کيسا خالي مُڙس موالي) ھُجي. بَخشو ويچارو سڄو ڳوٺ لَتاڙي، مِنٿ ميڙ ڪندي، مايوس ٿي، آخري اُميد کڻي، اَچي هن وٽ پهتو هو. پَريل کي ڳوٺائي پَرو ڪري سڏين. ھو ان تَرَ ۾ واحد نوجوان هو، جنهن ڪَشالا ڪاٽي، وڏيءَ جاکوڙ کانپوءِ اعليٰ تعليم پرائي هئي، پر بيروزگار هو. سندس تعلق لوئر مڊل ڪلاس گھراڻي سان هو. نوڪريءَ لاءِ سواءِ قابليت جي وٽس ڪجھ ڪونَه هو. جن وٽ سواءِ قابليت جي سڀ ڪجھ هوندو آهي، سي پَروءَ جهڙن مسڪينن جي ديري کي باھِ ڏئي، سندن حقن تي ڌاڙو هڻي، کين لتاڙي اڳتي وڌي ويندا آهن. نتيجي ۾ پَريل جهڙا انيڪ ذِهن، کَن پل لاءِ مايوسيءَ وچان ڪومائجي، دل هاري ويھي رھندا آهن، پر سُتت ئي ڀِٽائيءَ جي پاند ۾ هَٿ وجهي، اُميد جي شَمع جلائي، تَتَيءَ ٿَڌِيءَ ڪاهي، صبر جي دامن کي سوگهو جَهلي، رِڙهندي رِڙھندي وِڙھندا رهن ٿا ۽ وِڙهندي وِڙهندي رڙهندا رهن ٿا. اُنھيءَ اميد تي ته نيٺ باکَ ڦُٽندي، صُبح ٿيندو، سِجُ چڙهندو، پنهنجن کي نوازڻ واري پر ۽ رشوت خوريءَ جو گرم بازار آخر سَرد ٿيندو، نااهليءَ ۽ ناقابليت جي جاءِ اهليت ۽ قابليت والاريندي. تڏهن ٿَر بَر وسي پوندو، مارو خوشحال ٿيندا ۽ سِنڌڙي سُک ڏِسندي. ترقيءَ جون انيڪ نِت نيون منزلون طئي ڪري، نَچڻيءَ واريءَ مُورت کي قومي نشان بڻائي، ھيءَ سون وَرني ڌَرتي دُنيا جي نقشي تي اُڀري ايندي.

پَرو، بَخشوءَ جو پاڙيسري آهي ۽ اَڄُڪلھ نوڪريءَ جي ڳولها ۾ آهي. واندڪائيءَ ۾ ڳوٺَ جي ٻارڙن کي شامڙيءَ جو پڙهائيندو آهي. بَخشو جهڙن انيڪ مولائين جي ٻَچڙن کي پَٽي، سليٽ ۽ قلم پاڻ آڻيو ڏئي. دل و جان سان گُلن جھڙن نِينگَرن ۽ نِينگِرين جي عِلمي ۽ ذهني تربيت ڪري، سُرهائي پيو محسوس ڪندو آهي. اُنھيءَ اميد ته شالَ سندن مستقبل سَڀاويڪ ٿي پوي. مصنوعي ذهانت جي هن عالمي وايو منڊل ۾ سنڌ جي ٻهراڙيءَ جو اٻوجھ، ڏُتڙيل، غُربت جي چڪيءَ ۾ پيڙھيل ۽ پراڻن قَدرن ۾ ڦاٿل، ھيءَ نئين ٽهي، شالَ سُجاڳ ٿي پوي. ٻار سَبق وٺڻ مرضيءَ تي اَچن. جي مائٽن وٽان اجازت ملندي يا گاھ پَٺي، ٻَني ٻاري ۽ مال چارڻ کان واندڪائي هوندي ته ايندا، نه ته ٺھيو. توڙي جو پَرو هن کان عمر ۾ ٻه ڏهاڪا کن ننڍو هو، پر پَڙھيل ڳڙھيل نوجوان ھجڻ ناتي، بَخشو سندس عزت ڪندو ھو ۽ ساڻن هُجت به هوندي هُئي. سَڏيس به صاحب ڪري. پَرو به هن جي اوکيءَ ويل، وس آهر پيو سارَ لهندو هو. بَخشو جڏھن به اُداس ٿيندو هو يا ڪا پريشاني ورائيندو ھُئس ته هن جي اوتاري ڪَھي ايندو ھو. اچڻ سان ئي بيٺي پير، کيسي مان پَن جي ٻِيڙي ڪڍي، ماچيس جي تِيليءَ سان دُکائي، نَڪ مان دونهين جا لاٽ ڪڍي، ڪرسيءَ تي ويهي رهندو. تَڪڙا تَڪڙا ڪَش هڻي، ٻِيڙي ڦوڪي ڇڏيندو. ٻي ٻِيڙي ڪڍي، اڳئين دُکيل اڌڙ سان ٽروچن ڪري وٺندو. اها سندس ڏُک ۽ اندر جي اُڌمن جي علامت هوندي هئي. پَرو ٽِڪ ٻَڌي هن کي پيو ڏسندو هو. جيستائين ٻه ٽي ٻِيڙيون ڦُوڪي نه وٺي، تيستائين ٻِڙڪ ٻاھر نه ڪڍي. ڦِڦڙن کي ڦَٽ ڏيئي، پوءِ دل جو حال اوريندو هو. مزدور ماڻهو هو، پر هن جا ٻار ڏاڍا هوشيار ۽ ذهين هُئا. پَرو کين ڏاڍو ڀائيندو هو.

ھو مُنجهي پيو! ڇا جواب ڏيانس؟ بيروزگاريءَ جو ماريل پَرو سوچيندو رهيو، پر فيصلو نَه ڪري سگھيو. بخشو هن وٽ اُميد کڻي آيو هو. ڦِڪائيءَ وچان بهانو تلاش ڪرڻ لڳو. سوچيائين، جي سچ ٻُڌائيندم منھنجا حال پورا اَٿئي اڄ بخشو ته دل ۾ چوندو، “ٽوپي ٿو ڪرائي.” بَخشو اُداس چَھري ۽ آب هاڻين اکين سان، ڪَنڌ مٿي ڪري، هن کي چتائي ڏسندو رهيو. پَروءَ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي، پر لفظ نڙيءَ ۾ اٽڪي پيس. بَخشو جي سوالي اکين ۾ ڏسي نہ سگهيو. ڪَنڌ ڦيري، نه چاهيندي به کيس حال حقيقت اوري ڇڏيائينس. چيائينس، “يَرَ! بَخش علي، حال پورا اٿئي منھنجا، پر صبح تائين تنهنجو ڪم ٿي ويندو. “صُبح تائين ڪِڪِي مري ويندي” بَخشوءَ روئي ڏنو. بخشوءَ اکيون جهڪيون ڪري، مُنھن ڦيري، تڪڙيون ٻِرانگهون ڀريندي، گھر ڏانھن روانو ٿي ويو. پَروءَ کيس سڏ ڪيا. ٻُڌ ته….؟ بخش علي…؟ بيھ ته…؟ ڪوڏَر وساريو وڃين…؟ بَخشو ڪابه ورندي نه ڏني. گَپ هاڻن اُگھاڙن پيرن سان، گهر ويندڙ ڪچي رستيِ تان دَز اُڏاريندو، کٻڙن ۽ ديوين جي گهاٽن وڻن ۾ گُم ٿي ويو. بَخشوءَ کي مايوسي وچان روانو ٿيندو ڏسي، پَروءَ کي هن جو جُملو ياد آيو، “صُبح تائين ڪِڪِي مري ويندي.” پَروءَ کي هِنياءُ ۾ چَڪُ پيو، سيني ۾ بَڙڇي لَڳس، اَندر ٻه اَڌ ٿي پيس. دل ۾سوچيائين، مان هن جي آخري اميد هئس.

بَخشو خالي ھٿ لوڏيندو گهر پُهتو ته سندس جوءِ قسمت آزمائڻ نڪتي. کيس خيال آيو ته من ڪنھن پاڙي واريءَ جي پلاند ۾ ٻَڌل چار پئسا ملي پون ته ڌِيئڙيءَ کي علاج لاءِ شھر کڻائي وڃان. پيرين اُگهاڙي ڊوڙندي، ڊُڪندي، هَڙئي ويڙها لَتاڙي، ھٿين خالي گهر موٽي آئي. ڪنھن رپيو تِريءَ تي نَه رکيس. دَر ٽپندي، ڌيءَ کي ڇِڄل کٽ تي ويٺل بخشوءَ جي هَنج ۾روئيندو ڏٺائين ته بي اختيار پاراتو ڏيندي دانهن ڪيائين: “باھِ لڳي شَل هن ويڙهي کي، مُلڪ سُڃ ٿيو آهي، ڪنهن وٽ پائي ڪونهي.” بَخشو کٽ تان اُٿي کڙو ٿيو. اڳتي وڌي، ڪُونج کي جوڻس جي ھٿن ۾ ڏيئي، ڪِروڌ وچان ٻاهر نڪري ويو. واٽَ وٺيو پئي ويو ته ڪُجھ ڳوٺائي ڦِري آيس. چيائونس، “ڇيلو کپاءِ بَخشو. ڌِيءَ جي دوا ڪراءِ. اولاد کان وڌ ڪجھ نه اَٿئي. نياڻي ھفتي کان بُخار ۾ تَڙپي پئي، تون جوڻهين سميت وَتين ٿو دَر دَر پِنندو. هرڪو پنهنجي پاپن ۾ پورو آهي. اوکيءَ ويل اهي ساهدار ئي ته ڪم اچن ٿا، نه ته ڪير ٿو ڪنھن سان ھٿ ونڊرائي.” بَخشو اها ڳالهه ٻُڌي باھ ٿي ويو. اکيون ڳاڙهيون ٿي ويس، جھڙو کوريءَ ۾ ٽانڊا. نِرڙ تي گُهنڊ پيس، ناسون ڦوٽارجي ويس، ڏَند ڏندن سان ملي ويس. وڏي رَڙ ڪندي چيائين، “مُرشد جو ڇيلو آهي.” هڪ پوڙهي وراڻيو، “ابا! مُرشد کي کڻي آئيندي ڇيلو ڏجانءِ. ڌِيءَ ٿي مَرئي. مَچُ پيو ٿو ٻريس، ڪُجھ حياءُ ڪَر، شھر کڻائي وڃينس.” ڪُراڙي جي ڳالھ ٻُڌي اڻ ٻُڌي ڪري، بَخشو ويتر تِکو ٿي ويو، پر سُتت ئي پاڻ سنڀالي، فَخر سان چوڻ لڳو، “مُرشد تان ٻَچا به قربان. ڇيلو، مُرشد جي نالي ٿيل آهي. ٻه وَرھن اڳ مُرشد پاڪ پنھنجي اوتاري ڪَھي آيو هو ته مان سندس قَدمن ۾ ويهي، پيرن کي بوسو ڏنو ھو ۽ کيس عرض ڪيو هئم، جيڪر پنهنجا مُبارڪ قدم مون ادنا مُريد جي اَڱڻ تي ڌري ته مُنھنجي روزي رِزق ڪُشادو ٿي پوي ۽ هر بَلا ٽَري پوي. مُرشد ڪريمين جن، مون مسڪين جي عرضي اگھائي، ڪروڙين ڪرم ڪيا ھئا. گهر جي آڳُر تي هلي آيا هئا، اَمڙين جي مَٿي تي شَفقت جو ھٿ رکي، دُعا لاءِ هَٿڙا کنيا هئائون ته سَڀ باغ بھار ٿي پيا ھئا. لِيار جي ڇانوَ ۾ ٻَڌل، نئين وياميل ٻڪريءَ جي ڦَر تي ھَٿڙو گُهمائي چيو هئائين، “مُنهنجي امانت اَٿئي”. هي اُهو ساڳيو ڇيلو آهي ٻه سال تاتِيو اَٿَمانس. مُرشد سائينءَ جي امانت آهي. “پُٽ! پوءِ به ٻَچو ٻَچو آھي”، هڪ ٻئي جهُور پوڙهي بَخشوءَ ڏي تَڪيندي صلاح ڏيندي چيو، بَخشوءَ اَکيون ڪُرڙيون ڪري، بُزرگ ڏانهن نهاريو ۽ پوءِ هڪ هڪ ماڻهو کي چِتائي ڏٺائين. نَهڪر ۾ ڪَنڌ ڌوڻي، روانو ٿي ويو.

بَخشوءَ جو گُذر سفر ٻَني ٻاري تي آهي، سا به پَرائي. ڪنھن جي کيت کي پاڻي ٿي ڏنائين ته ڪنھن جي زمين کي ڍَڳن جو هَر. ڪڏهن ٻِج ۽ ڪَلر ٿي ڇَٽيائين ته ڪڏھن فَصلن جي گُڏ. پوکائيءَ کان ويندي لاباري تائين، ٻارين ٻچين پيو لوڙيندو آھي. فَصل پَچي راس ٿيندو ته سِجُ چڙهي کان اڳ، پنهنجي ڪُڙم سميت اچي لاباري کي لڳندو ۽ سِج لٿي تائين ايڪڙ ڏيڍ کي ڦِري ايندا. سانجھيءَ واري ٻانگ تي، گاھ جون ڀَريون مَٿي تي کنيو، لُڏندا لَمندا گهر پيا ويندا. سيارو ھُجي توڻي اُونهارو، هنن جي اهائي ڪِرت هوندي آھي. بدلي ۾ کيس اَجھي لاءِ زمين جو ٽُڪرو مليل آھي، جتي هو پنھنجي هڪ عَدد زال ۽ درجن کن ٻارن سان رهندو آھي. ڪَڻڪ جون ٻوريون ۽ ساريَن جا ٻاچڪا اُجوري طور ملندا اٿس. سِيڌو سامان کڻندو رَکت تي ۽ ليکو فَصل لَٿي. اَن ۽ چانور لَھندا ته اَڌ کڻي ويندس قرضي، جيڪي ٻه ڪَڻا بچيا، سي کڻي گُنديءَ ۾ وجھندو.

هر سال، ذري گھٽ سڄو ڳوٺ مَرد ۽ مايون، پوڙها ۽ پَڪا، نوجوان ڇوڪريون ۽ ڇوڪرا، ننڍڙا ٻار توڙي ٿَڃ پياڪ، مُرشد جي ميلي تي روانا ٿيندا. اَڳي ڏاند گاڏا، ٽانگا ۽ گڏھ گاڏيون جوٽي، ڏينهن رات سَوين ميل جھاڳي اَچي مُرشد جي ميلي تي ٺڪاءُ ڪندا. کاڌ خوراڪ جو سامان، ھَنڌ بسترا ۽ مُرشد لاءِ باسيل ڇيلا ۽ رِڍون ساڻ ڪري، جَبل جي ٽَڪرين تي تَمبو هڻي، ٽي ڏھاڙا رھي پوندا. باسُون ڏيئي، سَوڻ ساٺ پورا ڪري، آئيندي لاءِ باسُون باسي، وَچن ۽ واعدا ڪري، پوءِ واپس ورندا. اَڄُڪلھ سندن سَفر جا ذريعا، ٽريڪٽَر ٽرالي، ڊاٽسن يا سوزوڪيءَ ٿي پيا آهن. هيٺ مَٿي ماڻهن سان سَٿي، صُبح مُلي ٻانگ تي نڪري پوندا. بَخشو به پنهنجي آڪھ سوڌُو ڳوٺائين ساڻ گڏجي پوندو.

ٽاڪ منجھند جو وقت آهي. ڇِتي گرمي، ڪانوَ جي پئي اَک نڪري. وڻ ھيٺان، ڪِلي ۾ ٻَڌل ٻَڪر کي اُس اچي دَٻيو. ٻَرڙاٽ هُجيس! ڪِلي جي چئوطرف ڦِر ڦِران. بَري نسل جو ٻڪر ۽ ٻيو وري ٻه سال جو تاتِيل، جھڙو سانھُ. رَکي رَکي ٿي ڪِلي کي سَٽون ڏنائين. ڪِلو ذري گھٽ اُکڙَڻ تي هو ته بَخشو پيرين اُگهاڙي، پريشانيءَ وچان، مٿو کنهندي دَر ٽپيو. نظرون سڌو وڃي ٻَڪر تي پيس. ڊوڙندو اَچي ڇوڙيائينس. رَسيءَ سان ڇِڪيندي، گهر جي ورانڊي ۾ رکيل کٽ جي اِيس سان ٻَڌي، پاڻيءَ جي بالٽي اڳيان رکيائينس. اُڃ جي ستايل ٻَڪر، يَڪ ساهي بالٽي پي ويو. ٻي کٽ تي ويٺل جوڻس، اِيس جي ٻنهي ڪُنڊن سان ٻَڌل چادر جي لوڏ ۾ سُتل ڪُونج کي، پير سان لوڏا ٿي ڏنا. ڪُونج جي ماءُ اُداس چھري، ڀِنل نيڻن سان بَخشو جي اکين ۾ اکيون ملائي، نَظرون ڦيري ٻَڪر ڏي ڪيون، شايد چوندي ھجي، ٻَڪر کي ڪُلهو ڏي. بَخشو سندس اِشارو سمجھي ورتو. ٻُوٿ خراب ڪري، اُٿي کڙو ٿيو. قَهر جي گرميءَ ۾، ڏاٽڙو گَندي ڪُلهي تي رکي، مُرشد جي ڇيلي لاءِ گاھ مُٺ ڪرڻ روانو ٿي ويو.

بَخشو کي ويندي ويرم ئي نه گذريو ته ڪُونج دانهون شروع ڪري ڏنيون. تَپُ اهڙو جو آڙا. ماءُ، پَٽيون ٿي ڪيَس، پر بُخار ڪو لَهي ڇا؟ مائيءَ، پنهنجي پُٽ کي ڊوڙايو ته وارو ڪر پِڻھين کي سڏي اَچ. ڇوڪرو ٻَنيءَ ۾ پِڻس کي ڳولهيندو رهيو، پر هو ڪو لَڀي ڇا؟ ڇوڪَر وڏي واڪي روئيندي سَڏ ڪَيا. بابا…؟ او بابا…؟ ڪِٿي آهين…؟ اَدڙي مَري ٿي. بَخشو جو نام نه نشان. ڇوڪرو ساڳئي پير گهر موٽي آيو. ڪلاڪ ڏيڍ گُذري ويو، بَخشوءَ جو ڏَسُ نه پَتو. ڪونج بُخار ۾ ساڻي ٿي پئي ھئي. نِيٺ، بَخشوءَ جي مائي، ننڍڙيءَ کي جهُول ۾ ڪري، ڊوڙَندي ٻاهر رستيءَ تي اچي بيٺي. ڇا ٿي ڏسي ته سندس وَرُ، سَرنھن جي گھاٽن ٻوڙن مَنجھان، گاھ جي ڀَريءَ سان ٻاهر نڪتو اچي پيو. مائيءَ رَڙ ڪئي! وارو ڪر ڇوڪري ھٿن مان ٿي وڃي. بَخشوءَ گاھ جي ڀَري اُڇلائي ڊوڙ پاتي. ڇا اچي ڏسي ته ڪُونج جون اکيون بَند آھن. جِسم ايترو گرم جهڙو باھ. کيس سيني سان لَڳائي، ھيڏانھن ھوڏانھن ڏسڻ لڳو ته من ڪو ماڻھو نَظر اچي يا ڪا سواري، پر ڪا پَھر ئي نه ھُجي، چئوطرف سناٽو. ٿوريءَ دير ۾ پَريان سندس هڪ عزيز کي سائيڪل موٽر تي ويندو ڏٺائين. بَخشوءَ زال سميت ڊوڙ پاتي ۽ کيس بيھڻ لاءِ زوردار رڙ ڪندو رھيو. همراهه بيٺو ته هي وڃي پيرن مان چنبڙيس ۽ اسرار ڪيائينس ته اسپتال پڄائي. همراهه جي ننڍڙيءَ تي نظر پئي ته آٺرجي پيو. هو سمجھي ويو ته سندس حالت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي. دل ٻڌي هن بائيڪ کي ڪِڪ هَنئي، پر بائيڪ ڪو اسٽارٽ ٿئي ڇا. پراڻي کڙتل اسڪوٽر، اُھا به چائنا جي، ڏھاڪو ڪِڪن تي چالو ٿي. ننڍڙيءَ کي کڻي اسپتال روانا ٿي ويا.

هڪ ڀيري بخشوءَ، ڪُونج جي ڪيفيت پروءَ سان اوريو هو، جنھن صلاح ڏني هئس ته ڪنهن سٺي ڊاڪٽر کان ننڍڙيءَ جي چڪاس ڪرائي. ٽيسٽون ٿينديون ته مرض جي وجھ سامهون اچي ويندي. دوا پوءِ اثر ڪندي. هن کيس علاج لاءِ هر ممڪن مدد جي خاطري پڻ ڪرائي هئي. تنهن تي بخشو چيو، “مُرشد کان ڌاڳو گهرائي ڪِڪِيءَ کي پارائي ڇڏيو آهي، جلد اثر ڏيکاريندو. مولا مرشد جي دعا، دوا کان هزار گُنا بھتر آھي.” پروءَ هن جو جواب ٻُڌي، اکيون ڦيري ڇڏيون هيون. دل ۾ سوچيو هئائين ته اسان جي ماڻهن کي ڇا ٿي ويو آھي. دنيا جون عظيم قومون مذهبي ڦند ڦير، ڏاڪ ڏانوڻ، رَدي ريتون رسمون، صديون اڳي زمين بوس ڪري، سائنسي سوچ کي پروان چاڙهي، اَڄُ مصنوعي ذهانت وسيلي دل جي آرزوءَ کان ويندي ڪينسر جهڙن موذي مرضن جي خطري کان اڳواٽ ئي اُن جي آگاهي ڏين پيا. اُتي اسان جي قوم، وسوسن ۽ وهمن ۾ ورتي پئي آهي. هنن مليريا ۽ مُدي جي بخار جو علاج ٺَڳ ۽ جعلي ڪاني ڪرامتي پيرن جي وٽيل ڌاڳن ۾ ڳولهي ورتو آهي، جيڪي هنن جو معاشي استحصال ڪري، سندن ٻچن جي تعليم، تربيت ۽ خوشحال زندگيءَ جو سِج دارا شڪوه جي ڪَپيل ڪنڌ وانگي ڌڙ کان الڳ ڪري، هميشه لاءِ اجهائي ڇڏين ٿا.

“ابا! ڦَٽڦٽي کي تِکو ڪر، منھنجي ٻچڙي چُري پُري ئي نٿي، وارو ڪر ڏاڪدر تائين پھچائي.” مائيءَ روئڻھارڪي لھجي ۾ ڊرائيور کي چيو. بخشوءَ جي ڳوٺ کان شھر ويھارو ميل جي مفاصلي تي آھي. ٿوريءَ دير ۾ مائيءَ ٻيھر دانھن ڪئي، “ابا! ايئن ھلندين ته منھنجي ڪونجڙي اسپتال نه پھچي سگھندي.” جيجل گھٻرائي نه! دعا ڪيو رب سائين مدد ڪندو، سندس عزيز کيس دلاسو ڏنو. رستي ۾ بخشوءَ جي نظر ھڪ ڊسپينسريءَ تي پئي ته ھن ھڪدم اسڪوٽر موڙايو. حڪومتي نمائندن جي علائقي ۾ موجود ڊسپينسريءَ ۾ ڪا پھر ئي نه ھجي. معلوم ٿيس ته ڊاڪٽر صاحب مھيني ۾ ھڪ اڌ ڏينھن ايندو آھي ۽ صحيحون ڪري ھليو ويندو آھي. شھر ۾ ڪلينڪ اٿس، جتي پنھنجي گائنا ڪولوجسٽ (زناني بيمارين جي ماهر) زال سان خلق خدا جي خدمت ڪندو آھي. بخشو ويچارو مايوس ٿي، روانو ٿي ويو. شھر پھچڻ لاءِ کين سنڌو درياءَ ڪراس ڪرڻو ھو. جڏھن درياءَ پار ڪري رھيا ھئا ته مٽيءَ جو طوفان شروع ٿي ويو. پٿر تاري سگھڻ وارو درياءَ بادشاھ، جيڪو ھر وقت تارَئُون تار پيو وھندو ھو، جنھن جي لَھر ٿي جاڳي ڪِري ٻئي لھر تي، جيڪا سُمھندي ئي نه ھئي، جنھن ۾ ٻُلھڻ لِڪ لڪوٽي راند کيڏنديون ھيون ۽ مڇيون رڪس ڪنديون ھيون، اڄ ان جون موجون کسجي چڪيون آھن، بَند ٻَڌي ان جو رخ موڙيو ويو آھي. اياز جي درياءَ اندر اھا دھشت نه رھي آھي، جيڪا قيامت ٿي سگھي.

ڀِٽائيءَ جي سنڌوءَ منجھان واري اڏمي ڪونجڙيءَ جي مُنھن تي ٿي پئي. امڙ، رَئي سان ڌِيئڙيءَ کي لَٽ کان بچائي ٿي. سنڌو ندي پار ڪندي ڪونج جي ماءُ دانھن ڪري ٿي. ابا! ڦٽڦٽي روڪ، ڇوڪريءَ جو جسم پارو ٿي ويو آھي.“ڊرائيور پُل تي بائيڪ بيھاري ٿو. بخشو ھڪدم لھي، ڪونج کي ٻانھن ۾ جھلي، سندس دل جي ڌڙڪن ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ڪونج جي دل جو ڌڙڪڻ رڪجي ويو آھي ۽ اکيون بند. بخشو سُڏڪو ڀري ٿو. لُڙڪ لارَ ڪَري سندس ڏاڙھيءَ مان ڳڙي، ڪونج جي منھن تي ڪرن ٿا. بخشو پنھنجا چَپَ ڪونج جي نرم ڳلڙن تي رکي، سِسِڪي ڀري ڀُڻڪي ٿو، “مُنھنجي ڪِڪِي.” بخشوءَ جي زال اُڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪري، ٻئي ھٿ مُنھن تي ھڻي ماتم ڪري ٿي، “يا حُسين! يا حُسين! مُنھنجي ڪونجڙي.” بخشو، ڪونج جي لاش ھٿن ۾ ڪري دَر ٽپي ٿو. گھر ۾ قيامت صُغريٰ برپا آھي. پَريان لِيار جي ڇانوَ ۾ ٻڌل “مُرشد جو ٻَڪر” گاھ چري رھيو آھي ۽ ننڍن ڇيلن ۽ ڇيلڙين کي ٿونھان ھڻي رھيو آھي.

***