نئون

ٻن ڏينهن ۾ هڪ سج کائي ويندڙ بليڪ هول

آسٽريليا جي سائنسدانن زمين کان 12 ارب نوري سال پري هڪ اهڙو بليڪ هول ڳولهي لڌو آهي جيڪو هر ٻن ڏينهن ۾ هڪ عدد سج کائي وڃي ٿو، جنهن ڪارڻ هن بليڪ هول جي سائز به تمام جلديءَ ۾ وڌي رهي آهي. هن جي سائيز اسان جي سج کان به 20 ارب دفعا وڏي آهي ۽ اهو هر ڏهه لک سالن ۾ هڪ سيڪڙو وڌي ويندو آهي. ماهرن چيو آهي ته هي ايترو ته روشن آهي جو هڪ پوري ڪهڪشان کان به 100 دفعا وڌيڪ روشن آهي. هن جو سبب اهو آهي ته گيسن کي کائڻ سبب جيڪي حرارت ۽ رڳڙ پيدا ٿي رهي آهي ان جي سبب اها روشني پيدا ٿي رهي آهي. ماهرن چيو آهي ته 10 ارب نوري سال پري هجڻ ڪارڻ اسان هن کي ڏسي نٿا سگهون پر خلائي دوربين ذريعي ان جي باري ۾ وڌيڪ معلومات به حاصل ڪري سگهجي ٿي.