نئون

شڪارپور پوليس پاران ٽي ڀائر قتل، ڏوهي قرار

اربع ڏينهن شڪارپور پوليس هٿان ٽي ڀائر حملي ۾ قتل ٿي ويا. جن کي پوليس بعد ۾ ڏوهي قرار ڏيئي ڇڏيو. مقتولن جي خاندان جو چوڻ آهي ته ٽئي ڀائر بي ڏوهي ماريا ويا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته ڌاڙيل محمد نواز مارفاڻي جي موجودگي جي خفيه اطلاع ملڻ تي کيس گرفتار ڪرڻ لاءِ پوليس ٽيم پهتي ته محمد نواز مارفاڻي جي ساٿين پوليس تي حملو ڪري ڏنو. ان موقعي تي محمد نواز مارفاڻي جا ٽي ساٿي مارجي ويا، جڏهن ته پنج ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ محمد نواز مارفاڻي ڪَورُ فائر ۾ ڀڄي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. فوت ٿيلن ۾ محمد ابراهيم، علي حيدر ۽ کمن پٽ بنگل مارفاڻي شامل آهن. واضح رهي ته مختلف ڪيسن ۾ محمد نواز مارفاڻي جي سِر جي قيمت 8 لک رپيا مقرر ڪيل آهي. محمد نواز مارفاڻي تي هڪ قتل ڪيس به داخل آهي جنهن ۾ هن رينجرز جي ڊپٽي سپرنٽينڊنٽ عبدالجبار عباسي کي شهيد ڪيو هو. ان موقعي تي مقتولن جي مائٽن انصاف جي گهر ڪئي ۽ چيو ته محمد ابراهيم لاڙڪاڻي ڊولپمينٽ اٿارٽي ۾ ملازم هو ۽ سندس مقتول ڀائر مسجد ۾ ٻارن کي پڙهائيندا هئا. هنن پوليس جي موقف کي رد ڪندي انصاف جي گهر ڪئي آهي. جڏهن ته علائقي جي پ پ، ايم پي اي مير بابل خان ڀيو به پوليس جي موقف خلاف آواز اٿاريو آهي ۽ چيو ته مقتولن سان انصاف ڪيو وڃي. ٻئي طرف پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولن جو ڪرمنل رڪارڊ موجود آهي جنهن ۾ قتل، ڦر ۽ پوليس انڪائونٽر جا ڪيس شامل آهن.