ايڊيٽوريلنئون

عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي جو عالمي ڏينهن

            عورتن جي حقن لاءِ اسان جي سماج ۾ ساڃاهه وڌي رهي آهي ۽ انهن جي خلاف تشدد ۽ بي واجبين جي سلسلي ۾ آواز اٿاريو پيو وڃي. تازو ڪراچي ۾ عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي هڪ تقريب ٿي، جنهن جي ميزبان هوم بيسڊ وومين ورڪرز فيڊريشن هئي. ڪراچي پريس ڪلب ۾ انهيءَ تقريب جو انتظام ڪيو ويو هو. 1960 ۾ لاطيني آمريڪا جي ملڪ ڊومينڪ ريپبلڪ ۾ ٽن ڀيڻن جي انهيءَ وقت جي آمر جي خلاف جدوجهد ۽ ان جي نتيجي ۾ قتل ٿي وڃڻ تي اڄ سموري دنيا انهيءَ کي “بٽرفلائيز موومينٽ” جي نالي سان ياد ڪري ٿي.

            انساني جدوجهد جي تاريخ قديم به آهي ۽ ڏکوئيندڙ به آهي ۽ عورت انهيءَ سلسلي ۾صنفي امتياز جي ڪري ظلمن جو وڌيڪ شڪار رهي آهي. عورتن جي تشدد جي خلاف عالمي ڏينهن ڊومينڪ ريپبلڪ جي 1960 واري آمرانه دور ۾ جن عورتن جدوجهد ڪئي، انهن ۾ ٽي ڀيڻون پيٽريا، منروا ۽ ماريا ٽريسا شامل آهن، اهي آمريت جي ظلم جي خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ اڳين صفن ۾ هيون ۽ ثابت قدمي سان سياسي جدوجهد ڪري رهيون هيون. 25 نومبر، 1960 تي انهن کي آمرانه حڪومت قتل ڪري ڇڏيو ۽ انهن جا نالا ڊومينيڪن تاريخ ۾ جمهوريت ۽ خواتين جي طاقت جي شبيهه جي طور مزيد چٽا ٿي ويا ۽ اها قرباني بٽرفلائيز موومينٽ جي طور تي هر سال ياد ڪئي وڃي ٿي. عورتن جي حقن جي لڙائي ۾ اها تحريڪ ۽ اهو ڏينهن اهم آهن. جو اهي انهيءَ ڏينهن اسان کي ياد ڏيارين ٿا ته عورتن لاءِ صنفي مساوات، صحت جي سارسنڀال تائين بهتر رسائي، عمومي تحفظ ۽ تشدد کان انهن جو بچاءُ ضروري آهي. سال 2000 ۾ اقوام متحده جي پاران 25 نومبر جو ڏينهن تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن ڪري ملهائڻ جو باقاعده اعلان ڪيو ويو. انهن ٽن عورتن پنهنجي جان ڏئي ثابت ڪيو ۽ اقوامِ عالم عورتن جي حقن لاءِ انهن جي قرباني کي تسليم ڪيو آهي. بٽرفلائيز موومينٽ عورتن جي حقن جي تحريڪن ۾ جان وڌي آهي. عورتن جي حقن مان مراد اهي حق ۽ قانوني استحاق آهي، جن جو مطالبو دنيا جي سڀني معاشرن ۾ عورتن ۽ ڇوڪرين طرفان ڪيو وڃي ٿو. 19هين صدي ۾ عورتن جي حقن جي تحريڪ (Women’s rights movement) ۽ 20هين صدي ۾ نسائيت جي تحريڪ (feminist movement) انهيءَ سلسلي ۾ اهم آهي ۽ انهيءَ سان گڏ عورتن جي خلاف تشدد جي لاءِ بٽرفلائيز موومينٽ به اهم آهي، جو انهيءَ ۾ عورتن پنهنجي حقن ۽ جمهوريت لاءِ جان جو نذرانو ڏنو آهي. هاڻي ائين به آهي جو دنيا جي ڪيترن ملڪن ۾ عورتن جي حقن کي قانوني ۽ سماجي تحفظ حاصل آهي، پر گهڻن ئي ملڪن ۾ انهن حقن کي غضب ڪيو وڃي ٿو يا نظرانداز ڪيو وڃي ٿو. عورتن جي حقن ۾ تمام انساني حق شامل آهن، پر خاص طور اهي حق جيڪي اسان جهڙو معاشرو مرد ۽ عورت جي درميان فرق ۾ روا رکي ٿو. انهيءَ ڪري عورتن جي حقن جي سلسلي ۾ عام طرح جن حقن جو خاص طرح ذڪر ڪيو وڃي ٿو، انهن ۾ جسماني تحفظ جي يقين دهاني، معاشي خودمختياري، جسماني استحصال کان تحفظ، حڪومت ۽ سماجي ادارن ۾ برابري جي بنياد تي نوڪريون ۽ روزگار جا موقعا، مردن جي برابر پگهار، پسندي جي شادي جو حق، نسل کي اڳيان وڌائڻ جو حق، جائيداد رکڻ جو حق ۽ تعليم جو حق شامل آهن. اسانجو سماج پنهنجي اصل ۾ پدرشاهي آهي، انهيءَ ڪري عورتن جي حقن لاءِ اسانکي وڌيڪ جدوجهد ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدين کان عورتن جي حقن لاءِ آواز اٿاريو پيو وڃي. اقوام متحده 1948 ۾ انساني حقن جو جيڪو پڌرنامو جاري ڪيو آهي، انهيءَ ۾ مردن ۽ عورتن جي مساوي حقن جي ڳالهه ڪئي وئي آهي ۽ 1979 ۾ اقوام متحده جي جنرل اسيمبلي ۾ عورتن جي خلاف امتيازي سلوڪ جي تمام قسمن جي خاتمي کي منظور ڪيو ويو آهي. انهيءَ سڀ جي باوجود اسانجي پدرشاهي سماج ۾ عورتن کي حق اڃا تائين نه مليا آهن، پر انهيءَ سلسلي ۾ اسانجي سماج جي عورت سجاڳ ٿي رهي آهي ۽ اها پنهنجي حقن کي سمجهي ٿي ۽ انهن کي گهرڻ جي ڳالهه به ڪري رهي آهي.

            ڪراچي ۾ هوم بيسڊ ورڪرز فيڊريشن جي تحت عورتن جي خلاف تشدد جي خاتمي جي عالمي ڏينهن کي ملهايو ويو آهي. تقريب کي سڄي ملڪ جي اهم سماجي، سياسي ۽ ٽريڊ يونين رهنمائن خطاب ڪيو آهي. انهيءَ سلسلي ۾ هڪ ڳالهه ڪندا هلون ته ڊومينڪ ريپبلڪ جا حالات ۽ اسانجي ملڪ جا حالات هڪجهڙا آهن ۽ انهيءَ لاءِ عورتن جي حقن لاءِ جدوجهد ضروري آهي. اسين سماج جي عورتن جي حقن جي لاءِ جدوجهد ڪندڙ سڀني ڌرين جي ڪوششن جي آجيان ڪريون ٿا ۽ اهو يقين رکون ٿا ته اسان وٽ به اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن عورت ۽ مرد جي وچ ۾ صنفي امتياز ختم ٿي ويندو.