بلاگنئون

ڇا بلاول ڀٽو کي ڪا نئين ذميواري ملڻ واري آهي؟

پاڪستان جي سياست آئين ۾ قائم ڪيل فريم ورڪ اندر ٿيندي آهي. ملڪ هڪ وفاقي پارلياماني جمهوريه آهي جنهن ۾ صوبائي حڪومتن کي اعليٰ درجي جي خود مختياري ۽ بقايا اختيار حاصل آهن. انتظامي طاقت قومي ڪابينا وٽ رکيل آهي جنهن جي سربراهي پاڪستان جي وزيراعظم، شهباز شريف (3 مارچ 2024 کان وٺي) ڪري ٿو، جيڪا ٻه رڪني پارليامينٽ ۽ عدليه سان ڪم ڪري ٿي. آئين پاران مقرر ڪيل شرط حڪومت جي انتظامي، قانون ساز ۽ عدالتي شاخن جي وچ ۾ طاقت جي حصيداري جي نازڪ چيڪ ۽ توازن فراهم ڪن ٿا. رياست جو سربراهه صدر آهي، جيڪو چونڊيل ادارن طرفان پنجن سالن جي مدي لاءِ چونڊيو ويندو آهي. آصف علي زرداري هن وقت پاڪستان جو صدر آهي. 18 هين ترميم کان اڳ صدر هڪ اهم اختياري هو، 2010 ۾ منظور ٿيل ترميم کانپوءِ ان جي اڪثر اختيارن کي ختم ڪري ڇڏيو. ان وقت کان وٺي، پاڪستان هڪ نيم صدارتي نظام کان هڪ خالص پارلياماني حڪومت ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي. پاڪستان هڪ گهڻ جماعتي جمهوريت آهي جتي ڪيتريون ئي سياسي پارٽيون قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي سيٽن لاءِ مقابلو ڪن ٿيون.

جڏهن ته 1971ع کانپوءِ پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ جي وچ ۾ ٻه جماعتي نظام جوڙيو ويو. مرڪزي پارٽين جهڙوڪ: مسلم ليگ (ق) ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي مقبوليت ۾ به تيزي سان اضافو ٿيو آهي. 2008ع ۾ صدر پرويز مشرف جي استعيفيٰ کانپوءِ ”ملٽري اسٽيبلشمينٽ“ ۽ سياست جي وچ ۾ هڪ تيز لڪير ٺهي وئي جنهن سبب پاڪستان جي ڪنهن به وزيراعظم ڪڏهن به پنهنجو مڪمل مدو پورو نه ڪيو آهي. هن وقت به نواز ليگ ۽ پيپلز پارٽيءَ جي اتحاد ۾ هلندڙ حڪومت اندروني اختلافن جو شڪار آهي. شهباز حڪومت ٺهڻ کان وٺي پيپلزپارٽي ظاهري طور حڪومت جو حصو هئڻ باوجود اندروني طور سخت ناراض ڏسڻ ۾ اچي ٿي، جنهن جو تذڪرو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري وقت بوقت ڪندو رهيو آهي. جڏهن سندس پارٽيءَ جا وزير خود بلاول ڀٽو کي وزيراعظم ڏسڻ جا خواهشمند رهيا آهن، پوئين اليڪشن ۾ وزيراعظم بلاول ڀٽو جا نعرا هڻي چونڊون کٽيون، پر نتيجن اچڻ بعد زرداري صاحب پاڻ ملڪ جي صدارت وٺي نواز ليگ سان ٺاهه ڪري شهباز شريف کي وزيراعظم بڻائي بلاول ڀٽو کي سائيڊ تي ڪري ڇڏيو، جنهن تي بلاول ڀٽو سميت ڪيترائي پارٽي اڳواڻ ناراض به ٿيا، پر زرداريءَ جي مفاهمتي پاليسيءَ تحت ڪجهه وقت لاءِ خاموشي ٿي وئي، پر بلاول ڀٽو جڊيشل ڪميشن ۾ هڪ جيتري نمائندگي نه ملڻ ۽ اتحاد کانپوءِ ٿيل معاهدن تي عمل نه ڪرڻ ڪري وري شهباز حڪومت کان ناراض ٿيندو رهيو آهي. ذريعن موجب بلاول ڀٽو زرداري احتجاج طور جڊيشل ڪميشن مان پنهنجي نامزدگي به واپس وٺي ڇڏي آهي. تازو بينظير ڀٽو جي ورسيءَ جي موقعي تي ٿيل پيءُ ۽ پٽ جي متنازعه تقريرن مان لڳي پيو ته منجهن هم آهنگي ناهي رهي. حڪومتي معاملي ۾ اتحادين ۾ اندروني طور ڏار پئجي چڪا آهن جنهن کانپوءِ نواز ليگ الڳ پريشان آهي ته وري پيپلزپارٽي قيادت ڪجهه ٻيو سوچي رهي آهي، پر بلاول جي ڪاوڙ کي هڪ دفعو ٻيهر نطر انداز ڪري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر آصف علي زرداري جو گڏجي اڳتي هلڻ تي اتفاق ٿي ويو. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم/پرڏيهي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ۽ وفاقي گهرو وزير سيد محسن رضا نقوي پڻ شرڪت ڪئي.

گورنر خيبر پختونخواهه فيصل ڪريم ڪنڊي، اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر سيد نويد قمر پڻ ملاقات ۾ شريڪ ٿيا.  ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي، معاشي ۽ سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. صدرِ مملڪت ۽ وزيراعظم ملڪ جي ترقي لاءِ گڏجي اڳتي وڌڻ جو عزم ورجايو. صدرِ مملڪت ۽ وزيراعظم پارليامينٽ ۾ قانونسازي جي معاملن تي به ڳالهيون ڪيون ۽ طئي ڪيو ته قانوني معاملن تي سڀني سياسي اسٽيڪ هولڊرن سان صلاح مشوري سان اڳتي پيشرفت ڪئي ويندي. صدرِ مملڪت وزيراعظم کي ملڪ جي ترقي ۽ استحڪام لاءِ سهڪار جي خاطري ڪرائي آهي. ان صورتحال ۾ ملڪ جي ٻنهي اقتداري ۽ اتحادي جماعتن جي پريشانيءَ ۾ اضافو ڪندڙ تحريڪ انصاف آهي جن کي ڳالهين جي ميز تي آڻي حڪومت وڏي غلطي ڪئي آهي، ڇو ته عمران خان اهڙا مطالبا سامهون رکيا آهن جيڪي شهباز حڪومت جي مڃڻ کان مٿانهان آهن. ان ڪري پي ٽي آئي قيادت جو چوڻ آهي ته اسان انهن سان ڳالهيون ڪنداسين جنهن وٽ فيصلي ڪرڻ جا اختيار هجن.

انهن بيانن مان لڳي ٿو ته شهباز شريف بااختيار ناهي ۽ ٽيون هٿ پنهنجي فائدي جا فيصلا ڪرائڻ چاهي ٿو. بلاول ڀٽو انهيءَ سموري معاملي تي خاموشي اختيار ڪريو ويٺو آهي ۽ گذريل ڏينهن سندس ايوان صدر ۾ اهم ملاقاتن جو انڪشاف ٿيو آهي جنهن ۾ رياست جي اهم سرگرم شخصيتن جي شرڪت جون خبرون گردش ڪري رهيون آهن، جن مان لڳي ٿو ته ڪنهن معاملي تي رياست پهچڻ واري آهي ۽ ان لاءِ سڀني ڌرين کي اعتماد ۾ ورتو پيو وڃي. ان ملاقات ۾ جڏهن وزارت داخلا، وزارت دفاع ۽ وزيراعظم آفيس ۽ صدر جو پٽ بلاول ڀٽو به موجود هجي ته پوءِ سمجهي سگهجي ٿو ته صورتحال ڪهڙي طرف وڃي رهي آهي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته آخر اهڙا ڪهڙا اهم معاملا آهن جنهن جي ڪري اهي ملاقاتون ٿي رهيون آهن ۽ ايوان صدر ۾ ڪا نئين کچڙي پچي رهي آهي. ٻي اهم خبر سائيفر جي حوالي سان آهي ته عمران خان ان کي پڌرو ڪيو ۽ ان کي هڪ پوليٽيڪل ٽول جي طور تي استعمال ڪيو ۽ بي اعتمادي رٿ کي ڪامياب ڪرائيندڙ سڀني سياسي ڌرين کي دٻاءُ ۾ آڻڻ جي ڪوشش  ڪئي ۽ اينٽي آمريڪن سينٽيمينٽ تيار ڪرڻ ۾ ڪامياب به ٿيو. هن وقت لڳي ٿو ته ان سائيفر واري معاملي کي ٻيهر اٿاريو ويندو. هاڻي فخر دراني هڪ خبر ڏني ته اسد منير جي ڊونلڊ لو سان ملاقات ٿي هئي اها ملاقات ٽي ڪلاڪ جاري رهي هئي اها ملاقات رڳو عمران خان جي يوڪرين جي دوري تي نه هئي، پر ان جا 11 نقطا هئا. انهن نقطن ۾ انساني اسمگلنگ سميت ٻيا معاملا به شامل هئا. ان ملاقات ۾ رڳو ٻه نقطا عمران خان جي حوالي سان هئا هڪ سندس روس جي دوري بابت هو ۽ سلامتي ڪائونسل ۾ يوڪرين تي حملي واري ووٽنگ ۾ پاڪستان جو لاتعلق رهڻ آمريڪا کي نه وڻيو هو. ٻيو نقطو پاڪستان اندر سياسي تبديلين جي باري ۾ هو ته آمريڪا ان کي گهري نظر سان ڏسي رهيو آهي. هاڻي ٽرمپ انتظاميه جي چارج وٺڻ واري وقت ۾ اهڙي خبر جو اچڻ  معنيٰ خيز آهي. هن مهل تائين سائيفر جي ڪاپي به گم آهي. جيڪڏهن سپريم ڪورٽ ۾ سائيفر وارو معاملو وڃي ٿو ته امڪاني طور تي اصل ڪاپي اتي پيش ٿي سگهي ٿي.

ٻئي پاسي نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽيءَ ۾ مختلف اشوز تي اختلاف هلي رهيا آهن، سو ايوان صدر ۾ ملاقات ۾ اسحاق ڊار، محسن نقوي، بلاول ڀٽو زرداري ۽ صدر به موجود هئا. ملاقات دوران نواز ليگ ۽ پيپلزپارٽيءَ ۾ اختلافن کي نبيرڻ تي به ڳالهيون ٿيون آهن ۽ اسحاق ڊار کين يقين ڏياريو ته ساڻن طئي ٿيل معاملا نڀايا ويندا. ان سان گڏ ڪابينا ۾ واڌ تي به ڳالهيون ٿيون آهن ته بلاول ڀٽو زرداري نائب وزيراعظم ۽ فارين منسٽر طور شامل ٿي سگهي ٿو، پر في الحال بلاول ڀٽو پاران انڪار ڪيو ويو ۽ بااختيار وزيراعظم ٿيڻ جو ارادو رکي ٿو، پر ذريعن جو چوڻ آهي ته بلاول ڀٽو کي ملڪ جو نائب صدر بنائڻ جو آپشن به ڏنو ويو آهي. هاڻي ڏسڻو اهو آهي ته بلاول ڀٽو ڪهڙي ذميواري قبول ڪري ٿو جيڪڏهن هو اتحادي حڪومت جو حصو رهڻ چاهي ٿو ته ڪا نه ڪا ذميواري وٺندو، پر جيڪڏهن هرو ڀرو کيس وزيراعظم ٿيڻو آهي ته پوءِ عدم اعتماد جو آپشن به سندس سامهون آهي جنهن ذريعي پي ٽي آءِ سان اتحاد ڪري وزيراعظم بڻجي سگهي ٿو، پر ان لاءِ کيس ڪجهه وقت انتظار ڪرڻو پوندو.