بلاگنئون

“شهزادي ماھِ نور” جو سرسري جائزو…!

جيڪي رات ڏٺو مون خوابن ۾،

ناهي گل اهڙو ڪو گلابن ۾- (روشن ڪوري)

زندگيءَ جي هر موڙ تي ڪيترائي جوهر ملي ويندا آهن، پر شريف ترين جوهر جيڪو وفا ۾ آهي، اهڙو اخلاقي دستور دنيا جي ڪنهن حصي يا ڊڪشنري ۾ ملڻ مشڪل آهي. ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جون ڪهاڻيون وفا جو جوهر آهن. زندگي حسين يادن جو تحفو ضرور آهي، پر ڪتاب “شهزادي ماھِ نور” سادي زندگي جو حصو بڻجي هر ذهن کي متوجھ ڪري هڪ سگنل اشارو ڪري ٿو. 14 ڪهاڻين ڏانهن منتقليءَ جو سبب مطالعو ئي آهي، جنهن جي هير هر ٻار کي ذهن نشين ڪرائجي.

سنڌي ادب ناميارو اديب، ليکڪ ۽ پبلشر عيسيٰ ميمڻ ڪتاب بابت پنهنجي راءِ لکي ٿو ته: “ٻار جلد نصيحت به تڏهن قبول ڪندو جڏهن انهن کي تفريح فراهم ڪئي ويندي آهي. ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ ٻارن جي نفسيات ۽ ذهني سطح کي سامهون رکي ڪهاڻيون لکيون آهن.” زندگي ڏکن ۽ سکن مرحلن جو سنگم آهي، جيئن ڪھاڻي “شهزادي ماھِ نور” ڪردار سامهون اچي ٿو. “بادشاھ کانئس معافي وٺندي چيو، منهنجي ڌيءَ! آئون تنهنجي مالڪياڻي شهزاديءَ کي پنهنجي سڄي ملڪيت ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ته جيئن هو توکي اجازت ڏي ۽ تون هاڻي اسان سان واپس هل. ڇو جو توکي گهران جهنگ موڪلڻ کانپوءِ آئون هڪ رات به سمهي ڪونه سگهيو آهيان. منهنجي ضمير مون تي ڏاڏي ملامت ڪئي آهي. مون فرعونيت ڪري تو نياڻيءَ کي گهران ڪڍي ڇڏيو.” حوصلو انسان جو وڏي کان وڏو سرمايو آهي. ادب به ڪنهن سرمائي کان گهٽ ڪونهي.

 راشد چواڻي ته: “زندگي زهر کان وڌيڪ ڪوڙي ۽ ماکيءَ کان وڌيڪ مٺي به آهي.” ڊاڪٽر پروين موسيٰ ميمڻ جي ڪهاڻين جو انداز به ڪجھ اهڙو ئي آهي. جيئن “غرور جو انجام”، “دوستي“، “خودداري”، لنچ باڪس” ٻاراڻي ذهن تي گهڻو اثر ڇڏين ٿا. ڪتاب جي سونهن ۾ ٻيو اضافو اهو به آهي ته مختصر مضمونن ۾ پنهنجو رس چس آهي. جنهن ۾ ڊاڪٽر نور افروز خواجه، سرور ٻگهيو، محمد يامين ڪنڀر، وينا شرنگي، ماهين هيسباڻي ۽ امر اقبال پاڻ موکيو آهي. ذهين فرد وقت تي نتيجو ضرور مهيا ڪندو آهي. جيئن ڪھاڻي “صحبت پور ۽ صاحبه” جو ڪجھ عڪس پڙهندڙن لاءِ “صاحبه سوچيو ته پوءِ ڇو نه آئون خط لکي پنهنجي ڳوٺ جا مسئلا اخبار ۾ شايع ڪرايان اهو پڪو خيال ڪري هن وڏي وزير جي نالي خط لکيو جنهن ۾ اها آگاهي ڏنائين ته هن ترقي يافته دور ۾ به صحبت پور جا ماڻهو انتهائي تڪليف واري حياتي گذاري رهيا آهن. ڪا به زندگيءَ جي بنيادي ضرورت هن ڳوٺ ۾ ميسر ڪونهي.”

ٻارن جي ادب جو ڪتاب “شهزادي ماھِ نور” چانڊوڪي پبليڪيشن واهي پانڌي جون 2023ع اشاعت ڪرايو آهي. ڪتاب جو انتساب ٻارن جي ادارن جي نالي ٿيل آهي جيڪي ٻاروتڻ کي اهميت ڏين ٿا. هر ڪنهن ۾ پنهنجي آس اميد آهي. شاھ لطيف چواڻي ته:

سڄڻ سنئيون ڪن، لوڪان ليکي ونگــيون،

سنديون سپرين، پرون پروڙڻ ڏاکڙو.