بلاگنئون

خان جي سياست ۽ ڪرسيءَ جو نوحو

ڪيڏي حيرت جهڙي ڳالھ آهي ته هزارين يا لکين ماڻهو هاڻي روڊن رستن تي گڏ ڪري به پنهنجي سياست چمڪائي نٿي سگهجي. ماسوا ان جي ته ڪو ووٽ کٽي چڙهي يا اليڪشن ۾ سوڀارو ٿئي يا ڪا پٺڀرائي مليس. ان ڪري جمهوريت جي ٽرانزيشن ان روايتي ووٽن جهڙي بهترين عمل جي ذريعي ئي ممڪن ڪري سگهجي ٿي، نه ته ٻي صورت ۾ ممڪن ئي ناهي. ساڳي ڳالھ اها به آهي ته ماڻهو سياسي پارٽي جي حيثيت ۾ جڏهن اليڪشن مان هارائي ته فورن هار مڃي، ان ڪري ته هار ۽ جيت گيم (سياست) جو حصو آهي. اها ڳالھ وري اليڪشن ۾ به آهي، ان ڪري اهو ته رڳو هن دفعي ئي ممڪن ٿيو جو بغير اليڪشن ۽ نعري بازي يا وٺ وٺان جي مخالف (پي ڊي ايم وارا) 2022 ۾ ڪرسين تي ويهي رهيا ۽ سياست پاسو بدلايو، جيڪي مخالف هئا اهي سرڪار ٿي ويا ۽ جيڪي سرڪار هئا اهي مخالف ٿي ويا، پر ائين به ناهي ته ان سڄي عمل ۾ غير جمهوري طريقو اپنايو ويو هجي يا مخالفن ڪنهن طرح حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هجي. اها ڳالھ هڪ ڀلي سياستدان کي فورن سمجهڻ گهرجي، ان ڪري ته هي آمريڪا ناهي جتي بل ڪلنٽن، جارج ڊبليو بش (جونيئر يا سينيئر) باراڪ اوباما، ڪنهن صورت ٻه ٻه ٽينوئر (عرصا) گذاري ٻه دفعا صدر چونڊجي وڃن، اهي ٿي سگهن ٿا، پر اهي به پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي ۽ اهي پنهنجي اهليت جي بنياد تي ٿي سگهن ٿا، پر جي ساڳي اهليت يا اٻهرائي ڊونلڊ ٽرمپ ۾ ڏسون ته ظاهرن اهو سمجھ ۾ ايندو ته اهو ٽرمپ رڳو پنهنجي اٻهرائي، گيمي ذهن جي ڪري، بيڪار سياست جي ڪري يا بدمعاش ٽائپ ذهن جي ڪري ننديو ويو هو، (پر وري به کٽي ويو) ۽ وري ڪانگريس کي يا ريپبليڪن پارٽي کي ياد ئي ناهي، ان ڪري ته اهو آمريڪي مفاد ۾ نه هو يا اهي شخص سحر ۾ مبتلا شخص ناهن يا آمريڪي عوام ٽرمپ جي پويان لٺ کڻي نه نڪتو، پر رياستي پاور ان کي اهڙو چپ ڪرائي ڇڏيو جو وري ٻڙڪ نه ڪڇيائين يا ڪٿي احتجاج به نه ڪيائين، اتان جي سول سوسائٽي توڙي جو بهترين سوسائٽي آهي، اهي ته مسلمانن، ايستائين جو فلسطينين جي ظلم جي خلاف به اٿي ٿا بيهن، اهي عورتن ۽ مزدورن جي حقن جي لاءِ به آواز ٿا اٿارين، اهي جاڳيل آهن ۽ انساني حقن جي لاءِ آواز اٿاريندا رهن ٿا، پر ٽرمپ کي اهڙي ماحول ۾ قعطن اجازت نه هئي ته اهو پنهنجي ڪرسي جو نوحو پڙهي سڄي آمريڪا کي بي آرام ڪري يا سڄي آمريڪا رڳو هن جي ڏک ۾ مبتلا هجي، پر سياست آهي جي ٽرمپ هارايو ته اها ان جي پنهنجي نااهلي هئي، اها ان جي پنهنجي بيڪار سياست هئي، پوءِ اها مسلمانن جي خلاف آمريڪا اندر بندش هجي يا افغانستان جون پاليسيون هجن يا بين القوامي پاليسيون هجن، ان ڪري آمريڪي عوام، ڪانگريس يا پارٽيون اهڙن حڪمرانن کي چريو قرار ڏيڻ ۾ دير ناهن ڪنديون، ان ڪري ڪرسي جو نوحو گهڻي دير نٿو ڳائي سگهجي يا ٽائيم تي اليڪشن جي ٿيڻ جو انتظار ڪجي ته هن ملڪ جي مفاد ۾ بهتر آهي.

فارين فنڊنگ، اڪائونٽ ڪينسل ٿيل آهن، پر اهي پئسا هاڻي ڀلي ڪٿي ملن يا نه ملن، پر ڪورٽن خان جي مٿان فارين فنڊنگ جا ڪيس هلايا ۽ کيس نااهل به ڪري ڇڏيو ۽ هي پوءِ سول نافرماني جون ڳالهيون ڪرڻ لڳو، پر ڳالھ اها به ماري ٿي ته هي ڳالهين جي ٽيبل تي نه پهرين ويهڻ لاءِ تيار هو نه هاڻي آهي، هي سڀ گناھ مڃي به نٿو مڃي ته هن اسلام آباد تي ڪي پي جي ڪارڪنن کي ميڙ تي حملا به ڪيا آهن يا حملن ڪرڻ کانپوءِ فورن نابري به وارين ٿا ته اهي ڪارڪن يا ماڻهو جن اسلام آباد تي هلان ڪئي سي هنن جا ناهن يا ڳالھ اها به آهي ته هاڻي فوجي تنصيبات تي حملن مان مراد ڇا سمجهون ته اهي فوج جي شهيدن جي يادگارن تي حملا هئا يا عام سرڪاري ملڪيتن تي حملا هئا يا ڪا رياست سان ڪا مذاق هئي جيڪا لئو مٽو ٿي وئي يا هاڻي سپريم ڪورٽ به ان ڳالھ تي وڪڙ ٿي هڻي ته ڪهڙا ڪيس ڪنهن جا يا ڪهڙن ڪيسن ۾ فوجي عدالتن کي منهن ڏجي يا نه ڏجي؟ پر حيرت اها به آهي ته هن قوم سان گڏ ادارن جو حافظو به ڪمزور آهي يا اهي آمريڪا ڏانهن منهن ڪري ٿا ڳالهائين ته هاڻي ڪهڙو بيان ڏيون يا نه ڏيون، پر ڳالھ ته پڌري پٽ پئي آهي ته ڪير چور آهي ۽ ڪير ساڌو؟ ۽ حيرت اها به آهي ته هي ساڳيون ئي عدالتون آهن جن 2018 ۾ نواز شريف کي بيمار قرار ڏنو ۽ 2023 ۾ وري چاڪ چڱو ڀلو چئي نااهلي مان اهل قرار ڏئي ڇڏيائونس ته هاڻي انهن ئي ڪورٽن ۽ عدالتن جي ڪهڙي ڳالھ کي ڪوڙو سمجهون ۽ ڪهڙي ڳالھ کي سچو سمجهون، ڳالھ رياست پاڻ گڙٻڙ ڪري ٿي ڇڏي ته آخر ڪريون ڇا؟

عزت وانگي ڪرسي به اچڻي وڃڻي شيءِ آهي، اڄ ناهي ته سڀاڻي ملندي، پ پ جا وارا نيارا پيا ٿيندا، نون ليگ پئي حڪومتون وٺندي الزام ته پاڪستاني سياست ۾ ڏاج آهن پوءِ ڪير تري ڪير مري، ڪير بچي ڪير ڦاسي، ان ۾ ڪوبه سياستدان دل ۾ نه ڪري ته هو اڊيالا جيل ڇو ويو يا سڀاڻي جي هن خان کي آزاد ٿيڻ کانپوءِ وري جيل موڪلين ته ملڪ ۾ باھ ٻاري ڏيندو، ان ڪري ته ڪرپشن، بي ايماني، بدديانتي، ڪوڙ، اليڪشن ڪميشن سان ٻه اکيائي، ادارن جي توهين، آئين ۽ قانون جي پاسداري نه ڪرڻ، شخصن سان ذاتي معاملا سمجهي وچڙڻ ڪنهن به طرح سلجهيل سياستدان جو شيوو ناهي يا جيڪا شيءِ جتي ڪري سگهجي اها اتي ڪجي ته بهتر آهي. ان ڪري هر شيءِ جو الڳ ٽائيم ۽ جڳھ مقرر ٿيل آهي، ائين ئي مديني ۾ به سياست نه ڪري سگهجي ۽ اها به پاڪستاني برانڊ جي سياست جنهن جي پائيداري پاڪستان ۾ به ناهي.

اها ڳالھ به ڏسجي ته آمريڪا پاڻ مصيبت ۾ اڙيل ملڪ آهي، ٽرمپ به انٽرنيشنل پاليسي کي ڏسي هلندو، ڪير به ڪنهن کي جيلن مان ڪڍي ريلن ۾ نٿو چاڙهي، ماسوا ان جي ته ڪير ملڪ مان ”سيف اسڪيپ“ وٺي مشرف وانگي توپن جي سلامي وٺي يا نواز شريف وانگي ڪوڙا سرٽيفڪيٽ وٺي ميڊيڪل جا بهانا ڪري فرار ٿي وڃجي ها ته اها ٻي ڳالھ هئي ۽ اها ڳالھ يا آپشن ته هن وث پهرين به هو ته نون ليگ يا يونائيٽيڊ پي ڊي ايم اقتدرا ۾ ايندي ئي هن کي ملڪ مان نڪرڻ جو بهانو ڏنو هو ته هو ملڪ مان فرار ٿئي ۽ ٿي به سگهي پيو، پر هتي هر سياستدان کي ڀٽو ٿيڻ جو ڀوت سوار هوندو آهي جيڪو ممڪن ناهي ۽ ڪير به هاڻي شهيد ٿي به پاڻ پنهنجي سياست پڏائي نٿو سگهي، ان ڪري صورتحال ڏسي سياست ڪجي ۽ هي ڪو بنگلاديش به ناهي جنهن ۾ شاگرد سياست سينو تاڻي بيهندي ته هلائي گولي، پر ڏسجي ته اهي شيون اسان وٽ ممڪن ناهن، هنن جا ماڻهو به ورهائجي ويا آهن ڪي 9 مئي جي سازش پاڻ پي ٽي آءِ جي ڳچيءَ ۾ وجهي پاسي ٿي ويهي رهيا آهن. هاڻي لڳي ٿو ته پي ٽي آءِ ڪي پي جي پٺاڻ قوم پرست سياست جو نئون ورجن ٿي پئي آهي، جنهن جي دال نه ڳرندي. ٻيو ته ٻين مائين سان گهر ناهي هلندو، هن وري ٻن زائفن کي سياست جي واڳ ڏئي ڇڏي، اهو ان ٽائيم تي ڪري ها جڏهن پي ٽي آءِ ۾ پارٽي اڳواڻي جو بحران ۽ فقدان هو ۽ ماڻهو سمجهن پيا ته جي عمران خان آهي ته پارٽي آهي، پر جي هي ويو ته پارٽي به وئي ۽ ٿيو به ائين ۽ پارٽي ڄڻ ختم ٿي وئي جو ڪو والي وارث نه بڻيو. هي پاڻ به پوئتي ٿي ويو ۽ پنجابي سياستدان به ميدان ڇڏي ڀڄي ويا، هاڻي ساڳي ڳالھ بيٺي ته پارٽي ڪير هلائيندو ۽ پارٽي جو قبلو هاڻي ڪهڙو آهي، ان ڪري سياست سمجهي ڪجي ۽ انتظار ڪجي.