ڪيڏي حيرت جهڙي ڳالھ آهي ته هزارين يا لکين ماڻهو هاڻي روڊن رستن تي گڏ ڪري به پنهنجي سياست چمڪائي نٿي سگهجي. ماسوا ان جي ته ڪو ووٽ کٽي چڙهي يا اليڪشن ۾ سوڀارو ٿئي يا ڪا پٺڀرائي مليس. ان ڪري جمهوريت جي ٽرانزيشن ان روايتي ووٽن جهڙي بهترين عمل جي ذريعي ئي ممڪن ڪري سگهجي ٿي، نه ته ٻي صورت ۾ ممڪن ئي ناهي. ساڳي ڳالھ اها به آهي ته ماڻهو سياسي پارٽي جي حيثيت ۾ جڏهن اليڪشن مان هارائي ته فورن هار مڃي، ان ڪري ته هار ۽ جيت گيم (سياست) جو حصو آهي. اها ڳالھ وري اليڪشن ۾ به آهي، ان ڪري اهو ته رڳو هن دفعي ئي ممڪن ٿيو جو بغير اليڪشن ۽ نعري بازي يا وٺ وٺان جي مخالف (پي ڊي ايم وارا) 2022 ۾ ڪرسين تي ويهي رهيا ۽ سياست پاسو بدلايو، جيڪي مخالف هئا اهي سرڪار ٿي ويا ۽ جيڪي سرڪار هئا اهي مخالف ٿي ويا، پر ائين به ناهي ته ان سڄي عمل ۾ غير جمهوري طريقو اپنايو ويو هجي يا مخالفن ڪنهن طرح حڪومت جو تختو اونڌو ڪيو هجي. اها ڳالھ هڪ ڀلي سياستدان کي فورن سمجهڻ گهرجي، ان ڪري ته هي آمريڪا ناهي جتي بل ڪلنٽن، جارج ڊبليو بش (جونيئر يا سينيئر) باراڪ اوباما، ڪنهن صورت ٻه ٻه ٽينوئر (عرصا) گذاري ٻه دفعا صدر چونڊجي وڃن، اهي ٿي سگهن ٿا، پر اهي به پنهنجي ڪارڪردگي جي بنياد تي ۽ اهي پنهنجي اهليت جي بنياد تي ٿي سگهن ٿا، پر جي ساڳي اهليت يا اٻهرائي ڊونلڊ ٽرمپ ۾ ڏسون ته ظاهرن اهو سمجھ ۾ ايندو ته اهو ٽرمپ رڳو پنهنجي اٻهرائي، گيمي ذهن جي ڪري، بيڪار سياست جي ڪري يا بدمعاش ٽائپ ذهن جي ڪري ننديو ويو هو، (پر وري به کٽي ويو) ۽ وري ڪانگريس کي يا ريپبليڪن پارٽي کي ياد ئي ناهي، ان ڪري ته اهو آمريڪي مفاد ۾ نه هو يا اهي شخص سحر ۾ مبتلا شخص ناهن يا آمريڪي عوام ٽرمپ جي پويان لٺ کڻي نه نڪتو، پر رياستي پاور ان کي اهڙو چپ ڪرائي ڇڏيو جو وري ٻڙڪ نه ڪڇيائين يا ڪٿي احتجاج به نه ڪيائين، اتان جي سول سوسائٽي توڙي جو بهترين سوسائٽي آهي، اهي ته مسلمانن، ايستائين جو فلسطينين جي ظلم جي خلاف به اٿي ٿا بيهن، اهي عورتن ۽ مزدورن جي حقن جي لاءِ به آواز ٿا اٿارين، اهي جاڳيل آهن ۽ انساني حقن جي لاءِ آواز اٿاريندا رهن ٿا، پر ٽرمپ کي اهڙي ماحول ۾ قعطن اجازت نه هئي ته اهو پنهنجي ڪرسي جو نوحو پڙهي سڄي آمريڪا کي بي آرام ڪري يا سڄي آمريڪا رڳو هن جي ڏک ۾ مبتلا هجي، پر سياست آهي جي ٽرمپ هارايو ته اها ان جي پنهنجي نااهلي هئي، اها ان جي پنهنجي بيڪار سياست هئي، پوءِ اها مسلمانن جي خلاف آمريڪا اندر بندش هجي يا افغانستان جون پاليسيون هجن يا بين القوامي پاليسيون هجن، ان ڪري آمريڪي عوام، ڪانگريس يا پارٽيون اهڙن حڪمرانن کي چريو قرار ڏيڻ ۾ دير ناهن ڪنديون، ان ڪري ڪرسي جو نوحو گهڻي دير نٿو ڳائي سگهجي يا ٽائيم تي اليڪشن جي ٿيڻ جو انتظار ڪجي ته هن ملڪ جي مفاد ۾ بهتر آهي.