11-12 جنوري 2025 تي اسلام آباد ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ مسلم ورلڊ ليگ جي اشتراڪ سان ٿيل ڪانفرنس ۾ نياڻين جي تعليم جي متعلق اهم ڳالهيون ٻولهيون ٿيون. ڪانفرنس مسلم معاشرن ۾ ڇوڪرين جي تعليم چئلينجز ۽ موقعا جي عنوان تحت ٿي آهي. وزيراعظم ميان محمد شهباز شريف پنهنجي افتتاحي تقرير ۾ چيو ته پاڪستان سميت مسلم دنيا تعليم جي شعبي ۾ نوان امڪان ڳولهي رهي آهي، جيئن تعليم ۾ سڀئي ٻار اسڪول وڃي سگهن ۽ نياڻين جي تعليم به 100 سيڪڙو ٿئي. اسان وٽ تعليم جي شعبي ۾ اڳڀرائي ٿي آهي، پر مڪمل خواندگي اڃان حاصل نه ٿي سگهي آهي. ڇوڪرين جي تعليم جو عمل سڄي ملڪ ۾ عمل پذير آهي، پر انهيءَ کي اڃان بهتري جي طرف وٺي وڃڻو آهي. مسلم ملڪن ۾ تعليم جي اهميت تي غور ٿئي پيو ۽ هيءَ ڪانفرنس انهيءَ جو ثبوت آهي. اسان وٽ جيئن ته تعليم جو بهترين نظام موجود آهي. سرڪاري ۽ خانگي تعليمي ادارا سڄي ملڪ ۾ آزاديءَ سان ڪم ڪري رهيا آهن. اسڪولن کان وٺي يونيورسٽين تائين سڀني علمن ۾ تعليم جو سلسلو بنا ڪنهن متڀيد جي جاري آهي. اسان وٽ سوشل سائنسز کان وٺي ميڊيڪل، انجنيئرنگ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي جي تعليم ڏني پئي وڃي. هن ڪانفرنس جو مقصد مسلم سماجن ۾ ڇوڪرين جي تعليم کي يقيني بنائڻ، ڇاڪاڻ جو سڀ سمجهن ٿا ته با اختيار عورت وقت جي ضرورت آهي.
وزيراعظم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته عورتون پنهنجي قابليت سان قومي ۽ عالمي معيشت سان موثر ڪردار ادا ڪري رهيون آهن ۽ انهن ۾ اها صلاحيت آهي، ايندڙ ڏهائي ۾ لکين نوجوان ڇوڪرين کي روزگار ملندو، جنهن سان سماجي ترقي ٿيندي ۽ انهيءَ عمل ۾ معاشي خوشحالي جا بيپناهه امڪان آهن. سڄي دنيا جا تعليم ماهر ۽ معيشت جا ماهر انهيءَ ڳالهه ۾ يقين رکن ٿا ته عورتن ۾ اها صلاحيت آهي ته اهي نه صرف خود کي پر پنهنجي خاندان، پر قوم کي غربت مان ڪڍي سگهن ٿيون ۽ عالمي معيشت ۾ به اهي بهتر ڪردار ادا ڪري سگهن ٿيون. 49 سيڪڙو ڇوڪريون اسان جي تعليمي نظام مان فائدو وٺي سگهيون آهن. عورتن جي خواندگي جو اهو انگ متاثر ڪندڙ آهي، پر اسين وفاقي سرڪار ۽ صوبائي حڪومتن کان اها اميد ڪريون ٿا ته اها اسان وٽ بنا ڪنهن صنفي امتياز جي ٻارن ۾ سئو سيڪڙو تعليم يقيني بڻائي. ڪانفرنس ۾ نوبل انعام يافته ملاله يوسفزئي جو خطاب اهم هو. هن مسلم معاشرن ۾ تعليم متعلق ڳالهه ڪئي هن پنهنجي تقرير ۾ افغانستان جي خاص طرح ڳالهه ڪئي مسلم دنيا ۾ افغانستان واحد ملڪ آهي جتي ڇوڪرين جي تعليم تي حد مقرر ڪئي وئي آهي ۽ ڇوڪرين کي صرف پرائمري تائين تعليم حاصل ڪرڻ جو حق ڏنو ويو آهي، جيڪو نياڻين سان وڏو ظلم آهي. انهيءَ تناظر ۾ ملاله يوسفزئي چيو ته طالبان عورتن کي انسان نٿا سمجهن. انهن گذريل ڪيترن ڏهاڪن کان عورتن کي تعليم کان محروم رکيو آهي، پر دوحا مذاڪرات جي نتيجي ۾ قائم ٿيل افغانستان سرڪار جي تعليم جي شعبي ۾ ڪابه دلچسپي ڪونهي ۽ ڇوڪريون پرائمري تعليم کان مٿي نٿيون پڙهي سگهن. هن افغان حڪومت لاءِ سڄي دنيا کي اپيل ڪئي ته انهيءَ کي تسليم نه ڪيو وڃي. هن اهو به چيو ته طالبان حڪومت جي ڪنهن به جواز کي تسليم نه ڪيو وڃي. هن پنهنجي خطاب ۾ اهو به چيو ته اسرائيل غزه ۾ سمورو تعليم جو نظام تباهه ڪري ڇڏيو آهي. غزه ۾ به ٻار اسڪول ڪونه پيا وڃن ۽ ساڳي صورتحال افغانستان ۾ به آهي، جتي عورتن جي تعليم تي پابندي آهي.
عورتن جي خلاف طالبان جون پاليسيون انساني حقن جي خلاف ورزي آهن. اسين به سمجهون ٿا ته پاڙيسري ملڪ تعليم جي شعبي ۾ ڪابه دلچسپي نٿو رکي. مسلم ملڪن جي معاشرن ۾ تعليم جي اهميت تي اها ڪانفرنس ٿي آهي. اسين پنهنجي تعليم جي وفاقي ۽ صوبائي وزارتن کان اهو مطالبو ٿا ڪريون ته اها عورتن جي تعليم کي يقيني بڻائي، جيئن اسان جو ملڪ ترقي جي راهه تي هلي سگهي. نوبل انعام يافته انساني حقن جي علمبردار ملاله يوسفزئي پنهنجي خطاب ۾ چيو هر ڇوڪريءَ جو حق آهي ته هوءَ 12 سالن لاءِ اسڪول وڃي. اسين پنهنجي تعليمي نظام ۾ به هر نياڻيءَ لاءِ اهو موقعو پيدا ڪريون ته جيئن اها گهٽ ۾ گهٽ 12 سالن تائين تعليم حاصل ڪري.