زنجبار جهنگٻار آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ (حصو ٻيون) زئنزيبار جي پوزيشن الطاف شيخ
زنجبار جهنگٻار
آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ
(حصو ٻيون)
زئنزيبار جي پوزيشن
الطاف شيخ
انگوجا ٻيٽ جيڪو سکر ضلعي جي چوٿين حصي جيترو مس آهي، اهو زئنزيبار جي نالي سان سڏيو وڃي ٿو. يعني هر ڪو ڌاريون توڙي مقامي ماڻهو پيمبا ٻيٽ کي ته “پيمبا” سڏي ٿو، پر انگوجا ٻيٽ کي زئنزيبار يا زنجبار سڏي ٿو. وري ان زئنزيبار ٻيٽ جا به انتظاميا جي حساب سان ٽي حصا ٿيل آهن جيئن ڪراچي سائوٿ، ڪراچي ايسٽ، ڪراچي ويسٽ- تيئن زئنزيبار سائوٿ، زئنزيبار نارٿ ۽ هن ٻيٽ جو شهري (Urban) حصو زئنزيبار ويسٽ آهي. سڄي ٻيٽ تي ڪيترائي ننڍا ننڍا شهر آهن. مٿين ٽن حصن مان هر هڪ جو وري پنهنجو گاديءَ جو شهر آهي. زئنزيبار ويسٽ جي گاديءَ جو شهر زئنزيبار سٽي ٿو سڏجي. جيئن سکر يا خيرپور جو ضلعو پنهنجي جاءِ تي پر انهن ۾ سکر ۽ خيرپور جي نالي سان شهر به آهن. هتي جو مشهور شهر “اسٽون ٽائون” به زئنزيبار سٽي ۾ آهي.
زئنزيبار ملڪ- يعني انگوجا، پيمبا ۽ ٻيا ننڍا ننڍا ٻيٽ، جيڪي هڪ الڳ ملڪ زئنزيبار هئا، اهي ٽانگانيڪا ملڪ سان ملي هاڻ پاڻ کي “تنزانيا” سڏرائين ٿا. يعني زئنزيبار هاڻ تنزانيا ملڪ جو حصو ضرور آهي، پر زئنزيبار ڪافي حد تائين خود مختيار به آهي يعني ائين ناهي ته تنزانيا جي گادي واري شهر کي جيئن وڻي زئنزيبار کي هلائيندو رهي. هي ائين آهي ته 1843ع کان اڳ سنڌ هڪ الڳ ملڪ هو، جنهن کي انگريزن فتح ڪري انڊيا سان ملائي ڇڏيو. سئو کن سالن کانپوءِ جڏهن انگريز ننڍو کنڊ ڇڏي رهيا هئا ته سنڌ وارا زئنزيبار وانگر انگريزن کان گُهر ڪري سگهيا ٿي ته سنڌ کي ساڳي صورت يعني الڳ ٿلڳ ملڪ جي حالت ۾ سنڌين کي واپس ڪن ۽ پوءِ هو زئنزيبار وانگر پاڪستان جو حصو بڻجي سگهيا ٿي ۽ ڪيترين ڳالهين ۾ خود مختيار به رهي سگهيا ٿي. جيئن صباح ۽ سراواڪ ملائيشيا سان ملي ان ملڪ جو حصو ضرور ٿيا آهن، پر ڪيترين ڳالهين ۾ هو خود مختيار آهن. ويسٽ ملائيشيا يعني ڪوالالمپور پاسي جا صباح ۽ سراواڪ جي زمينن تي قبضو ڪرڻ ته ڇا پئسن سان به خريد ڪري نٿا سگهن. اهو ئي حال ۽ خود مختياري زئنزيبار پاڻ وٽ رکي آهي. ايتري قدر جو تنزانيا ۾ ته شراب، شباب ۽ ناچ گهر کلئي عام آهن، پر زئنزيبار ۾ شرعي قانون آهي ۽ مون کي هتي شراب ۽ سوئر جو واهپو به نظر نٿو اچي. ان ڪري ته آئون شراب جي عادي ٽوئرسٽن کي بار بار اهو چتاءُ ڏئي رهيو آهيان ته زئنزيبار ۾ هو ان ڪم کان خبردار رهن.
هتي اهو به لکندو هلان ته تنزانيا ۾ 62 سيڪڙو عيسائي آهن ۽ 35 سيڪڙو مسلمان پر زئنزيبار ۾ 98 سيڪڙو مسلمان آهن ۽ 2 سيڪڙو عيسائي آهن. زئنزيبار لونگن (Cloves) کان مشهور آهي. ڪنهن زماني ۾ ته هتان ايترا لونگ ايڪسپورٽ ٿيا ٿي جو انڊونيشيا وانگر زئنزيبار جي هنن ٻيٽن کي مصالحي جا ٻيٽ سڏيو ويو ٿي. هتي جي حاڪمن (عماني سلطانن) انڊونيشيا مان لونگن جا ٻوٽا گهرائي هتي پوکرايا هئا. ان کان علاوه هي ٻيٽ غلامن جي واپار کان ته عروج تي هو. آفريڪا جي اوڀر واري ڪناري جي اندروني حصن مان ڦاسايل شيدين جو غلام طور وڪرو ۽ واڪ هن ٻيٽ انگوجا تي هلندو هو. ان بابت پاڻ اڳتي هلي لکنداسين. زئنزيبار انگريزن جو رکيل نالو آهي، جيڪو هنن عربي نالي زنجبار تان کنيو. عربن اهو نالو فارسي نالي زنگبار تان نقل ڪيو. جيئن ته عربي ٻوليءَ ۾ گ جو اچار ناهي ان ڪري عرب گ کي ج اچارڻ لڳا جيئن اهي ايران جي صوبي گيلان جي ماڻهن کي گيلاني بدران جيلاني سڏين ٿا. فارسي نالي زنگبار مان زنگ جي معنيٰ ڪارو آهي ۽ بار معنيٰ ڪنارو- يعني ڪارن ماڻهن جي ڌرتي. اسان جي ايشيا جا ڪي ماڻهو هن ملڪ کي چنگبار به سڏين ٿا ۽ اسان وٽ زئنزيبار کان آيل غلام اهو ئي چوندا آهن ته هو “جهنگ ٻار” ۾ وڪرو ٿي هتي سنڌ ۾ پهتا.
زئنزيبار کي ڪل پنج بندرگاهه آهن. مَلِندي (Malindi) بندرگاهه مان ملڪ جو 90 سيڪڙو سامان اچي وڃي ٿو. بهرحال هي به ڪو اهڙو اهم ۽ وڏو بندرگاهه ناهي، جتي وڏا جهاز بيهي سگهن. اسان جو جهاز جڏهن به آيو ٿي ته دارالسلام ۾ لنگر انداز ٿيو ٿي ۽ زئنزيبار جو سامان به اتي لاٿو ٿي، جيڪو پوءِ بارجن (تانگهين ٻيڙين) ذريعي پيمبايا انگوجا ٻيٽن تي پهچايو ويو ٿي. هتي جي بندرگاهه ”ملندي“ جو ذڪر ڪندي اها ڳالهه صاف ڪندو هلان ته هي اهو بندرگاهه ملندي (Malindi) ناهي، جيڪو ڪينيا ۾ آهي ۽ جيڪو ممباسا سان گڏ تاريخ ۾ مشهور آهي، جتي “واسڪوڊا گاما” جهڙو پورچو گالي نيويگيٽر ۽ “زهينگ هي” جهڙو چيني سياح آيا هئا.. …(پورو ٿيو)…

