زنجبار جهنگٻار آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ (حصو پهريون) زئنزيبار جي پوزيشن الطاف شيخ
زنجبار جهنگٻار
آفريڪا جو سفرنامو، تحقيق ۽ تاريخ
(حصو پهريون)
زئنزيبار جي پوزيشن
الطاف شيخ
هتي پنهنجي پڙهندڙن کي سمجهائڻ ٿو چاهيان ته زئنزيبار ڇا آهي. يعني زئنزيبار ڪنهن کي سڏيون ٿا؟
دراصل اسان جي جهازن جا جونيئر آفيسر به اهڙن ملڪن جي نالن ۾ منجهيل هوندا آهن، جيسين سندن جهاز ان ملڪ ۾ پهچي ۽ کين ڳالهه سمجهه ۾ اچي. مثال طور برموڊا هڪ الڳ ٿلڳ ملڪ آهي، جنهن تي انگريزن جي حڪومت آهي. هن جي ٽوٽل ايراضي يعني برموڊا ملڪ جي پکيڙ، جملي 53 چورس ڪلو ميٽر آهي يعني سکر شهر جيتري، سکر جو به سڄو ضلعو نه پر فقط سکر جي شهر (City) جيتري. سو سکر شهر جي پکيڙ (جيڪا 85 چورس ڪلو ميٽر آهي) سڄي ملڪ برموڊا کان گهڻي آهي. ٻي ڳالهه ته برموڊا ائٽلانٽڪ سمنڊ ۾ آهي ۽ سندس پکيڙ موجب دنيا جي نقشي تي جي ڏٺو وڃي ٿو ته سڄو ملڪ فقط هڪ ننڍڙي ٽٻڪي برابر ڏيکاريو وڃي ٿو، پر جي ان ٽٻڪي کي وڏو ڪندئو يا گوگل نقشي ذريعي زوم ڪندائو ته توهان کي ڪيترن ئي ننڍن ٻيٽن جو جهڳٽو نظر ايندو. اسان جي جهاز هلائڻ واري نقشي يعني “نيويگيشنل چارٽ” تي ننڍو وڏو هر ٻيٽ ڏنل ٿئي ٿو. ڇو جو ائين نه هجي ۽ ڪو ٻيٽ رهجي وڃي ته اسان سمنڊ جي ان حصي مان جهاز هلائڻ وقت جهاز کي ان ٻيٽ مٿان چاڙهي ڇڏيون. توهان کي حيرت ٿيندي ته برموڊا ڏهه ويهه ٻيٽن جو نه پر 181 ٻيٽن جو ميڙ آهي ۽ انهن سڀني ٻيٽن جي پکيڙ ٽوٽل ڪجي ٿي ته به سکر جي شهر کان گهٽ ٿئي ٿي. سکر جو سڄو ضلعو ته تمام وڏو آهي، 5200 چورس ڪلو ميٽر. يعني سکر جي سڄي ضلعي مان ته برموڊا جهڙا هڪ سئو ملڪ ٺهن! انهن سڀني ٻيٽن جا الڳ الڳ نالا آهن. اسان ان ٻيٽ وٽ اچي لنگر انداز ٿيندا آهيون، جنهن تي هئملٽن نالي هن ملڪ جي گاديءَ جو شهر آهي. هونئن ته هر ٻيٽ جو رهاڪو پاڻ کي برموڊي سڏائي ٿو ۽ واقعي هر هڪ جو ٻيٽ برموڊا ملڪ جو حصو آهي، پر اسان ان هئملٽن شهر واري وڏي ٻيٽ کي “برموڊا” سڏيون ٿا.
اهڙي طرح جاپان، فلپين، مالديپ ملڪ به سوين بلڪه هزارين ٻيٽن جا مجموعا آهن. مثال طور جاپان جي جڏهن اسان ڳالهه ڪيون ٿا ته اسان ان جي هزارين ٻيٽن کي ڇڏي فقط چئن وڏن ٻيٽن: هُڪئدو، هونشو، شِڪاڪو ۽ ڪِيوشو جي ڳالهه ڪيون ٿا يا وڌ ۾ وڌ اوڪيناوا جي! ٻي ڳالهه ته جيئن خيرپور آهي. خيرپور معنيٰ خيرپور جو شهر، پر خيرپور رياست ۾ ته ڪيترائي شهر ۽ علائقا اچي وڃن ٿا. اهڙي طرح زئنزيبار ملڪ ٻيٽن جو هڪ ميڙ آهي. هي ٻيٽ هندي وڏي سمنڊ ۾، آفريڪا کنڊ جي اوڀر واري ڪناري جي ويجهو تنزانيا وٽ آهن. انهن ٻيٽن جي ميڙ (Archipelago) ۾ ٻه ته وڏا ٻيٽ آهن جن مان هڪ انگوجا (Unguja) آهي، جيڪو 85 ڪلو ميٽر ڊگهو آهي. يعني سعيدآباد کان موري جيترو ۽ 40 ڪلو ميٽر ويڪرو آهي، يعني سعيدآباد کان مٽياري جيترو، سندس ٽوٽل پکيڙ 1465 چورس ڪلو ميٽر آهي. يعني سکر ضلعي جي چوٿين حصي جيڏو آهي. ٻيو ٻيٽ انگوجا کان ڪجهه ننڍو 985 چورس ڪلو ميٽر پکيڙ جو پيمبا (Pemba) آهي.
انگوجا ٻيٽ جيڪو وڏو آهي، جيڪو پيمبا کان وڌيڪ ترقي يافته آهي ۽ منجهس عماني حاڪمن جا محل محلاتون آهن ۽ جتي جو “اسٽون ٽائون” نالي بندرگاهه آهي، اهو زئنزيبار به سڏجي ٿو. يعني زئنزيبار ملڪ ۾ پيمبا ٻيٽ به شامل آهي، پر توهان تنزانيا مان ڪنهن ٻيڙيءَ واري کي چوندئو ته زئنزيبار وڃڻو آهي ته هو توهان کي پيمبا ٻيٽ تي وٺي وڃڻ بدران انگوجا وٺي ويندو. زئنزيبار ملڪ ۾ نه فقط اهي ٻه ٻيٽ اچن ٿا، پر توهان ڏسندئو ته انگوجا واري ٻيٽ جي چوڌاري ته ڪئين ننڍا ٻيٽ آهن، پر انهن مان فقط ٻه ٻيٽ تمباتو (Tumbatu) ۽ اوزي (Uzi) اهڙا ٻيٽ آهن، جيڪي وري به ڪجهه وڏيرڙا آهن ۽ ماڻهو به رهن ٿا باقي ٻيا ننڍا ننڍا ٻيٽ سامونڊي ساهوارا ۽ پکي پالڻ جي ڪم اچن ٿا. هنن تي چار سئو مختلف جنسن جون مڇيون نظر اچن ٿيون. هنن ٻيٽن مان ڪجهه حڪومت جي ملڪيت آهن ته ڪجهه ماڻهن جي ذاتي ملڪيت آهن. انهن مان ڪجهه ٻيٽن تي تاريخي يادگار به آهن جيئن مٿي لکي آيو آهيان ته ڇمبي (Chumbe) ٻيٽ تي هڪ آڳاٽي مسجد ۽ ٻيڙين جي رهنمائيءَ لاءِ لائيٽ هائوس پڻ آهي. انهن ٻيٽن جا نالا گهڻو ڪري مقامي ٻولي سواحليءَ جا آهن، جيڪي مون لاءِ اچارڻ ڏکيا آهن آئون انهن مان ڪجهه جا نالا نقشي ۾ لکيل مطابق ڏيان ٿو. توهان ڏسندئو ته تنزانيا جي شهرن وانگر زئنزيبار جي هنن ٻيٽن جي به ڪن نالن اڳيان فالتو M لڳل آهي، جيڪا اچاري نٿي وڃي. بهرحال زئنزيبار ملڪ جي وڏي ٻيٽ “انگوجا” جي چوڌاري جيڪي ننڍا ننڍا انيڪ ٻيٽ آهن، انهن مان ڪجهه مشهور ٻيٽن جا نالا هن ريت آهن : Bawe- Kizingo- Kwale, Mwana: Pungume، پوپو، چاپواڻي، چَنگو (Changu)، لاٿام، موتاڻي، Nianembe، اوڪانگا (Ukanga) وغيره. …(هلندڙ)…

