سفرنامو

اچو ته البانيه گهمون (قسط-10 حصو چوٿون)

ڍولڻ جهڙو ڊيوريس

      هن ئي سامونڊي ڪناري تي هلندي هلندي پاڻ پهچي ويا آهيون اُن لوڪيشن تي جتي سونهن جي ديوي وينس ڊي مائلو جو مجسمو نسب ٿيل آهي. هتي لڳل هي مجسمو هتي جي سنگتراش جو ٺاهيل نسب ڪيو ويو آهي. هن سونهن ۽ پيار جي ديوي جو اصل مجسمو جيڪو 1820 ۾ ڳولي لڌو ويو، 6 فٽ اٺ انچ ڊگهو آهي ۽ اُهو هن وقت پئرس جي Louvre مويزم ۾ رکيل آهي. ٻن ماربل پٿرن کي جوڙي ٺاهيل هي مجسمو کوٽائي دوران ڀڳل ٻانهن سان مليو هو. آرڪيالاجي ماهرن جي راءِ آهي ته ٿي سگهي ٿو ته هن مجسمي کي پراڻي دور ۾ ٿيل جنگين ۾ نقصان پهتو هجي ۽ ممڪن آهي ته هن کي پاتل زيور به گم ٿي ويا هجن يا لٽيا ويا هجن. يوناني مٿ  (150-125 قبل مسيح جي دور) ۾ هن سونهن ۽ پيار جي ديوي کي ائفروڊائٽ (Aphrodite) ڪري سڏيو ويندو آهي. جڏهن ته رومن مٿ ۾ هن کي وينس (Venus) جي نالي سان سڃاتو ويندو آھي. جيئن ته هي مجسمو (Sculpture) يونان جي Aegean سمنڊ ۾ واقع ٻيٽ مائلو (Milo) مان کوٽائي ڪندي هٿ آيو ھو انهي ڪري هن کي وينس ڊي مائلو به سڏيو وڃي ٿو. يوناني مٿ جي مطابق هي Poseidon ديوتا جي زال آهي، جنهن کي هن Nereids جي 50 (ڪن جو خيال آهي ته 100) ڌيئرن مان ڊانس جي مقابلي ۾ شادي لاءِ چونڊيو ھو. جيئن ته هي مجسمو سامونڊي ٻيٽ مان دريافت ٿيو آهي. تنهنڪري ڪن محققن جو خيال آهي ته هي مجسمو ائمفيٽرائٽ (Amphitrite) جو آهي جنهن کي يوناني مٿ ۾ سمنڊ جي ديوي (Goddess of sea) چيو وڃي ٿو. بهرحال اِهو مجسمو خوبصورت ۽ من موهڻي ڊانسر ائفروڊائٽ جو هجي يا سمنڊ جي سونهن جل ديوي ائمفيٽرائٽ جو هجي، اُهو وڃي محقق ڄاڻن يا ديومالائي قصن (Mythology) کي ڪوڙو سمجهي اُن کان انڪار ڪن، پر يار آهي ته ڏاڍو سهڻو مجسمو ۽ جتي سونهن پنهنجا جلوا ڏيکاري اُتي پاڻ پارا پوڄاري ته سجدو ڪندا ئي ڪندا پوءِ ڀلي کڻي سئو فتوائون صادر ٿين. بهرحال هي ملڪ ته پاڻ وارن فتوابازن کان پاڪ آهي. هتي ڪئين جوڙا Dates تي اچن ٿا ۽ پيار محبت جون روح رهاڻيون ڪن ٿا. بنا ڪنهن ڊپ ڊاءُ جي هتي هن رومانٽڪ ماحول ۾ هڪ ٻئي کي محبت آڇي پنهنجي زندگي جا پل يادگار بنائن ٿا. ڀلا جتي سونهن ۽ پيار جي ديوي ساکيات سامهون هجي، وشال ۽ سمنڊ پنهنجي جوڀن ۾ هجي ۽ چنچل شوخ هوا ۾ هڳاءُ ڀريل هجي ته اُتي پيار ڀريون دليون هڪ ٻئي کي ڀاڪر ۾ ڪيئن نه ڀرينديون. هتي ته کڻي خوف خطرو ڪونهي ۽ پيار ڪرڻ ڪو گناهه ڪونهي، پر پاڻ وٽ جتي پيار ڪرڻ گناهه آهي اُتي به محبت ڀرين دلين کي ملڻ کان ڀلا ڪير روڪي سگهيو آهي؟ ڪئين ديوانيون دليون ڪارو ڪاري ٿي ڪهاڙين مان نڪري مارجي وڃن ٿيون، پر اُنهن جي عشق محبت جي روايتن کي ڀلا ڪير ونگ وجھي سگهيو آهي؟ جيئن چنڊ جو کڙڻ ۽ سمنڊ جي ڇولين جو اُڀار اُنھن جي فطرت ۾ شامل آھي تيئن پروانن جو شمع تي مڙڻ بہ فطري عمل آھي. اھا محبت ئي آھي جيڪا انسان جي اصل سونهن ۽ معراج آهي، اُن جو تسلسل نہ صرف جيون کي جاري و ساري رکي ٿو بلڪ اُن کي امرتا ۽ سڦلتا طرف وٺي وڃي ٿو.

       ڪافي دير بيچ تي گهمي ڦري ڪري هڪ بينچ تي ويهي رهيس. مٿان هلڪي ڦلڪي ڦڙ ڦڙ ٿي رهي هئي، جيئن رابيل تي ماڪ ڦڙا اُن جي اندر کي اُجاري ڇڏيندا آهن، تيئن هلڪيون هلڪيون بارش جون بوندون منهنجي جسم کي ڇهندي، من اندر جي روح ۾ رچنديون ويون ۽ بس پوءِ سمنڊ ۽ مان پاڻ ۾ ڪچهري ڪرڻ ۾ لڳي وياسين. سمنڊ جي وشالتا ۽ قدامت کي ڏسي سوچيان ٿو ته هن جي سيني ۾ به ڪيتريون نه تهذيبون، قصا ۽ ڪهاڻيون دفن ٿيل هوندا؟ ملڪن ۽ ماڻهن ليڪا ڪڍي هن کي مختلف نالا ڏيئي ڇڏيا آهن، ڪٿي پئسفڪ سمنڊ ته ڪٿي ائٽلانٽڪ ته وري ڪٿي ائڊرياٽڪ سمنڊ…. پر پوءِ به اُن جي وهندڙ پاڻي کي ماڻهن جو اُرهه زورايون ۽ ملڪي سرحدون روڪي ناهن سگهيون. اهو ممڪن آهي ۽ ائين آهي به ته، هي سمنڊ جو پاڻي جنهن ۾ آئون ھن وقت پنهنجا پير پسائي گدگد ٿي رهيو آهيان، اُهو سنڌو ساگر کان سفر ڪري هت پهتو هجي ۽ وري ڪنهن ڏور سفر ڏي اُسهندو هجي! ڀلا اهو ڪٿي ٿو نفرتون سانڍي سگهي؟ هن جو ته ڪم آهي هڪ ڪُنڊ کان ٻي ڪُنڊ تائين محبتون ورهائڻ. ڀلا هو سرحدن ۽ نفرتن مان ڇا ڄاڻي؟ هڪ آواره گرد لاءِ ته ساري ڌرتي هڪ جهڙي آهي. هِتي ڇا ته هُتي ڇا؟ ماڻهو جو من به ته آواره ئي آهي، تڏهن ته آئون پنهنجي ديس کان دور هتي پهتو آهيان ۽ هتي جي فطرت به مونکي اهڙو موهي ٿي، جهڙي سنڌ جي سونهن ۽ سوڀيا. آئون اڃان سمنڊ جي پاتال ۾ پيهي پنهنجي ئي آدم جي نسل جي قصن ۽ ڪهاڻين کي ڦلوري رهيو هوس ته نه ڄاڻ ڪيڏي مهل تيز بارش شروع ٿي منهنجي سوچن جي تسلسل کي ٽوڙي ڇڏيو. پاڻ وٽ بارش اچڻ کان اڳ بادلن جون گجگوڙون ۽ کنوڻ جا تجلا شروع ٿي ويندا آهن، پر هتي ائين گهٽ ٿئي. خبر ئي نه پوندي جو هلڪي بارش مان تيز بارش شروع ٿي ويندي ۽ وري بند ٿيڻ جي به خبر نه پوندي. بس تيز بارش ۾ پاڻ به ڀڄي وياسين. ڇٽي ته ساڻ آندي هئي پر اُها به گاڏي ۾ هئي ۽ گاڏي ڪافي پري بيٺل هئي. جي من گهريو محبوب ساڻ هجي ته بارش ۾ ڀِڄڻ جو به پنهنجو مزو آهي، پر جي ڇڙو ڇانڊ هجي ته بارش ۾ ڀَڄڻ ڪم وريانن جو. جيئن ته هن بيچ تي ڪٿي وڏا شيلٽر ناهن جو پُسائڻ کان پاڻ بچائجي، سو پاڻ به پُسندي پُسندي، تڪڙيون تڪڙيون وکون کڻندي اچي گاڏي ڀيڙا ٿياسين.

        هاڻي پاڻ واري گاڏي روڊ تي هلي رهي آهي. گاڏي جي اڳئين شيشي (Wind Screen) تي وائپرن ۽ بارش جي بوندن جي پاڻ ۾ جنگ جاري آهي. بارش جا قطرا اڳئين شيشي تي قبضو ڪرڻ جي موڊ ۾ ته وري وائپر اُنهن کي تڙڻ جي ڪوشش ۾. منهنجي ٻنهي پاسي ڊيوريس شهر جا نظارا آهن. ڊيوريس ڪافي خوبصورت شهر آهي. هن شھر ۾ پراڻي ۽ نئين دور جون کوڙ ساريون عمارتون آهن، جن ۾ البانيا جي اصل باشندن الاريئنس کان وٺي، يوناني، رومين، بازنتينن ۽ ترڪن جي آرڪيٽيڪٽ ڊزائننگ ۽ آرٽ پسي سگهجي ٿو. هن شهر ۽ اُن جي آس پاس ڪافي سامونڊي ڪنارن، تاريخي جڳهين، سٺين هوٽلن ۽ ڪلبن وغيره جي ڪري مقامي ماڻهن توڙي پرڏيهي سياحن جي ڪافي اچ وڃ رهي ٿي. ڊيوريس کي البانيا جو ٽوئرسٽ حب چئجي ته به وڌاءُ نه ٿيندو. ڊيوريس شهر کي گاڏي مان گهمندي ڦرندي ۽ اُن جا خوبصورت نظارا پسندي، هاڻ پاڻ پهچي ويا آهيون، ڊيوريس جي مين اسٽريٽ بوليورڊ ايپيڊئمن (Bulevardi Epidamn) تي. هاڻي بارش به رڪجي ويئي آهي ۽ پاڻ به گاڏي مان لهي پيا آهيون. هن مين اسٽريٽ تي ٿري، فور ۽ فائيو اسٽار هوٽلن کانسواءِ نائٽ ڪلب ۽ بار به آهن. سڄي البانيا ۾ هي شهر گهڻي ۾ گهڻا بيچ هئڻ سبب رات جو دير تائين کليو رهي ٿو ۽ ماڻهو روڊن، ڪلبن، بارن ۽ ريسٽورنٽس ۾ زندگي جي الڙ جوڀن جي آوارگي ۽ مستي جيان ڀرپور مزو وٺن ٿا. خاص طور تي اونهاري جي موسم (جون کان وٺي سيپٽمبر تائين) ۾ ته مقامي ماڻهن ۽ پرڏيهي سياحن جي تمام گهڻي رش هجي ٿي ۽ ڪلبن ۾ ڊانس ۽ گاني بجاني جون محفلون عروج تي هجن ٿيون ۽ معشوقن جي ادائن تي عاشقن جون دليون ڌڙڪڻ لڳن ٿيون. ڊيوريس لاءِ چيو ويندو آهي ته هتي جا ڏينهن ته هونئن جاڳن ٿا پر هتي جون راتيون به جاڳن ٿيون. راتين جي مدهم، لائيٽن ۾ جڏهن جوانيون ٿرٿرائن ته اُهو ڪو نڀاڳو شاعر هوندو جنهن جي آڳنڌ ۾ ڪوتا ڀانڀڙا نه پائيندي.

        خير هينئر نه ته رات آهي ۽ نه ئي اُهي مدهم روشني ۾ جانبن جا جلوه. هاڻي ٻپهر ٿيا آهن ۽ بک جو احساس به ٿيڻ لڳو آهي. فطرت جي نظارن مان اکين جو ڍئو ته ٿئي ٿو، پر پيٽ جي ڍئو لاءِ اَن به ضروري آهي. تڏهن ته سياڻا چئي ويا آهن ته اَن آهي ته ايمان آهي. انهي ڪري اچو ته ماني جو به ٿورو مزو وٺجي ۽ پوءِ ٻيهر گهمڻ لاءِ نڪري پئجي. جيئن ته پاڻ البانيا ۾ آهيون تنهنڪري ڇو ته هتي جي ٽريڊيشنل (روايتي) کاڌي جو مزو وٺجي. تاوي ڪوسي (Tave Kosi) جيڪو رڍ جي گوشت، دهي ۽ ٻين مصالحن ۾ ٺاهيو وڃي، ان جو ذڪر پاڻ اڳي ئي ڪيو آهي ۽ اڄ پاڻ مزو وٺون ٿا الباني ڊش بائريڪ (Byrek) جو. هن کي الباني سموسو يا پيٽيز به چئجي ته وڌاءُ نه ٿيندو. بائريڪ ۾ ڪافي شيون پون ٿيون جن ۾ گوشت، ٽماٽو، بصر، فيٽا ۽ ڪاتيج چيز، پالڪ، لوڻ ۽ ٻيا مصالحه اچي وڃن ٿا، جيئن پاڻ مڇي يا ٻي ڪا شئي تريندا آهيون، تيئن هي ڊش به لڳ ڀڳ ان طريقي سان ٺهي ٿو. هي ائين به کائي سگهجي ٿو ۽ ڏهي سان گڏ به . ڏهي ته پاڻ کائون ڪونه سو ائين ئي کاڌوسين هڪ طرح سان هن کي ماني جو آئٽم به چئي سگهجي ٿو ۽ فاسٽ فوڊ به. سفر ۾ ۽ خاص طور تي ٻنپهرن جي ماني ۾ هونئن به هلڪو ڦلڪو چَٽو ڪجي. کاڌي تي گھڻو زور ڏيڻ جي بجاءِ گهمڻ جي ڪجي ائين ڪرڻ سان ماڻھو جو ھاضمو بہ بھتر رھي ٿو ۽ چست بہ رھي ٿو ۽ گھمڻ ۾ بہ واھ جو مزو اچي ٿو. بهرحال اھا تہ ٿي اصول جي ڳالھ پر جڏھن سٺو کاڌو اڳيان ھجي تہ ويچارا اصول وسريو وڃن.  کائڻ ۾ بائريڪ واهه جو مزو ڏنو. جيئن ته پاڻ زندگي ۾ ٻيا ڪي ڦاڙا ماريا ئي ڪونهن ۽ پاڻ بس جيئون ئي ٿا کائڻ لاءِ، سو کاڌي مٿان مِٺو (Sweet Dish) به ضروري ٿيو پوي. سو پاڻ کاڌو اُن مٿان ٽرائيلس ملڪ ڪيڪ (Trilece Milk Cake). هن ڪيڪ ٺاهڻ لاءِ اُٻاريل کير، ڪريم ۽ ٿڌو ڪيل کير ملايو وڃي ٿو. اُن کان علاوه هن ۾ بئڪنگ پائوڊر، مکڻ، فروٽ ۽ ٻيون شيون ملايون وڃن ٿيون. ڪيڪ مٿان کان ڪرسپي ۽ مٺو وچ ۾ هلڪو مٺو ۽ هيٺ تري ۾ رس سان ڀرپور هجي ٿو. البانيا جا کاڌا ته ٺيڪ آهن، پر هتي جي ڪيڪن جو ڪو جواب ئي ناهي. اهڙا ڀلا ڪيڪ جو کاڌو ڇڏي رڳو ڪيڪ کائجن. ته سائين منهنجا هاڻ پاڻ کائي پيِ سگريٽ جا ڦوڪا ڀري هلون ٿا اڳتي ڊيورس جو وڌيڪ جهان ڏسڻ.

بقايا سفرنامو ايندڙ قسط ۾….