تاريخ جي افق تي ڪجهه اهڙيون شخصيتون اڀرنديون آهن جيڪي رڳو واقعن جو نه، پر اهي تاريخ جي ڪرنگهي جي هڏي بڻجي پنهنجي اهميت ثابت ڪنديون آهن. ولاديمير ايلچ لينن اها ئي شخصيت هئي، جنهن مارڪس ۽ اينگلس جي “خيال” کي “حقيقت” ۾ تبديل ڪيو. اڄ جڏهن اسين سندس وفات جي 102 سالن کانپوءِ ياد ڪري رهيا آهيون ته اسان جي سامهون صرف هڪ سياسي اڳواڻ نه، پر هڪ اهڙو “سائنسي شعور” آهي جنهن تاريخي جبر کي اختيار ۾ بدلايو.
قومي سوال ۽ سامراج دشمني جو تناظر: لينن جو سڀ کان وڏو ڪمال اهو هو ته هن مارڪسزم کي يورپ جي صنعتي گهيري مان ڪڍي، دنيا جي مظلوم ۽ محڪوم قومن جي هٿن ۾ هڪ هٿيار طور ڏنو. سندس مشهور ڪتاب “سامراج: سرمائيداري جي آخري منزل” ۾ هن واضح ڪيو آهي ته سرمائيداري هاڻي رڳو مادي پيداوار تائين محدود ناهي، پر اها “مالي سرمائي” جي شڪل ۾ پوري دنيا کي غلام بڻائي چڪي آهي.
لينن مطابق جيستائين محڪوم قومون سامراج جي چنبي مان آزاد نه ٿينديون، تيستائين عالمي پرولتاري انقلاب مڪمل نه ٿيندو.
اوڀر جي قومن جي آزادي بابت هن پنهنجي تحريرن ۽ تقريرن جي مجموعي “اوڀر جي قومن جي تحريڪِ آزادي” ۾ لينن ايشيائي ۽ اوڀر وارين قومن کي سجاڳ ڪيو آهي. سندس فلسفو اهو ٻڌائي ٿو ته اوڀر جي آزاديءَ کانسواءِ اولهه جي سرمائيداريءَ جو قلعو نٿو اڏجي سگهي.
قومن جو خود اختياريءَ وارو حق: سندس ڪتاب “قومن جو خود اختياريءَ وارو حق ۽ قومي مسئلي جو تنقيدي جائزو” اڄ به سنڌ جهڙن مظلوم خطن لاءِ هڪ فڪري مشعل راهه آهي. هن واضح ڪيو آهي ته هر قوم کي اهو حق حاصل آهي ته اها پنهنجي سياسي مستقبل جو فيصلو پاڻ ڪري. هن ”عظيم روسي قومپرستي” جي سخت مخالفت ڪئي ۽ چيو ته جبري اتحاد ڪڏهن به مستقل نٿو ٿي سگهي. لينن موجب سچي وفاقي رياست اها آهي جنهن ۾ قومون پنهنجي رضا خوشي سان شامل هجن.
زار شاهي جو ظلم، پٺتي پيل معيشت ۽ پهرين مهاڀاري جنگ جو دٻاءُ اهي “تاريخي جبر” هئا، جن روسي عوام کي جڪڙي رکيو هو. لينن ان جبر کي سمجهيو ۽ بالشويڪ پارٽي جي صورت ۾ هڪ اهڙي تنظيم جوڙي جنهن ان جبر کي ٽوڙي ڇڏيو.
آڪٽوبر 1917ع جو انقلاب ڪو حادثو نه، پر هڪ شعوري عمل هو جنهن تاريخي ضرورت کي اختيار ۾ تبديل ڪيو. لينن اهو ثابت ڪيو ته سائنسي شعور تاريخ جي جبر جي پيٽ مان آزادي پيدا ڪري سگهي ٿو.
لينن صرف هڪ عملي انقلابي نه، پر هڪ تمام وڏو فلسفي پڻ هو. پنهنجي ڪتاب “ماديت ۽ تجربي پسندي تي تنقيد” ۾ هن انهن دانشورن تي سخت تنقيد ڪئي آهي جيڪي سائنسي ترقيءَ کي استعمال ڪري ماديت کي رد ڪرڻ چاهيندا هئا. هن ثابت ڪيو ته مادو اسان جي شعور کان ٻاهر موجود آهي ۽ اسان جو شعور ان مادي جو عڪس آهي. اڄ جڏهن اسين سنڌ ۾ بيٺا آهيون ته اسان جي سامهون به ساڳيا جبر آهن، سامراجي مداخلت، قومي حقن جي لٽ مار ۽ معاشي بدحالي موجود آهي. لينن جو فڪر اسان کي پنهنجي وجود کي سڃاڻڻ جي دعوت ڏئي ٿو ۽ اها پڻ دعوت ڏئي ٿو ته تاريخي جبر کي سائنسي شعور سان ختم ڪيون. قومي حقِ خود اختياريءَ جي بنياد تي هڪ آزاد ۽ برابريءَ وارو سماج اڏيون. سندس سڀ کان وڏو سبق اهوئي هو ته نظريو صرف پڙهڻ لاءِ ناهي، پر ان جو اصل ڪم ان تي عمل ڪري وقت جي جبر کي ٽوڙڻ آهي.
جنهن صورتحال مان سنڌ اڄ گذري رهي آهي، اها بلڪل اهائي تاريخي جبر واري صورتحال آهي، جنهن جي خلاف لينن آواز اٿاريو هو. جڏهن سامراجي قوت وسيلن تي قبضو ڪري ڪنهن قوم جي وسيلن کي پنهنجي مفاد لاءِ استعمال ڪري ته لينن جي نظر ۾ اها “قومي لٽ مار” آهي.
لينن موجب جيستائين محڪوم قوم ۾ پنهنجي “قومي وجود” جو سائنسي شعور پيدا نه ٿيندو، تيستائين اها ان جبر کي ٽوڙي نه سگهندي.
سندس ڪتاب “قومي مسئلي جو تنقيدي جائزو” اسان کي سيکاري ٿو ته ڪوبه اتحاد تڏهن ئي ڪارائتو ٿي سگهي ٿو جڏهن اهو برابري ۽ رضاڪاراڻه بنيادن تي هجي. جيڪڏهن ڪو وفاق ڪنهن قوم جي ٻولي، ثقافت ۽ معاشي حقن تي ڌاڙو هڻي ٿو ته ان قوم کي پنهنجي “حقِ خود اختياري” استعمال ڪرڻ جو پورو اختيار حاصل آهي. لينن جي ٻڌايل راهه مطابق سنڌ جي آزادي ۽ خوشحاليءَ جو رستو اهو آهي ته سنڌ جي پورهيت ۽ هاريءَ کي اهو سمجهڻ گهرجي ته سندس معاشي بدحالي ۽ قومي غلامي هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن ۽ ان لاءِ “پيشور انقلابين” جو هڪ اهڙو گروهه تيار ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪو مصلحتن کان مٿانهون ٿي رڳو سنڌ جي مفاد ۾ سوچي.
اڄوڪي دور جا سامراجي داءُ پيچ ۽ حربا ڪارپوريٽ قبضا، ڊجيٽل ڪنٽرول آهن، جن کي سڃاڻڻ تمام ضروري آهي ۽ جبر جو شعور ئي ان کي تحليل ڪري سگهي ٿو.