خاصنئون

ڪراچي ۾ ون وي جي خلاف ورزي مهم، تفتيشي پوليس جي چاندي

ٽريفڪ پوليس پاران ون وي جي خلاف ورزي تي شروع ٿيڻ واري خصوصي مهم مان انويسٽيگيشن پوليس جي چاندي ٿي وئي. گرفتار ڊرائيورن کان مبينا طور تي 30 کان 50 هزار رشوت وصول ڪئي پئي وڃي. ٿاڻن ۾ جوڙ ٽوڙ جو سلسلو جاري آهي. ڊرائيورن جو چوڻ آهي ته گرفتاري جي بجاءِ جرماني جي رقم وڌائي وڃي ته ون وي جي خلاف ورزي ڪير به نه ڪندو. انهن کي ڏوهارين وانگر ٿاڻي ۾ بند نه ڪيو وڃي. وڏو وزير ۽ آءِ جي گرفتارين جو نوٽيس وٺن.