خاصنئون

سرامڪ ۽ شيشي مان ٺهيل هواوي جو ستن ڪئمرائن وارو فون

چين جي تيزي سان اڀرندڙ اينڊرائڊ فون ڪمپني هواوي هڪ اهم اعلان ڪيو آهي ته ان جو ايندڙ فون پي فورٽي سرامڪ ۽ شيشي تي ٻڌل هوندو. ان جي وڌيڪ خوبين ۾ هڪ نه ٻه نه پر ست ڪئمرائون نصب هونديون. سمارٽ فونن جي خبر ڏيڻ واري ماهر ايوان بليس مطابق هواوي پنهنجو هڪ اهم فون لانچ ڪرڻ جي تياري ۾ آهي، جنهن تي ست ڪئمرائون نصب هونديون. ڪئمرا جي پٺيان ٽيلي فوٽو لينس ۽ الٽراوائڊ لينس به شامل هوندا. ٻئي طرف ٽيڪنالاجي جي ويب سائيٽ ورج مطابق هڪ ڪئمرا 13 دفعا آپٽيڪل زوم جي صلاحيت رکندي آهي. ٻه ڪئمرا اڳيان نصب هوندا، ظاهر آهي ته ان جو ڊسپلي بيزل کان بغير هوندو يعني اسڪرين جا ڪنارا نه هوندا. تجزيو ڪندڙن جي مطابق هيڊ فون جو جيڪ ختم ڪيو ويو آهي ۽ چارجنگ لاءِ يو ايس بي سي جي سهولت موجود هوندي.