نمرتا ڪماري جي ڊي اين اي جي رپورٽ ڪيس کي نئون رخ ڏيئي ڇڏيو
نمرتا ڪماري جو قتل ٿيو يا هن خودڪشي ڪئي. لاڙڪاڻي جي پراسرار طور فوت ٿيندڙ شاگردياڻي نمرتا ڪماري جي ڪيس نئون رخ اختيار ڪري ورتو آهي. نمرتا ڪماري جي ڊي اين اي جي رپورٽ پڌري ڪئي وئي آهي جنهن مطابق نمرتا ڪماري جي جسم ۽ ڪپڙن تي غير مرد جي ڊي اين اي جا نشان مليا آهن. نمرتا ڪماري جي ڊي اين اي رپورٽ لمس ڄامشورو جي فارينزڪ ليبارٽري مان جاري ڪئي وئي آهي.