اسان ته اها قوم آهيون (يا سموري مخلوق ڪنهن حد تائين) جيڪي وڻن مان ٺاهيل پني (ڪاغذ) تي اهو لکندا آهيون ته وڻن ڪٽڻ سان ماحولياتي دهشتگردي ٿئي ٿي ۽ وري وڻ ڪٽي باھ به ٻاريندا آهيون ۽ ٻيهر ساڳي جاءِ تي وڻن کي پوکڻ جي زحمت (تڪليف) ناهيون ڪندا. ساڳي ڳالھ هاڻي انٽرنيٽ سان به ڪئي ٿي وڃي، ڳالھ سمجهڻ جي اها به آهي ته بُرائي شين ۾ ناهي، پر شين جي استعمال ۾ ضرور آهي. انٽرنيشنل بزنس ڪميونٽيز جا ڪيترائي ڪم هجن ٿا، جيڪي هلن ئي انهن ”وي پي اين“ تي ٿا. ان ڪري ”وي پي اين“ رڳو ”بينڊ ويب سائيٽس“ جو نالو ناهي، اهڙيون ويب سائيٽس جيڪي ”پي ٽي اي“ جي ”سرور“ تي بين (پابندي مڙهيل آهن) اهي ”وي پي اين“ جي ذريعي ڏسي سگهجن ٿيون، پر ڳالھ اها ضرور آهي ته ڪا غيبي قوت آهي جيڪا هن ملڪ کي هلائي ٿي، جيڪا هن ملڪِ خُدادادِ جي اسٽيبلشمينٽ آهي، جيڪا هن رياست جي ڪرتا ڌرتا آهي، اُها اِها ڳالھ نٿي سَهي سگهي ته ڪو سائبر خود مختياري تحت هن ملڪ ۾ جيئي يا زندگي گذاري. ٻاهرين ملڪن ۾ اظهار جي آزادي آهي، اهي ملڪ ڪڏهن به ”ڊونالڊ ٽرمپ“ ”ڪاملا هيرس“ يا ”جوبائيڊن“ جي هارَ ۽ جيت کان خوفزده ناهن، انهن ۾ سياسي ڊپ يا سياسي فوبيا ناهي. انهن وٽ اظهار جي آزادي مان مراد هر طرح جي آزادي به آهي، معنيٰ ماڻهو ان ڳالھ ۾ آزاد آهي ته هو حڪومت کان وٺي انهن جي ڌرمن جي ڪارگذارين تي به چِٿَرَ ڪري، پر هتي اهي سڀ معاشي ۽ ڌرمي ڏوھ آهن ۽ ڪير به نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن ڪير جرئت ڪندو ته هو جهنم واصل ٿي ويندو، ان ڪري ته جهنم جي هڪ درجي ۾ اهي سڀ ماڻهو آهن، جيڪي رياست ۽ مسلڪن جا منافر آهن.