اسان ته اها قوم آهيون (يا سموري مخلوق ڪنهن حد تائين) جيڪي وڻن مان ٺاهيل پني (ڪاغذ) تي اهو لکندا آهيون ته وڻن ڪٽڻ سان ماحولياتي دهشتگردي ٿئي ٿي ۽ وري وڻ ڪٽي باھ به ٻاريندا آهيون ۽ ٻيهر ساڳي جاءِ تي وڻن کي پوکڻ جي زحمت (تڪليف) ناهيون ڪندا. ساڳي ڳالھ هاڻي انٽرنيٽ سان به ڪئي ٿي وڃي، ڳالھ سمجهڻ جي اها به آهي ته بُرائي شين ۾ ناهي، پر شين جي استعمال ۾ ضرور آهي. انٽرنيشنل بزنس ڪميونٽيز جا ڪيترائي ڪم هجن ٿا، جيڪي هلن ئي انهن ”وي پي اين“ تي ٿا. ان ڪري ”وي پي اين“ رڳو ”بينڊ ويب سائيٽس“ جو نالو ناهي، اهڙيون ويب سائيٽس جيڪي ”پي ٽي اي“ جي ”سرور“ تي بين (پابندي مڙهيل آهن) اهي ”وي پي اين“ جي ذريعي ڏسي سگهجن ٿيون، پر ڳالھ اها ضرور آهي ته ڪا غيبي قوت آهي جيڪا هن ملڪ کي هلائي ٿي، جيڪا هن ملڪِ خُدادادِ جي اسٽيبلشمينٽ آهي، جيڪا هن رياست جي ڪرتا ڌرتا آهي، اُها اِها ڳالھ نٿي سَهي سگهي ته ڪو سائبر خود مختياري تحت هن ملڪ ۾ جيئي يا زندگي گذاري. ٻاهرين ملڪن ۾ اظهار جي آزادي آهي، اهي ملڪ ڪڏهن به ”ڊونالڊ ٽرمپ“ ”ڪاملا هيرس“ يا ”جوبائيڊن“ جي هارَ ۽ جيت کان خوفزده ناهن، انهن ۾ سياسي ڊپ يا سياسي فوبيا ناهي. انهن وٽ اظهار جي آزادي مان مراد هر طرح جي آزادي به آهي، معنيٰ ماڻهو ان ڳالھ ۾ آزاد آهي ته هو حڪومت کان وٺي انهن جي ڌرمن جي ڪارگذارين تي به چِٿَرَ ڪري، پر هتي اهي سڀ معاشي ۽ ڌرمي ڏوھ آهن ۽ ڪير به نٿو ڪري سگهي، جيڪڏهن ڪير جرئت ڪندو ته هو جهنم واصل ٿي ويندو، ان ڪري ته جهنم جي هڪ درجي ۾ اهي سڀ ماڻهو آهن، جيڪي رياست ۽ مسلڪن جا منافر آهن.
اسان وٽ اها ڳالھ هڪ غلط راويت ۾ هلي وئي آهي جنهن جي مذمت ڪجي، ان ڪري جو ”ڪيبورڊ واريير“ رڳو عمران خان متعارف ڪرايا، جيڪي سمورو ڏينهن ٽوئيٽر (هاڻوڪو ايڪس) تي ويهي ٽرينڊ هلائيندا هئا ته هن ملڪ ۾ جيڪي ڪجھ ٿئي پيو سو گهٽ ۾ گهٽ عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي حق ۾ ناهي. حالانڪه انهن جي ڪيئي جي سزا سموري ملڪ ڀوڳي، جو عمران خان اندر ٿيو ته هن رياست انٽرنيٽ کي به اندر (قيد) ڪري ڇڏيو ۽ جنهن مهل ڪاوڙجن تنهن مهل انٽرنيٽ تي پنهنجو ڄارُ هڻي مڇي وانگي ڦاسائي ماڻهن کي مجبور ڪن ته اهي انٽرنيٽ استعمال نه ڪن. حالانڪه انٽرنيٽ تي هزارين لکين ماڻهن جي بزنس ۽ واپاري ڪِرتُون ڦاٿل آهن. اهي هيءَ نه هيءَ مهل پنهنجا ڪاروبار، آن لائين بزنس، رابطا بحال ڪري پئسن جي ڏي وٺ ڪيو ويٺا هوندا آهن. ان ڪري انٽرنيٽ رڳو فيس بُڪ، واٽس ايپ، انسٽاگرام، يوٽيوب تان گانا ۽ فلمون ڏسڻ ناهي هوندو (يا گهڻي ڀاڱي هجي به)، پر هن جديد ۽ ڊجيٽل دور ۾ ڪنهن صورت انٽرنيٽ تي اهڙيون فرسوده پابنديون هڻڻ منطقي ناهي ۽ ممڪن ناهي ته ماڻهن جي زبانن ۽ اکين تي تالا هڻي ڇڏجن، ان ڪري اظهار جي آزادي معنيٰ آزادي سان جيئڻ به آهي.
دنيا جي خوبصورتي ۽ ڊجيٽل دور جي سونهن هر ڳالھ ۾ ڏسي سگهجي ٿي ۽ هر پل کي انجواءِ به ڪري سگهجي ٿو. جنهن ۾ عمل جي وافر مقدار ۾ هجڻ به ان انٽرنيٽ جي هجڻ سان به ممڪن آهي، جنهن تحت اهي سڀ لائيبريريون، وڏا وڏا آن لائين ڪتب خانا ۽ بازاريون پَسي سگهجن ٿيون. انهن مارڪيٽن وٽان هر شيءِ گهرائي سگهجي ٿي ۽ انهن ڪتب خانن ۾ پيل ڪتابن کي ترت پڙهي به سگهجي ٿو. ان ڪري دنيا سان ڳنڍڻ مان مراد انهن سڀني ويب سائيٽن سان ڳنڍجڻ به آهي، جيڪي هن ملڪ جون ناهن ۽ ڪجھ ان صورت به ممڪن طور تي ڏسي سگهجن ٿيون، جن جي افاديت جو مثال يا تعريف ممڪن ناهي. ان ڪري شين تي تالا يا ضبط ان صورت هڻڻ ممڪن ناهي ته ماڻهن تي هن رياست جو ضبط ممڪن ڪري سگهجي يا مورڳو ئي بند ڪري ڇڏجي ۽ خلق کي پٿر جي دور ۾ گهلي هلجي. ان ڪري ته اظهار جي آزادي مان رياست کي هڪ خوف ضرور آهي، ته اهي چاهين ٿا ته شيون اهڙي ضبط ۾ هجن، جنهن ۾ جنرل ضياءَ جي دور واريون ڳالهيون عام جام ۽ سوليون ڪري سگهجن، جو ماڻهو عبادت گاهن ۾ به ضبط ۾ هجن ۽ جي ٻاهر هجن ته ايجنسين جي ڪَڙي نظر ۾ هجن. رياست انهن ماڻهن تي نظر رکي ته اهي چون ڇا ٿا؟ ڪن ڇا ٿا؟ ڪنهن سان ٿا ملن؟ ڪيئن ٿا ڳالهائين؟ ڪنهن سان رابطي ۾ آهن؟ پئسي ڏوڪڙن جي ڏيتي ليتي ڪيئن ٿا ڪن؟ ڏوھ گناھ ڪيئن ۽ ڇو ٿا ڪن؟ مثال جيئن لاانفورسمينٽ ايجنسيون هٿيارن جي زور تي ماڻهن جي ذهنن ۽ عقلن تي قابض آهن ته اهي ڏسي ڊڄي ٿا وڃن، تيئن هاڻي اها شيءِ به آسان ڪري سگهجي ته جيڪي به انٽرنيٽ هلائين، اهي ”وي پي اين“ ۽ ”آءِ پيز“ جي ڊپ ۾ هجن، اهي ڪڏهن ”لوڪل سرور“ (انٽرنيٽ سروس پرووائيڊر) کان لڪي ڇپي ڪا شيءِ نه ڪري سگهن ۽ جيڪي به ڪن انهن تي رياست جي ڪڙي نظر هجي ۽ اهي جيڪي به ڪِرِتِ ڪن انهن تي ملڪي اثرائتا ضابطا هجن.
ملڪ ۾ 44.5 ملين ماڻهو فيس بُڪ استعمال ٿا ڪن، جن ۾ 71.7 يوٽيوبر آهن، 54.38 ملين ٽڪ ٽاڪر آهن ۽ 17.30 ملين انسٽاگرام يوزر به آهن، جيڪي يوٽيوب سميت انهن سڀني سوشل ميڊيا جي چينلن تان روزي روٽي ڪمائين ٿا، جن مان گهڻائي ڪنهن نه ڪنهن طرح بزنس سان به لاڳاپيل آهي. اهي پنهنجا ڊجيٽل ڪاروبار ان سوشل ميڊيا جي توسط سان هلائين ٿا ۽ ممڪن آهي ته انهن جي ڪمائي ڪَئي اها سوشل ميڊيا ئي هجي. ان ڪري جيئن ”فري لانسنگ“ هاڻي گهڻي ٿي وئي آهي ۽ لوڪل بينڪون به آسان شرطن تي ”فري لانسرن“ جا ڊالر (يا ٻاهرين ملڪن جي ڪرنسين ۾) اڪائونٽ کولن ٿا ته جيئن ان شيءِ کي فروغ ڏئي سگهجي ۽ ان ڳالھ ۾ اڃان به واڌارو ممڪن ڪجي، تيئن هاڻي ڊجيٽل دور ۾ هٿن پيرن جي مزدور کان گهڻي برڪت ۽ ڪمائي دماغي مزدوري ۾ آهي، جنهن مان ماڻهو رات پيٽ ۾ امير ٿي ٿا وڃن ۽ رياست انهن مان ٽيڪس به ڪمائي ٿي، پر اهڙي ڊجيٽل دور ۾ رياست پنهنجي ”ٽوٽليٽيرين“ واري لتَ رکي نٿي سگهي ۽ ترقي جي راھ ۾ رڪاوٽ نه بڻجي، جنهن جو مثال دنيا ۾ ڪٿي به نه ملندو.
سائبر ڪرائيم جي تحقيقاتي ايجنسي کي ملڪ ۾ انٽرنيٽ جا قانون لاڳو ڪرڻ لاءِ هڪ قابل اعتماد ۽ بهترين اوزار طور ڏٺو وڃي ٿو، جنهن جي ڊگهي مدت جي قيمت غير يقيني به رهي ٿي ۽ لوڪل يوزر هڪ ڏچي ۾ به آهي. اها ٻي ڳالھ آهي ته انساني حقن جي بنيادي ۽ وسيع تناظر ۾ ارڙهين صديءَ جي فلسفي ”سيزر بيڪريا“ ملڪيت جي حقن کان وڌيڪ زندگي جي وقار ۽ اظهار آزاديءَ جي اوليت تي زور ڏنو آهي، ”سگمنڊ فرائيڊ“ به ان راءِ جو آهي ته ”غير اظهاريل جذبا ڪڏهن به ناهن مرندا، پر انهن کي جيئرو ئي دفن ڪيو ويندو آهي ۽ ساڳيا اظهار پوءِ بدصورت شڪلين سان سامهون ايندا آهن“ جيڪي خاص طور تي اسان وٽ بنيادي حقن جا لاڳاپيل قانون اڻڄاتل شڪايتن، سماجي دشمنين ۽ نفسياتي بيمارين جي شڪل ۾ ظاهر ٿين ٿا، جن کي نفسياتي علاج جي ضرورت پوي ٿي. بهرحال اسان کي درپيش مسئلن ۾ اظهار جي آزادي، سائبر رائيٽس ۽ انٽرنيٽ گورننس تي عالمي تبصرا ٻڌڻ ۾ اچن ٿا ته ملڪ ۾ اظهار جي آزادي ڪيتري آهي. ساڳي جاءِ تي گڏيل قومن سميت بين الاقوامي تنظيمن، مصنوعي ذهانت جي ترقي وارين ريگيوليٽري فريم ورڪ جي تنظيمن کي اهو اجاڳر ڪرڻ جي ضرورت آهي، ڇو جو سماجي ۽ ٽيڪنالاجي جا انقلاب هميشه گڏ گڏ رهيا آهن.
هاڻي ته انٽرينٽ حرام آهي يا حلال ۽ وي پي اين حلال آهي يا حرام جهڙن بحثن ۾ پئجي ويا آهيون، اها ڳالھ به مڃون ٿا دنيا ۾ اسان جهڙا ملڪ ”پورن موويز“ ۾ ٽاپ ٽين ۾ شامل آهن، دنيا جا ملڪ “فور جي ۽ فائيو جي کان ٽپيا هاڻي سڪس جي” تائين وڃي پڳا آهن، پر اسان وٽ حال اهو آهي ته جيڪي به ڊينمارڪ ۽ ناوري جون سيليولر (موبائيل) ڪمپنيون هيون، اهي لڏا پٽي هليون ويون آهن ۽ هاڻي جيڪي به رهيل کهيل ڪمپنيون آهن، انهن جي فون ڪالز جا آواز کڙکڙ پيا ٿا ڪن، مجال آهي جو ڪنهن جو آواز سمجھ ۾ اچي ۽ پوءِ ماڻهن جو زور وري به سوشل ميڊيا جي ڪالن، وائيس نوٽس ۽ واٽس ايپ ڪالن تي آهي ته هن اهڙي حال ۾ ماڻهو ڀلا ڪيئن جيئي جو سمورو ڏينهن رياست جي ٽيڪس ڪليڪشن جي اٽڪل بازين ۽ ڳرن يوٽيلٽي جي بلن تي بدشد ڳالهائڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي جي ڪجھ سانت ۾ رهي، ڪجھ ”انٽرٽين“ ٿئي ۽ ڪجھ مزو ماڻي ته اهو به ”بين“، ڳالھ سمجھ کان مٿي آهي ته اهڙي ڪهڙي سختي آهي، جيڪا اڃان تائين رياست کي سمجھ ۾ نٿي اچي يا جيڪا سمجھ ۾ اچين ٿي ته اها هڻي ويهي ٿا رهن، پوءِ کٽِ کٽائي شاھ. هيءَ رياست هر ڳالھ ۾ مذهب کي وچ ۾ ضرور ٿي آڻي ۽ سمجهن ٿا ته هي جيڪو به ڪن ٿا، اهو اسلام جي دائري ڪار ۾ آهي ۽ انهن ۾ ئي ڏوھ ثواب لڪيل آهن، ان ڪري انٽرنيٽ ۽ وي پي اين به هاڻي ڪلمو پڙهائي مسلمان ڪيا ويندا، انهن جا به ضابطا مقرر ڪيا ويندا ته جيئن ماڻهو جيڪو ڏسن، ٻڌن، ڳالهائين، سمجهن ۽ سوچين اهو به ڌرمي دائري ۾ هجي، ان ڪري وي پي اين هاڻي ڪافر آهي ۽ جيڪو به پنهنجي ”لوڪل سرور“ کي تياڳي ٻاهرين ملڪ جي ”سرورن“ تي ڀاڙيندو اهو گناھ جو مترادف هوندو.