سِنڌي ادبَ جو گُلشنُ مھِڪائڻَ ۾ جتي سِنڌي هندو اديبن پاڻ موکيو آهي، اُتي سنڌي هندو عورت ليکڪائون پڻ ڪُلھو ڪُلِھي سان ملائي اَدبي سفرَ ڪيا آهن. سنڌ جو شھر حيدرآباد ڳچ عرصي کان علم، ادبَ ۽ اَملھه ليکڪ ۽ ليکڪائن جو شھر رهيو آهي. هنَ تاريخي شھرَ، ٽنِ وڏين بَرک ليکڪائن کي جنم ڏنو، جن ۾ پوپٽي هيراننداڻي، ريٽا شھاڻي ۽ سُندري اُتم چنداڻي شامل آهن. هنن ٽنِ ليکڪائن پنھنجي علمي ڏاهپَ، ادراڪَ ۽ بھترين لکڻين جي ڪري سنڌ توڙي هند ۾ هڪَ جيتري عزت، مانُ ۽ مرتبو حاصل ڪيو آهي. هن مضمون ۾ سُندري اتم چنداڻي جي تحريرن کي تنقيدي زاويي سان پيش ڪرڻ مقصود آهي. سندري اتم چنداڻي جو جنم سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ 28 سيپٽمبر 1924ع تي ٿيو. ميٽرڪ تائين تعليم حيدرآباد مان حاصل ڪيائين. شروع کان ئي ذهين. سُلڇڻي ۽ اَدب سان چاهه رکندڙ سُندريءَ بنارس مان ٻارنهن درجا پاس ڪيا. ورهاڱي جي ڪيترن ئي سالن کانپوءِ ايس. اين. ڊي. ٽي يونيورسٽين مان سنڌي ۽ انگريزي ادب ۾ ايم اي ڪيائين.
ورهاڱي کان پھرين وارن ليکڪن ۽ ليکڪائن جيان سُندري اتم چنداڻي به گهڻ پاسائين ليکڪا هئي، پاڻ هڪ ئي وقت ڪھاڻيڪارہ، ناول نگار، ناٽڪ نويس، شاعره ۽ ان کان علاوه ريديو ۽ ٽي وي تي بھترين رهنما پڻ رهي آهي. هن مھان ليکڪا مڙني شعبن ۾ وڏي ايمانداري سان نڀايو آهي، سندس تحريرن جي اڀياس مان ترقي پسند سوچ جو اولڙو نظر اچي ٿو ۽ ڪيترين ئي ڪَھاڻين ۾ سَماج جي تعميري سوچ جا چٽا عڪِس پسي سگهجن ٿا. مضمون کي طوالت کان بچائيندي سندس چند تصنيفن جو مختصر جائزو پيش ڪجي ٿو.
اڇا وار، ڳاڙها گل ۽ ٻيون ڪھاڻيون:
مٿي ڄاڻايل ڪتاب سال 1965ع ۾ ممبئي مان شايع ٿيو، جنھن ۾ جملي 10 ڪھاڻيون شامل آهن، جن ۾ ڪتاب جي عنوان واري ڪھاڻي آخر ۾ درج ڪيل آهي. ٻين ڪهاڻين ۾ “پھريدار”، “زهر جي پڙي”، “ڪاڪ محل” وغيره اهميت جون حامل آھن. ڪھاڻين ۾ سماجي عڪاسي وڏي عرق ريزيءَ سان بيان ڪيل آھي.
تو جنين جي تات:
سُندري اتم چنداڻي جي لکيل ڪھاڻين ھي جو ڪتاب جيڪو سنڌ ۾ 1983ع ۾ شايع ٿيو، هي ڪتابُ ان کان پَھرين هندستان ۾ ٻه ڀيرا شايع ٿي چڪو هو. هن ڪتاب ۾ جملي 11 ڪھاڻيون شامل آهن. هن ڪتاب جو مھاڳُ عمر ميمڻ جو لکيل آهي. ڪتاب جي عنوان واري ڪَھاڻي شروع ۾ ڏني ويئي آهِي. ڪھاڻين ۾ سندس ٻولي سپڪ، سوادي ۽ سادي ڪتب آندل آهي. سندس موضوع سنڌي سماج جي ھر طبقي سان واسطو رکن ٿا.
وڇوڙو (سنڌي ڪَھاڻيون):
سُندري اتم چنداڻيءَ جي هن بھترين ڪھاڻين جي ڪتاب ۾ جملي نوَ ڪھاڻيون شامل آهن. جن ۾ “ڪارو گهوٽ”، “ڪنوارو پيءُ”، “سنڌوءَ جو روپ” ۽ “سوريءَ سچ چڙهيو” وغيره اهميت جون حامل آهن. هنن ڪھاڻين ۾ پيار، محبت، سماجي اڻ برابري، ڏيتي ليتي، هندستان لڏي ويل سندرين جي پنھنجي اباڻي وطن لاءِ اڪير ۽ سڪ جا چٽا عڪس پسي سگهجن ٿا. سندس ڪتاب ڪيترائي ڀيرا شايع ٿيندا رهيا آهن. ان مان سندس شھرت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. هن ڪھاڻين جي ڪتاب کي ساهتيه اڪادمي طرفان سال 1986ع ۾ ادبي انعام پڻ مليو هو.
سنڌو ناٽڪ (ڏهه ننڍا ناٽڪ):
سنڌي ادب ۾ ننڍي ناٽڪ جو باني منگهارام ملڪاڻي کي چيو ويندو آهي. سُندري اتم چنداڻي کي شروع کان ناٽڪ ڏسڻ، پڙهڻ ۽ انهن ۾ ڪم جو شوق هوندو هو. هن ٽئگور جي هندي ناٽڪ “مالني” ۾ ماءُ جو ڪردار ادا ڪيو هو. ان ڪري سندس لکيل ننڍن ناٽڪن جي مڪالمن ۾ جان آهي. ڇاڪاڻ جو ليکڪا ناٽڪ لکڻ کان پھرين پاڻ مختلف ناٽڪن ۾ ڪيترائي ڪردار ادا ڪري چڪي آهي. هن ڪتاب ۾ شامل ناٽڪَ سماج جي مختلف زاوين جي ڀرپور عڪاسي ڪن ٿا. مٿي بيان ڪيل ڪتاب جي عنوان ۾ هڪ ننڍو ناٽڪ “وڻجارو” پڻ ملي ٿو. هي ننڍو ناٽڪ شاهه لطيف جي “سر سامونڊي” تي ٺاهيل ناٽڪ آهي، جنھن ۾ شاهه لطيف جا بيت پڻ ڪتب آندل آهن.
کيڙيل ڌرتي:
هن ڪتاب ۾ جملي اٺ (8) ڪھاڻيون شامل آهن جن ۾ ٽئين نمبر تي درج ڪيل ڪھاڻي ڪتاب جي عنوان واري ڪھاڻي آهي. هنن ڪھاڻين ۾ سنڌي سماج جي گهرو ماحول ۽ سنڌيت کي ڀرپور انداز سان پيش ڪيو ويو آهي. پنھنجي وطن سان قائم اٽوٽ رشتي کي وڏي حساسيت سان پيش ڪيو اٿس.
آتم وشواس:
هي ڪتاب به ٻين ڪتابن جيان سندري اتم چنداڻي جو بھترين ڪتاب آهي. هن مجموعي ۾ “ولر کان وڇڙيل”، “سنڌيءَ جي سڪ”، “قرباني” بھترين ڪھاڻيون آهن. سندري اتم چنداڻي جي ڪھاڻين مان اها پرک پوي ٿي ته وقت گذرڻ ۽ پنھنجي ڌرتي کان ڪٽجڻ جي باوجود به مادري ٻولي ۾ اها ئي نمايان اورچائي ۽ ٺيٺ سنڌي لفظن جو استعمال عام جام ملي ٿو. سنڌي ادب ۾ ڪھاڻين جي ڀيٽ ۾ ناول تمام گهٽ لکيو ويو آهي، ان جو سبب طويل پلاٽ کي يڪسوئيءَ سان نڀائڻ جو سوال پيدا ٿئي ٿو. سندري اتم چنداڻي جا لکيل ناول “ڪرندڙ ديوارون” ۽ “پريت پراڻي ريت نرالي” سندس شاهڪار ڪھاڻين وانگر بھترين جڳھه والارين ٿا.
ترجما:
ادب جي دنيا ۾ ترجمو به هڪ خاص اهميت رکي ٿو. ڪنهن به ڌاري ٻوليءَ جي تصنيف جو ترجمو ڪرڻ کان پھرين مترجم ان کي مڪمل طور تي سمجهي موضوع، خيال ۽ فڪر کي هضم ڪرڻ کانپوءِ پنھنجي سماجي، مذهبي ۽ ثقافتي اصولن پٽاندڙ آسان انداز ۾ پنھنجي مادري ٻوليءَ جو ويس ڍڪائي ٿو. سندري اتم چنداڻي به هن اوکي ڪم ۾ پاڻ موکيو آهي. هن تڪشي شو شنڪر جو ناول سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هن مھان ليکڪا روس جي ترقي پسند سوچ وارن هڪ شعرن ۾ سنڌيءَ ٻولي ۾ ترجمو ڪيو آهي. ان عمل سان هند جي سماج ۾ وهمن، وسوسن ۽ انڌي تقليد جي جوڙيل بتن ۾ ڏاريون پئجي ويون هيون. هند جي جيجيءَ، ميڪسم گورڪيءَ جي ناول کي ترجمو ڪري “ٽٽل ساز” جي نالي سان شايع ڪرايو هو. ان کان علاوه ڪرشن چندر جي ناول جو ترجمو “پياسي ڌرتي پياسي دلڙيون” پڻ وڏي اهميت رکي ٿو. سندري اتم چنداڻي، امرتا پريتم جي ناول کي “هڪ سسئي سو سور” جي نالي سان پڻ ترجمو ڪري سنڌي ادب ۾ اضافو ڪيو آهي.
نتيجا:
* سندري اتم چنداڻيءَ جي ٻوليءَ سنڌ ڌرتيءَ جي اها نج نبار سپڪ، سادي ۽ سلوڻي ٻولي آهي، جنھن ۾ ڪڙمي، ڪوري، لوهار، هاري ناري ۽ ميربحر وغيره عام روز مرهجي ڪمن ۾ ڪتب آڻين ٿا.
* سندري اتم چنداڻي جي مڙني ڪھاڻين ۾ ٻين سنڌي هندو لکارين جيان پنھنجي وطن جي لاءِ بي انتها سڪ، پيار ۽ اڪير ملي ٿي.
* سُندريءَ جي ٻوليءَ ۾ اها رواني آهي جيڪا سنڌوءَ جي ڇولين ۾ نظر اچي ٿي.
* سندريءَ جي ڪھاڻين جا موضوع اوپرا نه آهن هن مٽي جي ماڻهن جون درد ڪھاڻيون احساس سان پيش ڪيل آهن.
* موجوده دور جي سنڌي ادب جي گهڻ گهرن کي گهرجي ته سندري اتم چنداڻيءَ جي مڙني تحريرن کي مختلف رسالن مان ميڙي چونڊي گڏ ڪري ٻيهر شايع ڪرائڻ گهرجي.
هيءَ ليکڪا پنھنجي دور ۽ موجوده دور جي ليکڪائن کان وڏي بيباڪ ليکڪا آهي، سندس ادبي ڪمن تي سائنسي بنيادن ۾ تحقيق ڪرائي وڃي ته جيئن نئين نسل کي پنهنجي ڌرتيءَ جي ليکڪائن جي علمي ۽ ادبي قد ڪاٺ جي صحيح نموني خبر پئجي سگهي.