خاص

ماڻهو بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن: سنڌ هاءِ ڪورٽ

سنڌ هاءِ ڪورٽ گريڊ 1 کان 15 تائين جي 1500 ملازمن کي مستقل ڪرڻ خلاف درخواست تي لاڳاپيل آفيسرن کي سيڪريٽري سان گڏ ويهي معاملا حل ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ جي روبرو گريڊ 1 کان 15 تائين جي 1500 ملازمن کي مستقل نه ڪرڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. مختلف کاتن ۾ مقرر ڪانٽريڪٽ ملازمن کي مستقل نه ڪرڻ تي عدالت سنڌ حڪومت تي برهم ٿي وئي. جسٽس محمد اقبال ڪلهوڙو ريمارڪس ڏنا ته سنڌ حڪومت ڇا ڪري رهي آهي؟ ڪجهه ماڻهن کي ڪانٽريڪٽ تي سرڪاري ملازمت ڏين ٿا ۽ ڪجهه کي مستقل ڪري ڇڏين ٿا. ڊائريڪٽر  ڪرڪوليم ٻڌايو ته اڳوڻي ڊائريڪٽر غلط ڀرتيون ڪيون هيون.

اهو انصاف ڪونهي ۽ اسان اوهان کي ناانصافي ڪرڻ نه ڏينداسين. هتي ماڻهو بيروزگاري سبب خودڪشيون ڪري رهيا آهن. سرڪاري آفيسر پنهنجن مائٽن کي فيور ڏين ٿا ۽ غريب جي ٻارن سان امتيازي سلوڪ ڪن ٿا.