خاص

ريل رستن کي ٻوڏ سبب 500 ارب جو نقصان: ترجمان ريلويز

پاڪستان ريلويز کي ٻوڏ سبب 500 ارب رپين کان وڌيڪ مالي نقصان کڻڻو پيو. جڏهن ته مختلف ٽرين حادثن ۾ 4 ماڻهو فوت ٿي ويا، ڇاڪاڻ ته پئسينجر سيفٽي جي اعتبار کان خاطر خواهه بهتري نظر آئي. هلندڙ سال ريلوي لاءِ پئسنجر سيفٽي جي حوالي سان مثالي ته قرار نٿو ڏئي سگهجي، پر ڪارڪردگي ڪافي سٺي رهي ۽ پئسنجر ۽ مال گاڏين جا ننڍا وڏا 53 حادثا ٿيا. مالي اعتبار کان 2022 کي ريلوي لاءِ بدقسمت سال چيو وڃي ته بيجا نه ٿيندو.