ميهڙ ٽيڻو قتل ڪيس: اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو جي ضمانت واري درخواست رد
دادو جي عدالت ۾ ام رباب چانڊيو جي ٽن گهرڀاتين جي قتل ڪيس ۾ نامزد اڳوڻي ايس ايڇ او جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ام رباب چانڊيو پيش ٿي، عدالت پاران اڳوڻي ايس ايڇ او ڪريم بخش چانڊيو جي ضمانت واري درخواست رد ڪئي وئي. عدالت ٻاهران ام رباب چانڊيو صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته عدالت اڳوڻي ايس ايڇ او جي ضمانت واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي. 25 مارچ تي شاهدن جا بيان رڪارڊ ٿيندا ۽ ان بعد جوابدار ڌر ۽ ٻين جي بيانن کانپوءِ ڪيس جو فيصلو ايندو.

