برطانيه جو شهزادو هيري ۽ ماڊل گرل ميگهن مارڪل شادي جي ٻنڌن ۾ ٻنڌجي ويا
برطانيه جي شهزادي هيري ۽ ماڊل گرل ميگهن مارڪل جي شادي لنڊن جي چرچ ۾ ٿي وئي. شادي جي تقريب ۾ سڄي دنيا جي شخصيتن حصو ورتو. هن موقعي تي ڪنوار جو پيءُ اسپتال ۾ هجڻ ڪارڻ شريڪ نه ٿي سگهيو. جنهن جون رسمون پرنس چارلس ادا ڪيون. شادي جي تقريب هن وقت به جاري آهي. جنهن جي براهراست ٽيليڪاسٽ سڄي دنيا ۾ ڪئي پئي وڃي.
هن تقريب جو وڊيو يوٽيوب تي به موجود آهي.