بلاگنئون

هاءِ غزه…. اسان شرمنده آهيون!

ڪجهه ڏينهن اڳ مصر جي صدر عبدالفتاح السيسي چيو هو ته عرب اڳواڻن غزا جي لاءِ جنگ کانپوءِ واري مصري منصوبي کي مڃي ڇڏيو آهي، جنهن ھيٺ لڳ ڀڳ 20 لک فلسطينين کي علائقي ۾ رهڻ جي اجازت ملي ويندي. ايسوسئيٽيڊ پريس موجب، قاهره ۾ اڳواڻن صدر ڊونلڊ ٽرمپ واري منصوبي جي ڀيٽ ۾ پنهنجي متبادل منصوبي جي منظوري ڏني. صدر ٽرمپ تجويز ڏني ھئي ته غزا جي آبادي کي ٻين ملڪن ڏانهن منتقل ڪري اتي هڪ سامونڊي تفريحي ماڳ ٺاھيو وڃي. اڃان تائين اها ڳالھه واضح نه ٿي ته اسرائيل يا آمريڪا مصري منصوبي کي قبول ڪندا يا نه. ان بابت سربراهي اجلاس گهرايو ويو جنهن جي ميزباني مصر ڪئي، ان اجلاس ۾ قطر جو امير، متحده عرب امارات جو نائب صدر ۽ سعودي عرب جو پرڏيهي وزير پڻ شريڪ هئا. هي اهي ملڪ آهن جن جي مدد جنگ کانپوءِ جي ڪنهن به منصوبي ۾ انتهائي اهميت رکي پئي. ان کان اڳ خبرن جي اداري اي ايف پي موجب، سعودي پريس ايجنسي رپورٽ ڏني ته سعودي پرڏيهي وزير پرنس فيصل بن فرحان اجلاس ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ قاهره پهتو هو. رياض ذري گھٽ ٻه هفتا اڳ عرب اڳواڻن جي هڪ اجلاس جي ميزباني ڪئي، جنهن ۾ صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان غزا جي ٻيھر اڏاوت، ان جي ڪنٽرول ۽ علائقي مان فلسطينين جي نيڪالي بابت تجويزن تي بحث ڪيو ويو. قاهره ۾ عرب ملڪن جي وزيرن هڪ بند ڪمري واري اجلاس ۾ غزا جي شھرين جي نيڪالي کانسواءِ ٻيھر اڏاوت بابت هڪ منصوبي تي بحث ڪيو.

اي ايف پي جي رپورٽ موجب، هڪ ڊرافٽ مطابق قاهره غزا جي پنجن سالن جي عرصي ۾ ٻيھر اڏاوت لاءِ 53 ارب ڊالرن جو منصوبو پيش ڪيو آهي. ان تجويز ڪيل منصوبي تحت ماڻهن کي هنگامي بنيادن تي رليف ڏيڻ، تباھ ٿيل انفرااسٽرڪچر جي بحالي ۽ غزا جي ڊگهي مدي واري معاشي ترقي تي ڌيان ڏنو ويندو. صدر عبدالفتاح السيسي آمريڪي صدر جي غزا جي ٻيھر اڏاوت جي ڪوشش کي ساراهيو ۽ تجويز ڏني ته وقتي مرحلي ۾ غزا جو نظام ٽيڪنوڪريٽس کي ڏنو وڃي ۽ ان دوران فلسطيني پوليس کي تربيت ڏني وڃي ۽ پٽي جي اڏاوت لاءِ فنڊن جو بندوبست ڪيو وڃي، پر اسرائيل هر ٺاهه جي ڀڃڪڙي ڪندي غزا جي پٽي تي وڏي پيماني تي تباهي ڪئي. اسرائيل جو چوڻ آهي ته حماس جي دهشتگرد حملي ۾ لڳ ڀڳ 1200 ماڻهو ماريا ويا هئا، جڏهن ته ويڙهاڪ تقريبن 250 ماڻهن کي يرغمال بڻائي پاڻ سان گڏ غزا کڻي ويا ھئا. جڏهن ته غزا جي صحت جي عملدارن موجب اسرائيلي حملن ۾ 48 هزار فلسطيني مارجي چڪا آهن، جن ۾ وڏي انگ ۾ عورتون ۽ ٻار شامل آهن. جڏهن ته اسرائيل ۽ حماس جي وچ ۾ جنگبندي ٿيل هئي، جنهن جي شروعاتي مرحلن ۾ حماس ڪيترن ئي اسرائيلي يرغمالين کي اسرائيل جي جيلن مان سوين فلسطين قيدين جي آزادي جي بدلي ۾ آزاد ڪيو هو، مگر اسرائيل جنگبنديءَ جو معاهدو ٽوڙي غزا جي ماڻهن مٿان بمباري ڪئي آهي جنهن جي نتجي ۾ سوين ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن. گذريل ڏينهن آمريڪي پرڏيهي وزارت چيو آهي ته غزا جي صورتحال جي اصل ذميوار فلسطين جي مزاحمتي تنظيم حماس آهي. ٻئي پاسي غزا جي صحت واري وزارت موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيل غزا جي پٽي ۾ سڀ کان وڌيڪ شديد ۽ مسلسل بمباري ڪئي آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 86 فلسطيني شهيد ۽ 280 کان وڌيڪ زخمي ٿي پيا. اها جنگ جي خوفناڪ راتين مان هڪ هئي.

فلسطيني صحافي خليل ابو الياس فيس بڪ تي لکيو ته صرف چند ڪلاڪ رهجي ويا آهن ۽ غزا جي آبادي کي ختم ڪيو ويندو. توهان اسان کي صرف جنت ۾ ڳولهيندا. خدا رحم ڪري انهن تي جن کي تاريخ ۾ سڀ کان ظالم عرب سڏيو ويندو. غزا جي هڪ فلسطيني ڇوڪري لکيو: اسان جي خبر توهان کي هاڻي پريشان نه ڪندي. بس چند ڏينهن جي ڳالهه آهي ۽ اهو سڀ ڪجهه ختم ٿي ويندو. الله انهن کي ڪڏهن به معاف نه ڪندو جيڪو اسان جي ناانصافي تي خاموش رهيو. هڪ فلسطيني شيخ چيو ته: مون پنهنجي ڌيءَ کي بغير سر جي دفن ڪيو آهي. ٻئي پاسي ترڪي شام ۾ ڦاسي پيو آهي، ترڪي جا ڪيترائي فوجي اسرائيلي حملن ۾ مارجي ويا، ڇا ترڪي اسرائيل کان بدلو وٺندو؟ ڏھ ڏينهن اڳ، ترڪي شام ۾ هڪ سرڪاري فوجي اڏي جو افتتاح ڪيو ۽ گڏيل قومن، آمريڪا ۽ اسرائيل کي خبردار ڪيو ته جيڪو به انھي اڏي تي حملو ڪندو، اسان ان جو جواب ضرور ڏينداسين.گذريل رات، اسرائيل هڪ شديد فضائي حملي دوران ان اڏي کي  تباھ ڪري ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ ڪيترائي ترڪ فوجي مارجي ويا، پر انهن سڀني حالتن جي باوجود، ترڪي طرفان ڪوبه واضح رد عمل سامهون ناهي آيو. لڳي ٿو ته ترڪ صدر اردگان به جولاني وانگر بزدليءَ جو مظاهرو ڪندي ترڪ فوجين کي وساري ڇڏيندو. ڇاڪاڻ ته اسرائيل ۽ آمريڪا سان ٽڪرائڻ لاءِ بهادري ۽ ايمانداري جي ضرورت هوندي آهي، جيڪا هن بدقسمت شخص ۾ نظر نٿي اچي. اڳ به آمريڪا ترڪي جي سر زمين تي هڪ ٻيڙي تي ميزائل هڻي ترڪ فوجين کي قتل ڪيو هو، پر اردگان ان تي ڪوبه رد عمل ظاهر نه ڪيو. لڳي ٿو ته هِن ڀيري به هو ساڳي روش اختيار ڪندو.هن وقت غزا جي خطرناڪ صورتحال کانپوءِ به عرب ملڪ خاموشي اختيار ڪيو ويٺا آهن ۽ ڪوبه مذمتي بيان ڏيڻ کان به لنوائي رهيا آهن. جڏهن ته دنيا جا سمورا اسلامي ملڪ چپ جو روزو رکي گهري ننڊ ۾ ستل نظر اچن ٿا.

مطلب ته غزا جي موجوده صورتحال قابو کان ٻاهر ٿي وئي. اسرائيلي فوج جي وحشياڻي حملن ۾ گذريل ڏينهن 100 ٻارن ۽ عورتن سميت وڌيڪ 30 فلسطيني شهيد ٿي ويا هئا ۽ لاش بارود سان آسمان ۾ اڏامندي ڏيکاريا ويا آهن. اتر غزا جي مسلسل اسرائيلي محاصري سبب اتر غزا جي مرڪزي شهر ۾ پاڻيءَ جي فراهمي پڻ مڪمل طور بند ٿي وئي آهي. اسرائيل ڏکڻ غزا شهر مان فلسطينين کي وڌيڪ جبري بي گهر ڪرڻ جو حڪم ڏنو. فلسطيني ريڊ ڪريسنٽ سوسائٽي جي صدر موجب اسرائيلي حملي ۾ 15 طبي ۽ ايمرجنسي اهلڪارن جو تازو قتل هڪ  جنگي جرم آهي، جيڪو غزا جنگ جي اونداهي لمحن مان هڪ آهي. فلسطيني صحافين جي تحفظ واري ڪميٽي موجب اسرائيل لبنان ۾ ٽارگيٽيڊ حملو ڪري فلسطيني صحافي محمد صالح محمد بردول، سندس زال ۽ ٽن ٻارن کي شهيد ڪري ڇڏيو. صالح چوٿون فلسطيني صحافي آهي جيڪو 18 مارچ کان شهيد ٿيو هو. ميڊيا رپورٽن ۽ اسرائيلي ۽ فلسطيني اهلڪارن موجب اسرائيل لبنان جي شهر صيدا جي رهائشي علائقي ۾ هڪ فليٽ تي حملو ڪري حماس ڪمانڊر حسن فرحت کي پٽ ۽ ڌيءَ سميت شهيد ڪري ڇڏيو. ڊاڪٽرز بغير بارڊرز چيو  ته اسرائيل بمباري ڪري تنظيم جي 11 هين ڊاڪٽر حسام الولو، سندس زال ۽ 28 سالن جي ڌيءَ کي ماري ڇڏيو.گڏيل قومن جي انساني حقن جي اداري جي هاءِ ڪمشنر ولڪر ترڪ غزا جي ويسٽ بئنڪ ۾ سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس ۾ چيو آهي ته غزا ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ عالمي اداري جي اهلڪارن جي تازي موت جنگي ڏوهن جي ڪميشن لاءِ ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.

اسلام آباد ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي عاصم افتخار احمد خبردار ڪيو آهي ته اسرائيلي حملن کان متاثر فلسطينين کي امداد فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي سلامتي ڪائونسل جي ڪارڪردگي تي سواليه نشان آهي. فلسطين ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي اهو ناقابل قبول آهي ۽ سلامتي ڪائونسل کي ان کي روڪڻ لاءِ ضروري قدم کڻڻ گهرجن. چين جي مستقل نمائندي فو چونگ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻه رياستي حل ئي اڳتي وڌڻ جو واحد ممڪن رستو آهي ۽ جنگ ٻيهر شروع ٿيڻ سان ئي وڌيڪ قتل ۽ نفرت پيدا ٿيندي. گڏيل قومن جي اداري UNRWA جي سربراهه خبردار ڪيو آهي ته غزا ۾ اسرائيل پاران کاڌ خوراڪ کي هٿيار طور استعمال ڪرڻ اجتماعي سزا آهي. ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل باغائي اسرائيل پاران صحافين کي نشانو بڻائڻ، امدادي ڪارڪنن ۽ طبي مرڪزن تي دانسته حملن کي جنگي ڏوهه قرار ڏنو آهي. هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته غزا جي مظلومن جي مدد لاءِ اسلامي سربراهه ڪانفرنس جو تڪڙو اجلاس گهرائي نئين ۽ سخت حڪمت عملي ٺاهي فلسطيني مسلمانن جي مدد ۾ سنجيدگي اختيار ڪئي وڃي.