هن وقت سنڌ ۾ شايد ئي ڪو اهڙو ليکڪ هُجي، جيڪو هڪ ئي وقت تمام گهڻن ۽ اهم موضوعن تي نه رڳو لکندو هجي، پر شاندار ۽ ڀرپور لکي، ڪتابي صورت ۾ پڙهندڙن تائين پُهچائيندو هجي! عبدالرحمان پيرزادي جو نالو، انهيءَ حوالي سان منفرد ۽ باڪمال آهي. اصل ۾ پيرزادو صاحب، ڀٽائي جي هن لفظن “لوڪ وهي لهوارو، تون اوچو وھ اوڀار” تي عمل ڪندي نظر اچي ٿو. سندس عملي پورهئي تي نظر وجهجي ٿي ته ماڻهو حيران رهجي ٿو وڃي ته؛ هي هيڏو ڪم هڪ اڪيلو فرد ڪيئن ٿو ڪري؟! پاڻ صحت، تعليم، ماحول، زراعت، ٻولي، ٻهراڙي، شهر، لوڪ ڏاهپ، موسيقي، تھذيب، ثقافت، عالمي ڏينهن، ڀٽائي شناسيءَ، سماج، پورهيت، عالمگيريت وغيره سميت انيڪ موضوعن تي لکندو رهي ٿو. هن وقت تائين هُو پڙهندڙن کي سَوين ڪتاب ڏئي چڪو آهي.
مزاج ۾ سَچو ۽ کرو عبدالرحمان پيرزادو، منهنجو مُحسن آهي. مون کي سندس بيباڪ ۽ سچ منهن تي چوڻ وارو انداز بيحد وڻندو آهي. بنا ڪنهن رک رکا جي، جيڪا ڳالهه هوندي سا منهن تي ٺهه پهه چئي ڏيندو. بحث به ضرور ڪندو، پر هميشه سندس بحث دليلن ۽ حوالن سان ڀرپور هوندو آهي. ڪابه هوائي ۽ بي تُڪي ڳالهه ناهي ڪندو. انهيءَ ڳالهه کي سندس لکڻين ۾ به پَسي سگهجي ٿو. سندس لکڻ جو انداز سائنسي، سليس ۽ وڻندڙ ٻولي ۾ هوندو آهي. هر ليک جي آخر ۾ ان جا حوالا به ضرور ڏيندو آهي، جتي جتي ٽيبل، گراف ۽ ڪنهن تصوير يا وري انگن اکرن جي ضرورت هوندي آهي ته انهن کي به لازمي شامل ڪندو آهي. سندس پسند جو فارميٽ بلاگ آهي، جيڪي هو سوشل ميڊيا ذريعي پڙهندڙن سان ونڊ ڪندو رهندو آهي. سندس خيالن جي ڏي وٺ جو انداز به نرالو آهي. جيستائين اڳئين کي مڃائي نه يا کيس اهو ثابت نه ڪري ته تون غلط آهين، تيستائين اصل نه ڇڏيندس.
عبدالرحمان پيرزادو، روايتي طور ڪتابن جي ڇپائي ۽ پبلشرن جي هڪ هٽيءَ جو سخت مخالف آهي. هن انهيءَ سموري نظام سان بغاوت ڪري، لکڻ توڙي شايع ڪرڻ جو ڪم پنهنجو پاڻ ئي کڻي ورتو. هي برقي صورت ۾ ڪتابن کي شايع ڪرڻ لڳو، جيڪي پي ڊي ايف فارميٽ ۾ پڙهندڙن تائين پهچايا اٿس. هي لکي به پاڻ ٿو، ايڊٽ به پاڻ ٿو ڪري، ٽائيٽل به پاڻ ٿو ڊزائين ڪري ۽ شايع به پاڻ ٿو ڪري. ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي ڊجيٽل لائبريري تي سندس ڪتاب، پي ڊي ايف فارميٽ ۾ موجود آهن. جتان پڙهندڙ ڊائون لوڊ ڪري پڙهي سگهن ٿا.
عبدالرحمان پيرزادي جا بلاگ بيحد معلوماتي ۽ وڻندڙ هوندا آهن. ان جو هڪ مثال ڪورونا واري زماني ۾ سندس لکيل بلاگ آهن، جيڪي هزارن جي تعداد ۾ مختلف گروپن ۽ پيجن تي شيئر ٿيا ۽ جن مان ماڻهن ڀرپور فائدو ورتو.
عبدالرحمان پيرزادو، مون تي هميشه مهربان رهيو آهي. پاڻ سندس ڪتاب مون کي موڪليندو رهندو آهي ۽ مون کان انهن تي ٻه اکر لکرائيندو آهي. اِهو سندس خلوص آهي جو هو مون کي انهيءَ لائق سمجهي ٿو. ايئن چئجي ته هو پنهنجي لکڻين ذريعي مون کي سمجهائي ٿو ۽ منهنجي تربيت ڪري ٿو. بنيادي طور پبلڪ هيلٿ پروفيشنل آهي، پر پنهنجي شعبي سان گڏ، مٿي ذڪر ڪيل سمورن اهم موضوعن تي مسلسل لکندو رهي ٿو. عبدالرحمان پيرزادي صاحب لاءِ نيڪ تمنائون ۽ اها اميد ته پاڻ ايئن ئي مسلسل لکندو رهي.