بلاگنئون

ھَلي ڪر ھِمَٿَ

ايمن جمالي

لَڙُ مَ، لاڙائُو ٿِيو، ھَلي ڪر ھِمَٿَ،

سڄ سامھون منھن ۾، مَتان ڪَرِئين ڪَٿَ،

سُپرِيان جي سَٿَ، ڳاڙهي سِڄَ ڳالھ مڙين.

شاھ جي ھن خوبصورت بيت وانگر ھمٿ ۽ حوصلي کي ڪڏھن به پاڻ وٽان وڃڻ نه ڏيو. ايتري قدر جو ڪابه مخالف ڌر جيڪڏھن طاقتور هوندي سا به توھان جي اڳيان بيھي نه سگھندي. جيڪڏهن توهان پاڻ مان مطمئن آھيو ته ھڪ ڏينهن ضرور ڪامياب ٿيندو. ڪاميابي ھر ڪنھن جو خواب هوندو آھي، پر ڇا ھر ڪوئي ڪامياب ٿئي ٿو؟

ان سوال جو جواب ڳولهڻ کانسواءِ اسان کي سمجھڻو پوندو ته ڪاميابي اصل ۾ آھي ڇا؟ ڇا اھو رڳو دولت حاصل ڪرڻ آھي يا ان کان ڪجھه وڌيڪ؟

ڇا اھو رڳو مادي شين جو حصول آھي يا سڪون، خوشحالي ۽ سماجي خدمتون به ان جو حصو آهن؟

ڪاميابي جو مطلب ھر ڪنھن لاءِ مختلف ٿي سگھي ٿو. ڪن لاءِ مالي خوشحالي آھي، ڪن لاءِ علم حاصل ڪرڻ ته ڪن لاءِ پنھنجا خواب پورا ڪرڻ. “اصل ڪاميابي اھا آھي، جيڪا توھان کي خوشي ڏئي، پر ٻين لاءِ به فائديمند ھجي.” ڪاميابي حاصل ڪرڻ جا ڪجھه اصول ھوندا آھن، جيئن ته:

(۱) مقصد کي واضح ڪرڻ: ڪاميابي حاصل ڪرڻ لاءِ پھريون قدم آھي، پنھنجو ھڪ واضح مقصد مقرر ڪرڻ. جيڪڏهن توھان کي خبر ئي ناهي ته توهان کي ڪيڏانهن وڃڻو آھي ته پوءِ توھان پنھنجي منزل تائين ڪيئن پهچي سگھندا. ان منزل کي حاصل ڪرڻ لاءِ واضح مقصد ھجڻ تمام ضروري آهي.

(۲) مثبت سوچ ۽ عزم: مايوسي ڪفر آھي، تنھنڪري مايوس ۽ نااميد ٿيڻ بدران ھر ڏکيائي کي موقعي طور ڏسڻ گھرجي. انهن چئلينجن کي منھن ڏيڻ سکجي، انھن کي پنھنجي عقل سان حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪجي. پھريون ڀيرو حل نه ڪري سگھندا ناڪام ٿيندا، پر ٻيو دفعو توھان ان کي آساني سان کٽي ويندا شاندار نموني سان ڪاميابي حاصل ڪندا. اھا ڪاميابي صرف ان صورت ۾ توھان کي حاصل ٿيندي جڏهن توھان کي پاڻ تي اعتماد ۽ ڀروسو ھوندو ۽ ناڪاميءَ جو خوف پاڻ مان ڪڍي ڇڏيندا. ڇاڪاڻ ته ناڪاميون اسان جي غلطين جي نشاندهي ڪن ٿيون تنھنڪري اسان کي ناڪامين مان سبق پرائڻ گهرجي.

(۳) محنت ۽ ثابت قدمي: مايوس نه ٿيو، ڇاڪاڻ ته مايوسي ھر ڪاميابي جي لاءِ رڪاوٽ جو سبب بڻجندي آھي، تاريخ شاھد آھي ته جن ماڻھن مسلسل جدوجهد ڪئي ۽ مايوس نه ٿيا، اھي ئي عظيم حيثيت تي پھتا.

(۴) پاڻ کي بھتر بڻايو: علم ۽ مھارتون حاصل ڪرڻ بنا ڪاميابي ممڪن ناھي. ڪامياب ماڻھو ھميشه نوان طريقا سکي، پاڻ کي بھتر بڻائڻ جي ڪوششن ۾ رڌل ھوندا آھن.

(۵) وقت جي پابندي: وقت وڏي دولت آھي، جيڪو ضايع ٿي وڃي ته واپس نٿو اچي، ان ڪري وقت جي پابندي ڪريو.

ھي جھان ھڪ اُميد جي سھاري ھلي پيو. ھر ماڻھو اميد جي لاٽ تي پنھنجي زندگي گذاري رهيو آهي، پر ڪجھه اھڙا ماڻھو به آھن، جيڪي ھن ڌرتيءَ تي پنھنجي مدد پاڻ ڪرڻ تان نابري واري ڇڏيندا آهن. پنھنجي سک لاءِ پاڻ ڪجھه نٿا ڪن ھر وقت ٻين جي سھاري جي انتظار ۾ هوندا آھن يا وري پاڻ کي سکڻا دلاسا ڏيندا رھندا آھن، اهي ماڻهو معجزي جي انتظار ۾ زندگي گذاريندڙ آھن. ان سان ڪجهه به ھڙ حاصل ناھي ٿيندي. معجزا به ايماندار ماڻھن لاءِ رب پاڪ جي طرفان ھوندا آھن. اھڙيءَ طرح ھر محنتي جيڪو پنھنجو بار پاڻ کنيو بيٺو آھي، ان تي رب پاڪ جو خاص نظر ڪرم ھوندو آھي.

اھڙي طرح حياتي کي غفلت ۾ نه گھاريو. بي مقصد زندگيءَ معنيٰ پاڻ کي پنھنجي ھٿن سان ضايع ڪرڻ آھي. زندگي رب پاڪ جي طرفان امانت آھي، جيڪا فقط ھڪ دفعو ئي عطا ٿئي ٿي، جنھن ۾ ماڻھو پنھنجي وجود جي بقا لاءِ پاڻ محنت، جدوجهد ڪري. جڏھن پوري ڪائنات پکي پکڻ، جيت، جانور سڀ پنھنجي ڪم سان رڌل رھن ٿا ته انسان کي گھرجي ته پنھنجي زندگي بابت به ويچار ڪري، آخر ان جو ھن دنيا تي اچڻ جو ڪارڻ ڇا آھي. ڪھڙي ڳالھين جي ڪري الله پاڪ ھن کي ٻي مخلوق کان اشرف بڻايو آھي. تنھنڪري پاڻ کي ھڪ مقصد تحت زندگي گذارڻ گهرجي ۽ ايندڙ نسل کي به مقصد سان گڏوگڏ اميد ڀري زندگي گذارڻ تي راضي ڪرڻ لاءِ تربيت ڏيڻ گهرجي. محنت ۽ جستجو کانسواءِ زندگي بيڪار آھي. اسان جو عظيم شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح ان سلسلي ۾ فرمائي ٿو:

تَتَيءَ ٿَڌيءَ ڪاھِ، ڪانھي ويل وِھڻَ جي،

مَتان ٿِئي اُونداھ، پير نه لهين پِرِينءَ جو.

تپش توڙي ٿڌ (ڏک سک) ۾ ڪاھيندي (محنت) ھل، واندو (فضول) ٿي ويھڻ جو وقت ھاڻي ختم ٿي چڪو آھي. مَتان اسان جي مٿان اونداھ (ضايع ٿي وڃون) اچي وڃي ۽ اسين پنھنجي محبوب (منزل) کي وڃائي نه ڇڏيون. جستجو، جدوجهد کي عمر جي ڪنھن به حصي ۾ ختم نه ڪرڻ گھرجي ڇاڪاڻ ته جيستائين زنده آھيون تيستائين ڪم جا آھيون. ڇاڪاڻ ته محنت ۾ ئي عظمت آھي.

ھَلُ ته هيڪاندي ٿئين، ويھي وجھ مَ وير،

توڙي لھين نه پير، ته پڻ راحت رڙھڻ ۾.

***