بلاگنئون

ٻٻرلوءِ سنڌ جو واٽرلو ثابت ٿيو

نيپولين بوناپارٽ کي واٽرلو جنگ ۾ سڄي يورپ گڏجي شڪست ڏني ۽ سندس ڊڪٽيٽرشپ سينٽ ھيلينا ٻيٽ ۾ غرق ٿي وئي ۽ فرينچ انقلاب جا سج اڀريا، جن يورپ ۽ پوءِ سڄي دنيا کي جمهوريت ۽ انسانيت جا دڳ ڏنا. ساڳئي طريقي سان اڄ ٻٻرلوءِ جي ميدان مان جا چڻنگ لاٽ بڻي آھي، تنھن تخت لاھور جا برج لوڏي ڇڏيا آھن، شاھي قلعي جي به حالت بھادر شاھ ظفر واري لال قلعي جي آخري ڏينهن جھڙي ٿي لڳي. مولانا ابوالڪلام آزاد چيو ھو ته قومن جي زندگي جي معنيٰ پڇجي ته آئون چوندس حوصلي جي بلندي ۽ ارادي جي پختگي. سنڌ جي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ھر فورم جا ماڻهو وڪيل، ڊاڪٽر، استاد، صحافي، قومي ڪارڪن، هاري، زميندار، واپاري، ٻار، مرد ۽ عورتون ميدان ۾ لهي پيا، پنهنجي وسيلن جي مالڪي ڪرڻ لاءِ، اهو ڌرتيءَ سان محبت جو ثبوت آھي.

ھر باشعور سڄاڳ ۽ غيرتمند قوم کي غلاميءَ جي پنجوڙ کان سخت نفرت ھوندي آھي. سنڌين جي حب الوطني جي مثالن سان تاريخ ڀري پئي آهي، راجا ڏاهر جو سنڌ لاءِ سر ڏيڻ، دودي سومري جو سنڌ جي آزادي، ناموس ۽ روايتن لاءِ قربان ٿيڻ، دولھه دريا خان جو پٽن سميت شھيد ٿيڻ، شاھ بلاول شھيد جو گهاڻي ۾ پيڙهجڻ، ھيمون ڪالاڻيءَ جو ڦاسي تي چڙھڻ، سميت انيڪ مثال موجود آھن. اڄ جي ھيءَ ننڍڙي فتح سنڌ جي آجپي لاءِ وڌايل هڪ وک آهي، جيڪا هڪ ڏينهن منزل ماڻيندي. اها سنڌ سيد جي سپنن واري سنڌ ھوندي، اها سنڌ پليجي جي پڪارن واري سنڌ هوندي، ان سنڌ جي آسمانن تي انھن سڀني شھيدن جا ريٽا رت ستاره بڻجي جڳمڳائيندا.

جنت الفردوس ھوندا ٻئي ڪنارا مھراڻ جا، ان وطن جي سينڌ مان سنڌوءَ جون لھرون ڪڙڪاٽ ڪنديون سمنڊ تائين پڄنديون، جتي وري منڇر ۽ ڪينجھر مٿان پر ڏيئي پکي بسيرا ڪندا، ڪارونجهر جي ڪور تان مور ٽھوڪا ڏيندا ۽ ڪينجهر مان ڪنولن جون قطارون هوائن ۾ ھڳاءُ پيدا ڪنديون. ها مون کي يقين آهي ته ڪينجھر هڪ ڏينهن ضرور ھندورو بڻجندي، ان ويساھ جو سبب هيءَ سنڌ جي شعور جي اڏام آھي. ھاڻ سنڌ جو شعور ائين ڪونه ٿو چوي، جاڳ ڀٽائي گهوٽ توکي سنڌڙي ٿي سڏڙا ڪري، پر هاڻ اهو شعور چوي ٿو جھيڙو آھي ته جھيڙو ٿيندو، بس پوءِ ته اهڙو ٿيندو، سو سنڌ جي شعور ان راڪاس جي شھه رڳ پڪڙي ورتي آهي، جيڪا آهي رسد ۽ سپلائي. سنڌ جي شعور جو اھو ھٿ راڪاس جي نڙگهٽ تي رهيو ته ھو ڦٿڪي ڦٿڪي مري ويندو.

سمن جي دور ۾ سنڌ جي آدمشماري لڳ ڀڳ ٢١ لک ماڻهن تي ٻڌل هئي، پر سنڌ جي زرعي زمين ٣٥ لک ايڪڙ آباد ٿيندي هئي.ان دور ۾ سنڌوءَ جي سرڪش روانيءَ کي عالمي ادارن جا سونا لغام ڪونه پيا هئا ۽ نه ئي پنجاب سامراج سنڌوءَ جي سرڪش موجن سامهون ھٿراڌو بند ٻڌا هئا.

آريسر لکي ٿو! حڪمرانن پاڪستان کي اهڙي ڳئون وانگر ورتو هو، جنهن لاءِ پهرين سوچيو ويو ته ڏُهي کائينداسون، پوءِ سوچيو ويو ته ڪهي کائينداسون، ھاڻوڪي صورتحال ڏسي لڳي ٿو اها ڳالهه سنڌ لاءِ ڪيل هئي. سنڌ جي حڪمرانن جا افعال ڏسي لڳي ٿو ته ھنن وٽ سنڌ لاءِ ڪابه ھمدردي، ڪابه محبت ناهي هنن کي فقط پنهنجي عياشين سان غرض آهي.

ڪڏهن چار ڏينهن هت چنيسر به ھو،

ڪڏهن چار ڏينهن مير جعفر به هو،

ڪڏهن سر، ڪڏهن ڪو ڏهيسر به هو،

تون به تن ساڻ تاريخ کي رنگ ڏي،

ڪڏهن قوم تون مان به ويندي ڇٽي،

رات ويندي کٽي باک ويندي ڦٽي،

تون ڀلي وقت کي واجھه سان ونگ ڏي،

رات ويندي کٽي باک ويندي ڦٽي-(ابراهيم منشي)

اڄ ٻٻرلوءِ جي مورچي مان نوان ڪردار جنميا آهن، پليجي صاحب ان پنجابي چوڻيءَ کي ڪيڏي نه مهارت سان بيان ڪيو آهي، (پٽ هٽن تي ڪونه وڪبا آهن). اڄ اها ڳالھه ثابت ٿي آهي ته سٺ لک جا چيڪ ۽ سونا تاج وڙائچ کي ڀنڀولي نه سگھيا. ٻٻرلوءِ جي ميدان تان سنڌ پنهنجي خمير سميت جاڳي اٿي، جتي نئين نسل جي اکين ۾ رت لٿل هو. پرامن ۽ ثابت قدمي نمايان هئي، جتي هڪ شيشو به نه ٽٽو ۽ سنڌ جي عزم کي لوڏو به نه آيو، مهمان نوازي جا نوان داستان دنيا ڏٺا.

سنڌ جون سورميون پنهنجن ڀائرن مٿان پهريدار ٿي بيٺيون، سنڌ جو اهو روپ صدين جي ساڃاھ جو پڙاڏو آهي، سنڌ جي هن پڪار ۾ سنڌ جي هر فرد جو آواز شامل رهيو، هر شخص پهنجي حصي جو ڪم ڪيو، پرامن جدوجھد پوٺوهار جي پَٽن ۽ پنڊيءَ کي لوڏي ڇڏيو.

هي ديوانن جي فطرت آ، ڪو ڏوھ نه ڌربو مقتل تي،

جي سر تان گذري ڄاڻن ٿا تن مور نه ڀاڙيو اٽڪل تي.

جو رات رتي نيلام ڪري ۽ گهور گهڙيون قتلام ڪري،

جو ويٺو ٿو وسرام ڪري مون ٽهڪ ڏنا هن توڪل تي.

ٿو دونهون دونهون وگهري آ ۽ ڪرڻو ڪرڻو وکري آ،

جو ٽم ٽم ٽم ٽم پڄري آ، پر مير نه آيو مشعل تي.

تو پور بندر سين پانارو، جت لهرون لهرون اجيارو،

هت نگر نگر جو وڻجارو اڻ ڪوٺيو ايندو قرڦل تي.

ڪجھه تارن جي اوجارن مان، ڪجھه ڪونجن جي اوڏارن تان،

ڪجھه گلڙن جي ھوٻارن سان هي منڊ منڊيو ٿئون محفل تي.

جت ڏونگر ۾ ٿو ڏينهن ٻڏي ۽ دور دڳن ۾ ڌوڙ اڏي،

جت هٿ هٿ ۾ ٿو جام لڏي ڪو جهلجي پو ڪيئن جھلپل تي.

جا سپنا آئي رات کڻي ڏسجان نه وڃن ڇپرن مان ڇڻي،

ڪا گهات ملي، ڄڻ بات بڻي، ڪو موڙ نه آڏو منزل تي

(حليم باغي)

***