سنڌ ۾ نئين پينشن پاليسي لاڳو ٿيڻ سان لکين سرڪاري ملازمن جي دلين ۾ ڳڻتي ۽ بيچيني وڌي وئي آهي. حڪومت جي دليل موجب پراڻو پينشن نظام ملڪ جي خزاني تي بار بڻجي چڪو آهي ۽ جيڪڏهن ان کي ساڳي صورت ۾ جاري رکيو وڃي ته ايندڙ سالن ۾ بجيٽ جو وڏو حصو صرف پينشنن تي خرچ ٿيڻ لڳندو. پر ٻئي طرف ملازمن جو موقف آهي ته حڪومت کين رليف ڏيڻ بدران سندن محنت جي اجرت کسي رهي آهي.
ملازمن جو رٽائرمينٽ کانپوءِ واحد سهارو ان جي پينشن هوندي آهي، جنهن مان ان کي گهر ٺهرائڻ ۽ پنهنجي اولاد جي شادي جي حاجت به درپيش هوندي آهي يا اهي ڪنهن ڪاروبار ۾ لڳائي پنهنجي اولاد جو مستقبل سنواريندو آهي، پر ملازمن جو هي آخري سهارو به حڪومت ڇني رهي آهي، جنهن سبب 30,000 کان وڌيڪ ملازم رٽائرمينٽ وٺي ويا آهن ۽ مختلف سرڪاري ادارا ملازمن کان خالي ٿي رهيا آهن، جنهن جو بار به سڌو سنئون نون ملازمن تي پوندو ۽ انهن جي تڪليفن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيندو.
سنڌ جي 30 ضلعن 40 ادارن جا 8 لک ملازم سراپا احتجاج بڻيل آهن ۽ سنڌ ۾ نئين پينشن پاليسي ۽ الائونسز جي ڪٽوتي خلاف احتجاج ڪري رهيا آهن. سنڌ ايمپلائيز الائنس SEA جي سڏ تي سڀني سرڪاري ادارن جي مڪمل تالابندي جاري رهي، جنهن سبب ٻارڙن جي تعليم به سخت متاثر ٿي، ان جي ذميوار سنڌ حڪومت جا ڪارا قانون آهن ۽ SEA طرفان هلندڙ بلدياتي اليڪشن جو پڻ بائيڪاٽ ڪيو ويو ۽ 1 اسڪيل کان وٺي 22 اسڪيل جا سرڪاري ملازم مسلسل احتجاجي ريليون ڪڍي هي مطالبا ڪري رهيا آهن ته:
1 اسڪيل کان 22 اسڪيل جي ملازمن کي ڊي آر اي الائونس %50 ڏنو وڃي.
ملازمن جي پگهار ۽ پينشن %70 وڌائي وڃي.
هائوس رينٽ الائونس وفاقي ملازمن جيترو وڌايو وڃي.
فوتي ۽ سن ڪوٽا بحال ڪئي وڃي.
ادارن کي پرائيويٽائزيشن کان بچايو وڃي ۽ رٽائرمينٽ جي وقت بلوچستان جي ملازمن جيان سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي به گروپ انشورنس ۽ پينشن بنيوولينٽ فنڊ ڏنو وڃي.
افسوس آهي ته سنڌ حڪومت گذريل ٻن مهينن کان خاموش تماشائي بڻيل آهي ۽ ان جي تدارڪ لاءِ ڪوبه ڪردار ادا نه ڪيو آهي ۽ جمهوريت کي ٿڏي آمريت ڏانهن وڌي رهي آهي ۽ پنهنجي هوڏ ۽ ڏاڍ تي قائم آهي.
جيڪا پارٽي ماضيءَ ۾ عوام جي سک ۽ چين جو باعث بڻيل هئي، اھا ھاڻي ملازمن ۽ عوام جي لاءِ آزار بڻيل آهي ۽ لاڳيتو پنهنجو ٻٽو معيار ظاهر ڪري رهي آهي ۽ ان جي ڪنن تي جونءِ به ڪانه ٿي چري لڳي ائين ٿو ته ان جو حقيقي روح نڪري ويو آهي ۽ باقي وڃي آمراڻو کوکلو جسم بچيو آهي.
ظلم ۽ نااهلي جي حَدَ ته ڏسو ته ٻئي پاسي سنڌ صوبي کان علاوه باقي ٻين صوبن جا ملازم DRA به کڻي رهيا آهن ته ان سان گڏوگڏ ٻيا مختلف الاؤنسز به سنڌ صوبي جي سرڪاري ملازمن کان ٻيڻ تي حاصل ڪري رهيا آهن. آخرڪار سنڌ جي سرڪاري ملازمن ڪهڙو ڏوھه ڪيو آهي جو انهن سان ٻه اکيائي ڪري تباهيءَ جي ڌٻڻ ۾ ڌڪيو پيو وڃي.
سنڌ جي سرڪاري ملازمن لاءِ هائوس رينٽ الائونس (HRA) به انتهائي گهٽ ۽ نه هئڻ جي برابر آهي، جڏهن ته وفاقي 14 اسڪيل جي ملازمن کي هن بجيٽ ۾ 85% جي اضافي سان 50,000 رپيا تائين هائوس رينٽ الائونس ملي پيو، پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته سنڌ صوبي جي ساڳئي اسڪيل واري ملازم کي اڃان تائين پراڻي اسڪيل موجب صرف 2200 رپيا هائوس رينٽ الائونس ملي رهيو آهي! جيڪو اڄڪلهه جي مهانگائيءَ واري دور ۾ هڪ مذاق لڳي ٿو. هي هيڏو وڏو فرق سنڌ جي ملازمن سان وڏي ناانصافي آهي، ڇو ته ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه، دادو ۽ ميرپورخاص جهڙن وڏن شهرن ۾ ڪرايو آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيو آهي. 2200 رپين ۾ ته ڪنهن به ننڍي شهر ۾ هڪ ڪمرو به نٿو ملي!! جڏهن ته وفاقي ملازم ساڳي ئي شهر ۾ سٺي رهائش جي سهولت جو الائونس وٺي رهيا آهن. پاڪستان جي آئين موجب ملڪَ جي هر باشندي کي برابريءَ جا حق ملڻ گهرجن، پر هتي ته ڳالھ بلڪل مختلف آهي ۽ انڌير نگري لڳي پئي آهي. حقيقت ۾ سنڌ جي ملازمن کي به هائوس رينٽ الائونس موجوده مارڪيٽ ريٽ موجب ملڻ گهرجي. جيڪڏهن وفاقي ملازم کي 50,000 ملي ٿو ته سنڌ صوبي جي ملازم کي به گهٽ ۾ گهٽ 30,000 کان 40,000 ته ملڻ گهرجي! سنڌ صوبي ۽ وفاقي ملازمن ۾ اهڙو وڏو فرق ختم ڪيو وڃي، ڇو ته ٻنهي لاءِ مهانگائي ساڳي آهي. هي معاملو به ملازمن ۾ شديد بيچيني پيدا ڪري رهيو آهي.
صنعت، انفرااسٽرڪچر، صحت ۽ تعليم جو ڏيوالو نڪري ويو آهي جنهن جو اهو نتيجو نڪتو آهي ته لوئر ڪلاس طبقو پيڙهجي رهيو آهي. پينشن ڪٽوتيون ڪري الائونس ختم ڪيا ويا آهن، اپر ڪلاس کي 500% کان 1000% تائين فائدو ملي رهيو آهي. غريب، غريب تر ٿيندو پيو وڃي ۽ امير، امير تر ٿيندو پيو وڃي.
سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ DRA جو ذڪر ئي نه ٿيو. رڳو ميڊيا تي فيڪ خبرون هلايون ويون، ته جيئن ملازمن کي آسرو ملي ۽ احتجاج ڪمزور ٿئي. ان سڄي صورتحال ۾ سنڌ اسيمبلي ۾ ڪابه اپوزيشن جماعت اهڙي نه رهي آهي جيڪا سرڪاري ملازم دشمن پاليسين خلاف آواز اٿاري. هر طرف رڳو بندر بانٽ ۽ مفادن جي سياست آهي يعني “گرتي هوئي ديوار ڪو ايڪ ڌڪا اور دو” واري پاليسي لڳي پئي آهي. هڪ استاد، جيڪو سڄي زندگي تعليم ڏئي پنهنجو قيمتي ٽائيم قوم جي خدمت لاءِ ارپي ٿو، کيس رٽائرمينٽ تي صرف 25 لک ڏنا وڃن ٿا، پر هڪ رٽائرڊ ڪرڪيٽر کي هر مهيني 30 لک پگهار ملي ٿي، هي تضاد واضح ڪري ٿو ته محنت ڪش طبقي جي ڪابه عزت ناهي.
20 لک کان وڌيڪ پگهار کڻندڙن جا شاهانه خرچ گهٽايا وڃن ۽ انهن جون سرڪاري گاڏيون، بنگلا، پيٽرول ۽ گئس جا فري بل بند ڪيا وڃن. کربين رپين جي ڪرپشن ختم ڪئي وڃي ته پوءِ پينشن ڪٽوتي جي ضرورت ئي نه رهندي. تاريخ شاهد آهي ته جڏهن به عوام جي حقن تي ڌاڙو هنيو ويو ته تحريڪن انقلابي رخ اختيار ڪيو. هاڻي سنڌ جا 8 لک ملازم ۽ 7 ڪروڙ سنڌي خاموش نه رهندا. هي احتجاج صرف پگهار يا پينشن جو نه، پر زندگيءَ جي بقا ۽ انصاف جي تحريڪ آهي.
انهيءَ ڪري ضروري آهي ته حڪومت هڪ اهڙي متوازن پاليسي اختيار ڪري جنهن ۾ هڪطرف خزاني جو بار گهٽ ٿئي، پر ٻئي طرف ملازمن جي زندگي به محفوظ رهي، ڇو ته رياست جي استحڪام جو دارومدار ئي انهن ملازمن تي آهي جيڪي پنهنجي محنت سان ادارن کي هلائين ٿا. هي احتجاج دراصل سنڌ جي ملازمن جي حقن جو آواز ۽ سندن جدوجهد جو ترجمان آهي ۽ حڪومت لاءِ به هڪ سخت وارننگ آهي ته جيڪڏهن وقت سر ظلمَ ۽ ناانصافيون ختم نه ڪيون ويون، ته هيءُ احتجاج نيٺ انقلابي رخ اختيار ڪندو.