اڄ 20 سيپٽمبر جي ڪاري ڏينهن مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ ان جي ساٿين کي بنا ڪنهن ڏوھ جي راتاهو هڻي شهيد ڪيو ويو. هن ڏينهن جي هر سال تي مير مرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس شهيد ساٿين کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو ۾ ورسي ملهائي ويندي آهي، جتي سڄي ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پاڪستان پيپلزپارٽي شھيد ڀٽو جا شيدائي ۽ ڀٽو خاندان سان محبت رکندڙ مستانه ان جي مزار تي حاضري ڀري عقيدت جا گل نڇاور ڪندا آهن ۽ مير مرتضيٰ ڀٽو جي بي مثال ۽ لازوال جدوجهد تي روشني پڻ وجهندا آهن.
20 سپٽمبر اهو اڀاڳو ڏينهن آهي، جنهن ڏينهن تي غريبن، ھارين ۽ شاگردن کان انهن جو مستقبل کسيو ويو، روشنين جا تجلا ڏيندڙ ڏيئو کسيو ويو، بيبي فاطمه ۽ ذوالفقار جونيئر يتيم نه ٿيا هئا، بلڪه هن ڏينهن تي غريب مزدور، هاري ۽ ھر باشعور ۽ فڪري سوچ رکندڙ سنڌ جو هر لاوارث شھري يتيم ٿيو هو، جنهن کي مير منجهان بي پناهه اميدون هيون، انهن کان انهن جو ليڊر کسيو ويو، هن ڏينهن تي صرف نصرت ڀٽو جي هنج خالي نه ٿي هئي، بلڪه هر ان ماءُ جي جيڪي اولاد جو آسرو ۽ سهارو هونديون آهن. هن ڏينهن تي بينظير کان صرف سندس ڀاءُ نه کسيو ويو، بلڪه سنڌ جي ڪيترين ئي نياڻين کان انهن جو ڀاءُ کسيو ويو هو. هن ڏينهن تي صرف غنويٰ ڀٽو جي گهر ۾ ماتم نه هو، بلڪه هر ان گهر ۾ ماتم هو جنهن گهر جي ڇت برسات جي ڪڻ ڪڻ ۾ به ٽمي پوندي هئي، شھيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي جدوجهد پنهنجي ذات يا ڪنهن خاص طبقي جي لاءِ نه هئي، پر سنڌ جي هر مظلوم هاري ۽ باشعور ماڻھن جي لاءِ هئي، جيڪي ذوالفقار علي ڀٽو کانپوءِ هڪ مسيحا جي انتظار ۾ ھئا ۽ اهو مسيحا غلام مرتضيٰ جي صورت ۾ دنيا ۾ آيو، مير غلام مرتضيٰ ڀٽو هڪ انقلابي سوچ رکندڙ ماڻھو هو ۽ انقلابي جدوجهد تي يقين رکندڙ اڳواڻ هو. هو اڪثر چوندو هو ته آئون دنيا ۾ واحد ماڻھو آھيان، جيڪو هڪ وزيراعظم جو پٽ ۽ ٻئي وزيراعظم جو ڀاءُ هوندي به غريب آھيان آئون پئسي جي ڪڍ ناهيان بلڪه آئون عملي جدوجهد تي يقين رکندڙ آھيان ۽ آئون هر ظلم خلاف تلوار بڻجي چمڪاٽ ڪري اڀري ايندس. مرتضيٰ ڀٽو بي سهارا ماڻھن جو سهارو هو۔ هو پنهنجي بابي سائين ذوالفقار علي ڀٽو جي جيل وڃڻ ۽ ڦاهي گهاٽ چڙھڻ کانپوءِ ايئرڪنڊيشن گاڏين ۽ بنگلن کي ڇڏي ڪنهن مسڪين جي ڪکائين گهر ۾ ويهڻ کي پسند ڪندو هو. هن ڪڏھن به پنهنجي ذات ۽ طاقت تي فخر نه ڪيو هو، بلڪه هو پنهنجي بابا شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جيان عوام کي ئي پنهنجي طاقت سمجهندو هو ۽ هميشه چوندو هو ته آئون عوام کانسواءِ ڪجهه به ناهيان۔ هن هميشه نوجوانن جي ڳالهه ڪئي ۽ انهن لاءِ جدوجهد به ڪئي، انهن جي طاقت کي گڏڻ لاءِ انهن لاءِ ماحول جوڙي ۽ هڪ پليٽ فارم به مهيا ڪري ڏنو ۽ جڏھن سڄي ملڪ جا نوجوان هڪ پليٽ فارم تي گڏ ٿيا ته هن ملڪ جي اسٽيبلشمينٽ ۽ وڏيرن، جاگيردارن جون وايون بتال ٿي ويون ۽ انهن بوکلاهٽ جو شڪار ٿي چيو ته مير سان ڪوبه وڏو ماڻھو گڏ ناهي سڀ “وات ڳاڙها” ڇوڪرا، مزدور ۽ ٽانگي، ريڙهين وارا گڏ اٿس، مگر مير صاحب فخر سان چوندو هو ته اهي منهنجا ساٿي ۽ بازو آھن وات ڳاڙها ڇوڪرا، ريڙهين ۽ ٽانگن وارا مونکي انهن تي فخر آھي، مونکي ڪنهن مير، وڏيري، پير ۽ جاگيردار جي ضرورت ناهي، اڄ سڀئي وڏيرڪي ۽ جاگيرداري جي ذهنيت جا مالڪ سياستدان ڳالھ ته غريبن جي ڪن ٿا، مگر انهن غريبن جي آڙ ۾ ڀڀ پنهنجا ڀري رهيا آهن. نه صرف اهو بلڪه انهن ئي غريبن جا حق به غضب ڪيو ويٺا آھن.
مير صاحب هميشه غريبن جي مستقبل لاءِ جدوجهد ڪئي ۽ انهن لاءِ سوچيو. ايستائين ته هن کي پنهنجي اولاد جو به فڪر نه هوندو هو، هو صرف سنڌ ۽ پاڪستان جي غريب ۽ محڪوم عوام جي حقن جي ئي ڳالهه ڪندو هو، هو چوندو هو ته آئون ڪڏھن به پوئتي نه هٽندس ڀلي منهنجي جان ڇو نه هلي وڃي، جان جي خوف کان مون ڪڏھن به بلٽ پروف جيڪٽ به پاتي، موت ڪو مهڻو ته ناهي۔ اهو هڪ نه هڪ ڏينهن ضرور اچڻو آھي ۽ جڏهن به ڪنهن دشمن جي گولي لڳي ته سڀ کان پهريان آئون پنهنجي ڇاتي تي کڻندس، مير جيڪي قول ڪيا اهي هن پاڙيا. هن پنهنجي سڄي زندگي ڪڏھن به سک سان نه گذاري.
مون سين هلي سا، جا جيءُ مٺو نه ڪري،
هن سان به اهي ئي گڏ هليا جن جيءُ مٺو نه ڪيو، مگر مير به هنن سان نڀايو ته هنن به مير مٿان پنهنجي جان نڇاور ڪئي. مير مرتضيٰ ڀٽو جنهن مقصد لاءِ جدوجهد ڪئي اها جدوجهد اڄ به جاري آھي. محترمه غنويٰ ڀٽو، محترمه فاطمه ڀٽو، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ۽ مير صاحب جي ساٿين جي اڳواڻي ۾ جيڪي پنهنجون زندگيون هن جي نانءُ تي وقف ڪريو ويٺا آھن، انهن سڀني مير جي وات ڳاڙهن کي اها اميد ته ڇا بلڪه پوري پڪ آھي ته هن ملڪ ۾ عوامي انقلاب ضرور ايندو، جنهن جي اڳواڻي، محترمه غنويٰ ڀٽو ۽ هن ملڪ جو پيرن اگهاڙو عوام ڪندو.