بلاگنئون

مير مرتضيٰ ڀٽو جو اڌورو مشن پورو ٿيندو!؟

سالارِ انقلاب شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو هڪ جدوجهد، هڪ سوچ جو نالو آهي سالارِ انقلاب شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو پنهنجي سڄي حياتي سماج جي سڌاري لاءِ وقف ڪري ڇڏي هئي۔ هو پاڪستان جي منافقاڻي سياست کان اڻ واقف هو، هو سچي، کري ۽ مظلوم جي حامي سياستدان طور اڀريو، جيڪا ڳالهه ڪوڙ ۽ مڪاري جي سياست ڪرڻ وارن کي نه وڻي ۽ 20 سيپٽمبر 1996 ع تي کيس ڪراچي جي روڊ تي بيگناهه قتل ڪيو ويو. تڏهن جمهوريت ۽ مزاحمت جي سفر جو هڪ باب رت ۾ رنڱجي ويو، پر سندس شهادت سان گڏ سندس جدوجهد ختم نه ٿي، بلڪه اها نئين نسل لاءِ رهنمائي بڻجي وئي. مير جي شهادت وقت ڪنهن صحافي محترمه بينظير ڀٽو کان پڇيو ته جي بي بي اڄ هتي مير مرتضيٰ جي جاءِ تي اوهان جو لاش هجي ها ته مير مرتضيٰ جو رد عمل ڇا هجي ها!؟ ان تي محترمه جواب ۾ چيو ته پوءِ هتي هڪ لاش نه، پر لاشن جا ڍير هجن ها لاڙڪاڻي سميت پوري ملڪ ۾ الائي ڇا هجي ها!

هي انهن ڏهاڙن جي ڳالهه آهي جڏهن اسلام باد ۾ بينظير ڀٽو جي حڪومت هئي ۽ ان جو وڏو ڀاءُ مير مرتضيٰ  ڀٽو حيدرآباد جي هيرن سان گهلندڙ هوائن ۾ وسندڙ مينهوڳي واري مند ۾ پنهنجن پنج ڳاڙهن ڪپڙن ۾ ملبوس ساٿين سان رلندي هڪ هوٽل تي آيو ته هن جي نظر ٽي وي تي سندس ڀيڻ بينظير ڀٽو تي پئي جنهن کي ڪاري شال اوڍيل هئي مير ساٿين کي چيو ته سياري جي مند به ڪونهي پوءِ ادي کي ڪاري شال اوڍيل ڇو آهي؟ وري هن يڪدم چيو ته شايد اديءَ کي بخار آهي. ان وقت مير جي ڪيفيت عجيب ٿي وئي ۽ ڀيڻ جي بخار تي هن کي ايتري ڳڻتي ٿي، پر جي مير مرتضيٰ جي جيئري هن جي ڀيڻ جو گولين سان پروڻ ٿيل لاش ملي ها ته هن جي ڪيفيت ڇا هجي ها.

شايد هو هڪ ڀيرو وري هٿيار کڻي پنهنجي ڀيڻ جي قاتلن جي ڳولها لاءِ اتر وزيرستان کان ويندي لنڊن جي گهٽين ۽ ڪابل قنڌار جي سنسان پهاڙن کان ويندي اتر وزيرستان جي پر اسرار جبلن ۾ ڀيڻ جي قاتلن کي ڳولهي ڳولهي ماري انهن جي لاشن کي لاڙڪاڻي جي ڪنهن چوڪ تي ٽنگي ڇڏي ها، پر تاريخ جي ستم ظريفي اها آهي ته ڀيڻ جي وزير اعظم هئڻ وقت ڀاءُ جو بندوق جي گولين سان پروڻ ٿيل ۽ رت سان ڳاڙهو لاش ستر ڪلفٽن جي روڊ تي پيل هو ۽ هر پاسي ايمبولنسن جا آواز ڪنن ۾ ٻُري رهيا هئا۔ ان وقت اسلام آباد ۾ وزير اعظم محترمه بينظير ڀٽو جي ماءُ بيگم نصرت ڀٽو پنهنجي شهزادي پٽ ۽ وزير اعظم بينظير ڀٽو پنهنجي ارڏي ۽ بيگناهه ڀاءُ جي بيگناهه شهادت تي وزيراعظم هائوس مان پيرين اگهاڙيون اسلام آباد کان نڪري پيون ستر ڪلفٽن جي روڊ تي بينظير ڀٽو کي مٿي تي بنا رئي ۽ پيرين اگهاڙو دانهون ڪندي ڏسي اتي موجود ماڻهن جا به هانو ڏري پيا۔ هڪ ڀيڻ جي پنهنجي ڀاءُ سان اٿاهه محبت جو هي اهو دل ڏاريندڙ منظر هو جڏهن هڪ ڀيڻ پنهنجي وڏي ڀاءُ جي لاش کي هنج ۾ کڻي ڪيهون ڪري رهي هئي۔ جڏهن مير جو لاش ڳڙهي خدابخش جي قبرستان ۾ دفن ٿي ويو ته تڏي تي ڀٽو فيملي جي مردن مان ڪوبه تعزيت وٺڻ وارو نه هو. ان کان وڌيڪ مظلوميت ٻي نٿي ٿي سگهي۔ مير جهڙو جوڌو ۽ مانجهي مرد صدين تائين پيدا نٿو ٿي سگهي سندس سياست جو محور ملڪ مان غربت جو خاتمو ڪرڻ هو، پر افسوس جو سندس خاتمو اچي ويو. ان کان وڌيڪ افسوس ان ڳالهه تي آهي ته سندس ناحق خون جو ڪيس تاريخ جي بي رحم تهن ۾ دفن ٿي ويو ۽ ڪوبه قاتل ظاهر نه ٿيو. اڄ به ڳڙهي خدا بخش جي قبرستان مان انصاف جون صدائون پيون اچن، پر دنيا جي ڪابه عدالت سندس صدا نه پئي ٻڌي. آخر سندس قصور ڪهڙو هو، جنهن جي کيس ايڏي وڏي سزا ڏني وئي. اسانجي سياست ايڏي بي رحم ڇو آهي اسان جون عدالتون انصاف کان ڇو وانجهيل آهن، جو مير مُرتضيٰ ڀٽو ۽ سندس ساٿين جو خُون پاڪستان جي ٿاڻن ۽ ڪورٽن مان لوڙهيو ويو. مير صاحب جي زندگي هڪ وڏي مزاحمتي ۽ انقلابي زندگي هُئي، پاڻ هڪ عام سياسي ڪارڪن هُو ۽ وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جو پُٽ هو، پَر 5 جولاءِ 1977ع تي سَندس والد جي حڪومت ختم ڪرڻ ۽ فوجي ڊڪٽيٽر جنرل ضياءُ الحق جي اچڻ کانپوءِ حالتون خراب ٿي ويون، جنهن جي آڌار تي ڀُٽي صاحب پَنهنجي پٽن مِير مُرتضيٰ ۽ شاهنواز کي ٻاهر وڃڻ جو چيو- مير مُرتضيٰ ۽ سندس ڀاءُ شاهنواز لنڊن پُهتا، جَنهن کانپوءِ دمشق ۽ بيروت کان ٿيندا ڪابُل پُهتا. اَهڙي طرح هو پئرس ۾ به رَهيا، ڪابل ۾ ٻنهي ڀائرن جي ٻن ڀينرن سان شادي ٿي. مِير صاحب جي شادي فوزيه نالي عورت ۽ شاهنواز جي شادي ريحانه نالي اَفغان عورت سان ٿي، جيڪي بعد ۾ ضياءُ الحق جي حوارين هٿان خريد ٿي ويون. شاهنواز کي مُبينا طور پيرس ۾ زهر ڏئي شهيد ڪيو ويو، جَنهن کانپوءِ مَير صاحب به پنهنجي گهرواريءَ کي طلاق ڏئي ڇڏي. مير مُرتضيٰ ڀُٽو کي هڪ نياڻيءَ جو اولاد ٿيو، جنهن جو نالو فاطمه ڀٽو رکيو ويو. بيروت ۾ قيام دوران فاطمه ڀٽو جنهن اسڪول ۾ پڙهندي هئي ان اسڪول ۾ غنويٰ، فاطمه ڀُٽو جي ٽيچر هُئي، جَنهن جي مِير مرتضيٰ سان شادي ٿي وئي، جيڪا آخري دم تائين قائم رَهي. مير مرتضيٰ کي غنويٰ ڀٽو مان هڪ پُٽ جو اولاد ٿيو، جنهن جو نالو ذوالفقار جونيئر رکيو ويو. مير مُرتضيٰ ڀُٽو جي شهادت کانپوءِ غنويٰ ڀٽو نه صرف ٻارڙن کي، پر پارٽيءَ کي پڻ سنڀاليو. فاطمه ڀٽو پاڻ کي دُنيا ۾ هڪ ادب دوست، شاعره ۽ دانشور طور مُتعارف ڪرائي ورتو، پر سنڌ جو عوام کيس مرتضيٰ ڀٽو جي رهيل مشن کي پوري ڪرڻ لاءِ پراُميد آهي، پر شاديءَ کانپوءِ سندس سياسي سرگرميون ختم ٿي ويون ۽ عوام مير مرتضيٰ جي پٽ جونيئر ذُوالفقار کي همٿائڻ شروع ڪيو جيڪو پَنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ “فقيراڻو رَنگ” رَکي ٿو، پَر گڏوگڏ سَڀني ڳالهين کي سُٺي نَموني سَمجهي ٿو. ڪجهه وقت کان پاڪستاني سياست جي ويجهو هئڻ ڪري عوام توڙي سينئر سياستدانن ۾ مقبول ٿي رهيو آهي. ملڪي مسئلن تي سندس جدوجهد کيس ڪاميابيءَ طرف وٺي وڃي رهي آهي سندس جوهر ڏسي عوام طرفان کيس مثبت موٽ ملي رهي آهي جڌهن ته سندس سپورٽ ۾ سندس ڀيڻ فاطمه پڻ شامل آهي. هن وقت ذوالفقار علي ڀٽو جي پاڪستان پيپلز پارٽي توڙي جو ٻن حصن ۾ ورهايل آهي جنهن ۾ هڪ حصو اقتداري آهي جنهن جو اڳواڻ بلاول ڀٽو آهي، جنهن مان عوام مايوس آهن ۽ کيس زرداري مافيا چيو وڃي ٿو. جڏهن ته ٻيو حصو ذوالفقار جونيئر ۽ فاطمه ڀٽو آهن جن کي ڀٽو خاندان جو حقيقي وارث سمجهيو وڃي ٿو. عوام جي عام راءِ آهي ته جيڪڏهن فاطمه ۽ جونيئر ذُوالفقار گڏجي ملڪي سياست ۾ پير پائين ته مير مرتضيٰ ڀٽو جو رهيل مشن پورو ٿي سگهي ٿو ۽ ملڪ اندر نئون انقلاب اچي سَگهي ٿو.