بلاگنئون

نياڻين جي تعليم جي اهميت ۽ مشورا

سيوا ڪر سمنڊ جي جتي جر وهي ٿو جال،

سوين وهن سِير ۾ ماڻڪ موتي لال،

جي ماسو جڙيئي مال ته پوجارا پر ٿيئن-

(شاهه لطيف)

تون سمنڊ جي پوڄا ڪر جتي جر وهي ٿو جال، سوين ماڻڪ موتي لال وهندا ٿا وڃن، جي انهيءَ خزاني مان رتي به ملي وڃئي ته مالا مال ٿي ويندين.

سنڌ جي عورتن جون تعليمي گُهرجون! حڪومت ۽ سماج جون ذميواريون.

ان تي مان ٽي ڳالهيون ڪندس:

  1. اونداهي دور (dark age) ۾ عورتن وٽ اختيار هو.

  2. زراعت جي دور عورتن کان اختيار کسي ورتو.

  3. ٽيڪنالوجي جي دور ۾ عورتن جي اڪثريت حقيقي زندگي نه ماڻي سگهي آهي.

  4. تاريخ جي سفر کي سمجهڻ سان ئي وانداهي ۽ روشني جي خبر پوندي ته اسان ڪٿي بيٺا آهيون؟

اونداهو دور شروعاتي دور: ان دور ۾ معاشي ترقي مرد کان وڌيڪ عورت جي محنت جي ڪري ممڪن ٿي هئي.

* صدين تائين مرد شڪار ۽ جهيڙن ۾ مصروف رهيو. جڏهن ته عورت پنهنجي محنت سان زراعت ۽ فن تي محنت ڪئي. جنهن کانپوءِ اهم ترين صنعتون وجود ۾ آيون.

* اها عورت ئي هئي جنهن سينو سهائي ڪپڙو تيار ڪرڻ، ٿانون ٺاهڻ، ڪاٺيون ميڙڻ، گهر ٺاهڻ، تمام گهڻن معاملن ۾ عورتن ئي ابتدائي ڪاروبار جو رواج وڌو.

* ڏکڻ آفريڪا جي ڪجهه قبيلن ۾ عورتون حڪمران رهيون آهن.

* پيڪو جي جزيري ۾ قبيلي جو سردار وڏي عمر جي تجربيڪار عورتن جي صلاح مشوري کانسواءِ ڪو به وڏو فيصلو نه ڪندو هو.

* سنيڪا انڊينز ۾ عورتن وٽ وڌيڪ اختيار هوندا هئا. ايتري قدر جو اهي قبيلي جون سردار به ٿي پئي سگهيون، پر اهڙا معاملا تمام گهٽ هئا.

* شڪاري دور يا اونداهي دور ۾ عورت شڪار کانسواءِ هر قسم جي محنت ڪندي هئي. جڏهن ته مرد شڪار ڪرڻ کانپوءِ مڪمل آرام ڪندو هو.

* عورت تڪليف سان ٻار پيدا ڪرڻ، ان جي پرورش ڪرڻ، گهر جي سارسنڀال ڪرڻ، جهنگ مان خوراڪ گڏ ڪرڻ، ماني پچائڻ، گهر جي صفائي ڪرڻ، ڪپڙا سبڻ جهڙا مرد کان وڌيڪ ڪم ڪندي هئي.

* ۽ جڏهن خاندان هڪ هنڌ کان ٻئي هنڌ لڏپلاڻ ڪندو هو ته عورت سڄي گهر جو سامان سهيڙڻ، کڻڻ جو پورو ڪم ڪندي هئي.

* پنهنجي مجبورين جي باوجود عورت، رتبي، برداشت، طاقت ۽ همت ۾ مرد جي برابر رهي آهي.

* هڪ سردار چيو ته ڇا عورت رڳو ڪم لاءِ پيدا ٿي آهي؟ عورت مرد کان سگهاري آهي. هڪ عورت ايترو وزن کڻي سگهي ٿي جيترو ٻه مرد کڻي سگهن ٿا. اسان ان کان بغير سفر نٿا ڪري سگهون.

* ان جي باوجود به عورت ڏاڍ ۽ ظلم جو شڪار ٿيندي رهي آهي.

* قديم روس ۾ به پنهنجي ڌيءَ جي شادي ۾ ان کي هلڪو ڪوڙو ماريو ويندو هو ۽ پوءِ اهو ساڳيو ڪوڙو گهوٽ کي ڏنو ويندو هو، جيڪو ان ڳالهه جي علامت هو ته هاڻي ان کي مارڻ جو حق مڙس کي ملي ويو آهي.

* آمريڪي انڊينز پنهنجي عورتن سان سختي سان پيش ايندا هئا. اڪثر عورتن کي ڪُتيءَ جي نالي سان سڏيندا هئا.

* جڏهن ڌيءَ پيدا ٿيندي هئي ته اهڙي خوشي نه ڪندا هئا جيتري پُٽ جي پيدا ٿيڻ تي ڪندا هئا.

* اڪثر مائون پنهنجين ڌيئرن کي پريشانين ۽ مصيبتن کان بچائڻ لاءِ پاڻ ئي ماري ڇڏينديون هيون.

* مرد پنهنجين زالن کي کپائي ڇڏيندا هئا، جنهن جي قيمت هڪ بندوق هوندي هئي.

* هر طرف عورت جي زندگي مرد جي مقابلي ۾ ڪمتر سمجهي ويندي هئي.

زراعت جو دور:

* زراعت جي دور ۾ عورت سڀ کان وڌيڪ معاشي پيداوار ڪئي.

* زراعت جي دور ۾ زمين کي کيڙڻ جو سادو طريقو ڪاٺيون هيون. عورتون ڪاٺين سان زمين ۾ ٻڄ پوکي زمين کي ٺاهينديون هيون. زمين کي عورتن کيڙيو.

* فطرت انسان کي جيئڻ سيکاريو. پکين کي وڻن تي کاڌو جمع ڪندي ۽ ماکي جي مکين کي وڻن تي ماکي جمع ڪندي ڏسي انسان وڏي عرصي جي خونخواري کانپوءِ خوراڪ گڏ ڪرڻ سکيو.

* جيئن جيئن زراعت ۾ بهتري پيدا ٿيڻ شروع ٿي، ان مان وڌيڪ فائدو ٿيڻ لڳو ته مرد ان کي وڌ ۾ وڌ پنهنجي هٿ آڻي ڇڏيو.

* مال پالڻ سان مرد کي دولت جو نئون ذريعو، طاقت ۽ سگهه ملي.

* معاشي رهنمائي جيڪا وڏي عرصي تائين عورتن وٽ هئي اها هاڻي مردن جي قبضي ۾ اچي وئي.

* عورتن جي بدلي جڏهن جانور زمين ۾ ڪم ڪرڻ لڳا ته عورتن جو متبادل ثابت ٿيا.

* جيڪا عورت زمين جي کيڙڻ جو ڪم ڪندي هئي اهڙي طرح اهو زمين جو ڪم مرد جي قبضي ۾ اچي ويو.

* هاڻي زراعت جي دور مرد کي ان قابل ڪري ڇڏيو جو مرد پنهنجي طاقت جي دعوى ڪرڻ شروع ڪئي.

* مرد پنهنجو اختيار مڃائي ورتو ۽ عورت جو اختيار ختم ٿي ويو ۽ جائيداد مرد جي نالي منتقل ٿيڻ لڳي.

* پدرسري خاندان جنهن ۾ سڀ کان وڏي عمر وارو مرد سردار چونڊيو ويندو هو.

* مدرسري نظام کان پدرسري نظام طرف منتقلي عورت جي حيثيت لاءِ نقصانڪار هئي.

سنڌ جي عورتن جون تعليمي گُهرجون:

* موجوده ٽيڪنالوجي جي دور ۾ ذري جي تبديلي آئي آهي، پر اها تبديلي ڪهڙي طبقي وٽ، خوشحال طبقي وٽ يا امدادي طبقي وٽ آئي آهي؟

* سنڌ جي عورتن جي وڏي اڪثريت معياري تعليم جي حق کان محروم آهي.

* عورت لکين سالن جو سخت سفر ڪرڻ جي باوجود به ترقي جي منزل تي نه پهتي آهي، جنهن جو سبب تعليم جي کوٽ ۽ اڻبرابري آهي.

* ان کوٽ ۽ جنسي اڻبرابري کي ختم ڪرڻ لاءِ سنڌ جي هر ڳوٺ هر گهر جي نياڻين (ڇوڪرين) کي پرائمري کان يونيورسٽين تائين اعلى تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي.

* سنڌ جي هر گهر جي ڇوڪرين کي ڪمپيوٽر ۾ مهارت ۽ دنيا جي سڀني علمن، تاريخ، سائنس ۽ فلسفي جي معلومات هجڻ گهرجي.

* سنڌ جي نياڻين کي هر شعبي، تعليم، صحت، زراعت، خانداني منصوبه بندي ۽ ٻين سڀني شعبن ۾ وڌيڪ عهدن تي اچڻ گهرجي.

* سنڌ جي نياڻين کي علمي فڪري، ادبي، تعليمي ويهڪن ۾ وڌ کان وڌ شرڪت ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي وڌ مان وڌ معلومات حاصل ڪري سگهن.

حڪومت جون ذميواريون:

* حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي هر ڳوٺ ۾ جتي ٻارن جو وڌيڪ تعداد آهي اتي پرائمري کان ٻارهين ڪلاس تائين ڇوڪرين ۽ ڇوڪرن لاءِ اسڪول ۽ ڪاليج کولي معياري تعليم مهيا ڪئي وڃي.

* حڪومت کي گهرجي ته نياڻين جي تعليم لاءِ خواتين استاد هر اسڪول ۾ مقرر ڪري جيئن نياڻيون دلچسپيءَ سان تعليم حاصل ڪري سگهن.

* حڪومت کي گهرجي ته سڀني استادن کي ڪنهن ماهر اداري کان استادن کي تربيتي ڪورس ڪرائي ته اهي تربيت يافته استاد معياري تعليم مهيا ڪري سگهن.

* حڪومت کي گهرجي ته هو  اسڪولن، ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ علمي، فڪري، ويهڪون ڪرائي جنهن ۾ شاگرد وڌ ۾ وڌ ڄاڻ حاصل ڪري سگهن.

* حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي هر اسڪول، ڪاليج ۽ يونيورسٽي  ۾ لائبريري قائم ڪري، جتي اسان جون تعليم حاصل ڪندڙ نياڻيون، فلسفو، سائنس، ادب، تاريخ ۽ دنيا جا علم حاصل ڪري سگهن.

* حڪومت کي گهرجي ته سنڌ جي هر ضلعي سطح تي يونيورسٽي کولي، جتي ويجهن ڳوٺ جون ڇوڪريون سائنس، زراعت، ميڊيڪل، هر شعبي جي تعليم حاصل ڪري سگهن.

* حڪومت کي گهرجي ته قانون جي بالادستي کي يقيني بڻائي ته جيئن سنڌ جون نياڻيون بغير ڪنهن خوف جي تعليم حاصل ڪري سگهن.

* حڪومت کي گهرجي ته غريب نياڻين جي اعليٰ تعليم تائين معاشي پٺڀرائي ڪري ته جيئن اهي بهتر تعليم حاصل ڪري غربت جي زندگي مان نڪري سگهن.

* حڪومت کي گهرجي ته هو اهڙي آسان حڪمت عملي جو اعلان ڪري ته جيئن سنڌ جون نياڻيون ميرٽ تي نوڪريون حاصل ڪري سگهن.

* حڪومت کي گهرجي ته هو تعليمي ادارن ۾ نگراني واري نظام کي ايترو سگهارو ڪري ته جيئن هر استاد، پروفيسر پنهنجي مڪمل ذميواري سان پڙهندڙ شاگردن کي معياري تعليم مهيا ڪري.

سماج جون ذميواريون:

* والدين کي گهرجي ته هو پنهنجي سڀني ٻارن کي خاص ڪري ڇوڪرين کي پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۾ پاڻ وڃي داخلا وٺي ڏين.

* والدين کي گهرجي ته پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول، ڪاليج توڙي يونيورسٽي جي مالڪي ڪن ۽ اهو ڏسن ته اهي ادارا معيار مطابق تعليم ڏئي رهيا آهن يا نه؟

* والدين کي گهرجي ته پنهنجي اولاد کان تعليمي سرگرمين بابت روزاني جي بنياد تي يا مسلسل ڄاڻ حاصل ڪندا رهن ۽ معلوم ڪن ته سندن ٻار مسئلن کي ته منهن ڏئي نه رهيا آهن ۽ پڙهائي جو معيار ڪيئن آهي؟

* والدين کي گهرجي ته پنهنجي ڳوٺ/علائقي جي تعليمي ادارن تي نظر رکن ته استاد وقت تي اچن ٿا ۽ پڙهائين ٿا يا نه.

* ڳوٺ/علائقي جي ماڻهن کي هر مهيني پاڻ ۾ مختصر گڏجاڻي ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي ڳوٺ، علائقي جي تعليمي ادارن جي ڪارڪردگي بابت ڳالهه ٻولهه ڪرڻ گهرجي.

* ڳوٺ/علائقي جي ماڻهن کي تعليمي ادارن ۾ پڙهائيندڙ استادن سان گڏيل تعاون ڪرڻ گهرجي ۽ گڏيل طور تي سهڪاري گڏجاڻيون پڻ ڪرڻ گهرجي.

* علائقي جي ماڻهن کي گهرجي ته جتي تعليمي ادارو بند آهي يا ڪجهه استاد مستقل ۽ وقت تي نٿا اچن يا نٿا پڙهائين ته تعليم جي ضلعي آفيسر ۽ صوبي جي تعليم جي وزير کي اطلاع ڏيڻ گهرجي. عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج ڪرڻ گهرجي.

آخر ۾ اهو چوندس ته: تعليم ۽ محبت انسان جون بنيادي ضرورتون آهن.

***