بلاگ

تکيون مٺيون ڳالهيون محمد سليم   

سائين منهنجا، آخر هڪ ڏينهن جهنگ جي سڀني جانورن (شينهن کانسواءِ) پاڻ ۾ گڏجي فيصلو ڪيو ته ”ڀلا هر دفعي شينهن ئي ڇو ٿو جهنگ جو بادشاهه ٿي وڃي؟ اسان جو به جهنگ تي اوترو ئي حق آهي جيترو شينهن جو، ان ڪري هاڻي باقائدي اليڪشن ٿيندي پوءِ جيڪو کٽي اهو بادشاهه ٿيندو. سڀئي جانور ان ڳالھ تي متفق ٿيا ته هاڻي جمهوريت جو زمانو آهي سو شينهن جي بادشاهت هلڻ ڪونه ڏبي، جانورن جي ان فيصلي جو نياپو کڻي، گدڙ وڃي شينهن وٽ پهتو، ”قبلا سائين، هاڻي اک پٽ، تو واري بادشاهي جا ڏينهن پورا ٿيڻ وارا آهن“ ”اڙي هل هل لوسي، ڏسي وٺبو تو واري جمهوريت کي“ شينهن وڏي اعتماد سان گدڙ کي پنهنجو ري ايڪشن ڏيکاريو. گدڙ جي وڃڻ کانپوءِ شينهن کي ڪجھ پريشاني ٿي، سوچڻ لڳو ته ”اليڪشن ۾ منهنجي خاندان کانسواءِ مون کي ڪير ووٽ ڪندو؟ مون ته وڏا ظلم ڪيا آهن. معصوم جانورن کي ماريو آهي، انهن جي وڏڙن جو خون پيتو آهي. اليڪشن ۾ هرڻي يا سهي جهڙو ڪو خوبصورت، معصوم ۽ شريف جانور به کٽي سگهي ٿو پوءِ ته مون لاءِ ٻڏي مرڻ جو مقام آهي، پر ان اليڪشن جو توڙ ڪڍڻو آهي. ان لاءِ خونخوار جانورن جهڙوڪ: چيتي ۽ بگهڙ کي پاڻ سان ملائڻو پوندو. پولنگ اسٽيشنن تي حملا يا ڦڏا ڪبا. جانورن جي مختلف برادرين کي استعمال ڪبو، پر ان لاءِ مون کي انهن جانورن وٽ هڪ دفعو پاڻ سندن تڏي تي هلي وڃڻو پوندو، جيڪي جانور گذاري ويا آهن بلڪه جن کي مون پاڻ ڊوڙائي ڊوڙائي ماري کاڌو آهي، انهن جي فاتحه ڪري ڏک جو اظهار ڪبو. گهڻا تڻا ته بيوقوف آهن، مون کي حضور شرمي ۾ معاف ڪري ڇڏيندا ۽ ڪي وري خوف ۾ مون کي ووٽ ڪري ويندا“ اهو سوچي شينهن پنهنجي پڇ کي سٽڪو ڏيئي مظلوم جانورن سان ملڻ ۽ اليڪشن جي ورڪ لاءِ نڪري پيو. رستي ۾ بگهڙ ۽ چيتي کي پنهنجي ڪمدار ۽ چمچي طور به کنيائين ته جيئن اهي شينهن جي ڪرتوتن جي صفائي پيش ڪن، مختلف جانورن کي تڏي تي آيل شينهن کي معاف ڪرڻ لاءِ قائل ڪري سگهن.

توهان اهو سوچيو پيا ته ”ڇا به ٿي پوي پر ڪوبه جانور شينهن کي پنهنجي گهر اچڻ ڪونه ڏيندو، پر اگر ڪنهن دل تي پٿر رکي کيس اچڻ ڏنو ته ست سريون ٻڌائي کيس ڀڄائي ڪڍندو… باقي کيس ووٽ ڏيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي، ڪو بيوقوف يا جانور دشمن، جانور ئي کيس ووٽ ڪندو، ڪير توهان سان ان معاملي تي بحث ڪرڻ چاهيندو ته توهان ان کي دنيا جو بيوقوف ترين شخص سڏيندا” بلڪل صحيح توهان جي اها ڳالھ جانورن جي عقل ۽ غيرت جي حد تائين سورنهن آنا سچ آهي ته ڪوبه غيرتمند جانور شينهن کي ووٽ نه ڪندو. ڪنهن کي به توهان جي ان ڳالھ سان اختلاف ڪونهي سو توهان جي عقل کي شاباس!!… پر… پر… توهان جي اها ڳالھ جانورن جي حد تائين درست آهي، پر ان کان اڳتي توهان جو عقل جواب ڏيو وڃي!! ڇو؟ اها ساڳي ڳالھ اسان ۽ توهان پنهنجي لاءِ لاڳو ڇو نٿا ڪريون؟ مطلب ته اسان ۾ جانورن جيترو به عقل ڪونهي… اسان هر دفعي وڏيرڪي شينهن جي چالن ۾ اچي کيس ووٽ ڪري ڇو پنهنجو پاڻ ۽ پنهنجي نسل کي سندس شڪار ٿيڻ جو پروانو ڏيون ٿا؟

جمهوريت جو حقيقي فائدو وٺڻ ۽ پنهنجي ڌرتي کي بچائڻ لاءِ اچو ته مظلوم جانورن جهڙي سوچ ئي ڌاريون.

***