خاص

سپريم ڪورٽ سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو

سپريم ڪورٽ سينيئر صحافي ارشد شريف جي قتل جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڇڏيو آھي، گهرو، پرڏيهي ۽ اطلاعات سيڪريٽري کي نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن.  ڊي جي ايف آءِ اي ۽ ڊي جي آءِ بي کي به نوٽيس جاري ڪيا ويا آھن، پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي اڄ ئي ٿيندي. چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ ٻڌڻي ڪندي.