شيخ اياز جي غزلن ۾ عورت جو تصور
شعر ۽ ادب ۾ عورت جي تصور جي حوالي سان تاريخ ۾ جهاتي پائي ڏسبو ته يوناني ڏاهي افلاطون پنهنجي تصنيف (Platonic Love) ۾ عورت سان روحاني محبت جو ذڪر ڪيو آهي. افلاطون ان ڪتاب ۾ جسماني تعلق کان وڌيڪ روحاني تعلق تي زور ڏنو آهي. ڇو ته افلاطون عورت سان سچي ۽ هوس کان پاڪ محبت جو قائل هو. انگريزي شاعريءَ جي ”وهائو تاري“ جيفري چاسر پنهنجي ڪتاب “General Prologue” ۾ عورت جي ڪردار کي نهايت ئي عزت ۽ احترام سان ڳايو آهي. جڏهن ته شيڪسپيئر پنهنجي ڊرامن ۾ عورت کي ڪمزور، بيوفائي ڪندڙ ڏيکاريو آهي ۽ مرد ڪردارن کي فوقيت ڏيئي، اُنهن کي طاقتور ڏيکاريو آهي.
عربي ۽ فارسي شاعريءَ ۾ عورت جي تصور بابت فراق گورکپوريءَ جو چوڻ آهي ته:
”اسان جيڪو ڪجهه چئون، ليڪن عربي ۽ ايراني شاعري ڪيترن ئي عشقيه عنصرن کي سمائڻ باوجود عورت کي اسان جي قريب آڻي نه سگهي. عورت جي زنده جاويد، گُهمندڙ ڦرندڙ، کلندڙ، ڳالهائيندڙ تصويرون پيش نه ڪري سگهي. جن جي تقليد ڪري اُردو جي عشقيه شاعري محبوب جي امرت ڀريل چپن ۾ اها چمڪ پيدا ڪري ها، جيڪا فضائن ۾ روشن صبح جي جهلڪ پسائي سگهي ها ۽ نه ئي اُردو شاعريءَ کي مغرب جي اعليٰ عشقيه شاعريءَ کان فائدو وٺڻ جو موقعو مليو“.
اُردو شاعريءَ ۾ عورت بابت ٻه تصور ملن ٿا. هڪ عورت جو جسماني تصور ۽ ٻيو تصور جنس کان هٽيل آهي. سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ سسئي جي روپ ۾ عورت همت ۽ حوصلي واري آهي. مارئيءَ جي روپ ۾ وقت جي حڪمران سان مُهاڏو اٽڪائيندڙ سگهاري، ديس ۽ ديس واسين سان محبت ڪندڙ وطن پرست، لوئي ۽ لڄ جي محافظ طور آيل آهي. سُهڻي جي روپ ۾ غلط ريتن رسمن جي باغي نظر اچي ٿي. اهڙي نموني ٻيون سورميون ڪنهن نه ڪنهن خاصيت جون حامل آهن. سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ هنري شاعريءَ جي روايت وانگر عورت، عاشق به آهي، وفادار به آهي ۽ اخلاقي قدرن جي پاسدار به آهي. اردو غزل، فارسي غزل جي اثر هيٺ لکجڻ لڳو. فارسي غزل ۾ عورت محبوب نه آهي. انهيءَ لاءِ اُردو غزل ۾ به اها روايت قائم ٿي. سنڌي غزل به فارسي ۽ اُردو غزل جي اثر هيٺ لکجڻ لڳو، تنهنڪري، اُن جو ماحول به ابتدا ۾ اهو ئي ساڳيو فارسي ۽ اُردو غزل وارو هو. جنهن ۾ عورت جو ڪو واضح تصور اُڀري نه سگهيو هو. فارسي ۽ اُردو غزل وانگر سنڌي غزل ۾ به “ابرو، مزگان، تير، ڪمان، تيغ، سروقد، ڪاڪل، سُنبل جو ذڪر بار بار ملي ٿو. “سانگي” جي غزل مان ڪجهه شعر هيٺ ڏجن ٿا:
”ڀِرُن جي ڪمان ۾ ڀري تير مزگان،
چُٽيا نِت ٿي نيڻن نشان ڪهڙا ڪهڙا“
(ڪلياتِ سانگي، ص: 5)
**
”پرت جي ”پلٽڻ“ ڪري في الفور ”فير“،
تير مزه ۽ ڪري ابرو ڪمان.
(ڪلياتِ سانگي، ص: 14)
**
”حُسن جو جهڙو آهين سردار تهڙو ٿي سخي،
چاهه مان مونکي چپن جون ڏي چميون يڪبار يار
(ڪلياتِ سانگي، ص: 21)
**
مير عبدالحسين “سانگي” جي ٽن ديوانن مان صرف هڪڙو شعر اهڙو ملي ٿو، جنهن ۾ “سانولين” جو ذڪر آهي. باقي انگريز دور جي سموري شاعريءَ ۾ عورت جو تصور ئي نٿو ملي. ”سانگي“ جو اُهو شعر آهي ته:
”سبز پوش آهيان آئون اي سانگي،
ٿيون وڻن سُهڻيون سانوليون مون کي“
(ڪلياتِ سانگي، ص: 353)
ورهاڱي کانپوءِ جديد سنڌي غزل ۾ عورت جو واضح تصور سڀ کان اول شيخ اياز وٽ ملي ٿو. جيتوڻيڪ اياز جي ابتدائي غزلن ۾ فارسي اثر هيٺ محبوب جي روپ ۾ امرد پرستي جو ذڪر پڻ ملي ٿو، پر حقيقت ۾ ڏسجي ته شيخ اياز اهو پهريون شاعر آهي، جنهن جي سنڌي غزلن ۾ عورت جو واضح تصور ملي ٿو. اياز جي غزلن ۾ عورت کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي.
اياز جي غزل جو دامن عورت جي حسين ۽ دلفريب تصور سان ڀريل آهي. اياز، محبوب جي خيالي تصور ۽ امرد پرستي کي سنڌي شاعريءَ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي.
ڊاڪٽر اسحاق سميجي جو چوڻ آهي ته: ”سنڌي شاعرن مذڪر محبوب مان جان ڇڏائي غزل ۾ مونث ڪردار کي جاءِ ڏني، ائين هن حقيقي معنيٰ ۾ غزل کي سنڌي غزل بڻجڻ جو شرف عطا ڪيو ۽ بعد وارن شاعرن ان کي ايترو ته ڳايو وڄايو، جو هاڻ سنڌيءَ جو ڪوبه نئين کان نئون جديد شاعر غزل لکندي ڦڪائي محسوس نٿو ڪري، نه ته فارسيءَ جي اثر هيٺ روايتي شاعرن اياز جي لفظن ۾ غزل کي “چو پڙ جي راند” بڻائي ڇڏيو هيو”. (گيڙو ويس غزل، ص: 38 ۽ 39).
اياز پنهنجي غزلن ۾ عورت جي ڪردار جا مختلف پهلو سمايا آهن ۽ هن غزل کي پنهنجي مخصوص تهذيبي پس منظر ۾ رچي پيش ڪيو آهي. اياز پنهنجي غزلن ۾ عورت جي هر رنگ ۽ روپ کي خوبصورت نموني پيش ڪيو آهي. اياز جي غزل جي مصوري جو هڪڙو پاسو، عورت جو ظاهري حسن آهي. اياز، جديد سنڌي غزل جي جمالياتي قدرن کي وسعت بخشي آهي.
شيخ اياز جي سنڌي غزل ۾ عورت بابت هيٺيان تصور مِلن ٿا:
1. عورت جو جنسي تصور
2. سکيءَ جو تصور (محبوب جي روپ ۾)
3. سکيءَ جو تصور (دوست جي روپ ۾)
4. لوڪ ڪردارن جو تصور
5. عورت جي عاشق هئڻ جو تصور
1. عورت جو جنسي تصور:
شيخ اياز وٽ محبوب جو جيڪو تصور ملي ٿو. اهو محبوب عورت آهي. شيخ اياز، جديد سنڌي غزل ۽ جديد سنڌي شاعريءَ ۾ عورت جي محبوب هئڻ جي نئين روايت قائم ڪئي. اياز جي سنڌي غزل ۾ هڪ اهڙي عورت جو تصور آهي، جيڪا اسان جي ڪلچر ۽ تهذيب سان واسطو رکي ٿي. عورت جي حقيقي روپ کي اياز پنهنجي غزلن ۾ سمايو آهي. شيخ اياز جو اهم نقاد امير علي چانڊيو لکي ٿو ته: “شيخ اياز جي شاعريءَ ۾ جنهن محبوب جو تصور ملي ٿو، سو نسواني محبوب آهي ۽ اياز جنهن محبوب جو ذڪر ڪري ٿو، سا ڪا پرستان جي پري نه آهي، بلڪه مٽي ۽ گوشت جي ٺهيل عورت آهي. اياز جي عشق جو محور عورت آهي ۽ سندس تصور به عورت جو جسماني ۽ جنسي تصور آهي. اياز جو عشق ڪو افلاطوني يا يوٽوپيائي عشق نه آهي. بلڪه هو اهڙي محبوب جو متلاشي آهي، جيڪو انساني احساسن ۽ جذبن جو عڪاس هجي. اياز جنهن عشق جي ڳالهه ڪري ٿو، ان جو بنياد صوفياڻه توارد تي نه بلڪه فرائڊ جي Erotic ۽ Oedipus complex تي آهي” (سنڌي ادب ۾ تنقيد، ص: 319)
اياز کان اڳ سنڌي غزل ۾ اکين کان ابرو ۽ مزگان، خنجر، تلوار، تيغ ۽ ڪمان وارو ڪم ورتو ويندو هو. اياز کي محبوب جو اهڙو “هٿياربند” تصور نه وڻيو، تنهنڪري هُن وٽ اکڙين جي لاءِ الڳ ئي پنهنجون تشبيهون ۽ استعارا هئا، سي به اهڙا جن ذريعي عورت جي نزاڪت کي شدت سان اڀاري سگهجي.
”ڪن جون اکڙيون سکڻيون سکڻيون جيئن پينوءَ جو پاند،
تنهنجون اکڙيون ميءِ جا پيالا، سخا ڪرن سرهائي
(گيڙو ويس غزل، ص: 98)
**
رات ملي وينجهر جي ڌيءَ،
جنهن جون اکڙيون هيري کاڻ“،
(ص: 149)
**
هي مڌ-ماتا، آتا نيڻ،
جهڙا رَس-لوڀي ڀونرا.
(ص: 156)
**
تنهنجي ڇاتي آتي آتي، نيڻَ به تنهنجا نِينڊ،
دانهون دانهون تنهنجون ٻانهون، پيارُ، پلين ٿي ڇو؟
(ص: 166)
اياز فارسي لفظن، تشبيهن ۽ استعارن بجاءِ مقامي ۽ مانوس لفظ ڪتب آندا ته جيئن هن جي غزلن ۾ عورت جو حقيقي تصور چِٽي نموني اُڀري سگهي ۽ اُها ڪا غير مانوس مخلوق يا ڪو خيالي تصور نه هجي. اياز عورت جي تصور کي اُڀارڻ لاءِ پنهنجي ماحول، تهذيب ۽ ڪلچر مان لفظ اخذ ڪيا. نيون تشبيهون ۽ نوان استعارا تخليق ڪري غزل جي ٻوليءَ کي ئي تبديل ڪري ڇڏيو ۽ سنڌي غزل جي جان سروقد، سنبل، ابرو، مزگان ۽ ڪاڪل کان ڇڏائي، اُن کي مقامي رنگ ۽ ماحول ۾ رڱي ڇڏيو.
”ڪائي ڊيلَ، ته ڪائي ڊاک،
سهڻيءَ سهڻي پنهنجي ساک.
(ص: 176)
**
سانوريون نينگريون پنڌ ۾ ٿَڻ لُڏن،
ڄيٺ ۾ چڻ پيا، انب جا وڻ لُڏن.
(ص: 276)
**
”هي سَنهي چيلهه ٻانهن ۾ منهنجي،
چاندنيءَ رات ۾ لِئي آهين“.
(ص: 290)
**
چَپ اهڙا، لڳين پئي مون کي،
اڄُ سَڄَر ڏُڌُ جي دکيءَ وانگر“،
(ص: 295)
ٿي ڏسين دُور دُور بادل جان،
ٽهلندي ڄڻ ته مورڻي آهين،
ايتري کٽمِٺي لڳين پيئي،
ڄڻ ته تازي گدامڙي آهين“.
(ص: 406)
**
پوهَ جي رات آهي ”اياز“،
وانڍ ۾ باهڙي ٿي لڳين“.
(ص: 311)
امير علي چانڊيو، اياز جي جدت پسنديءَ ۽ عورت جي جنسي تصور بابت لکيو آهي ته: ”هڪ طرف ته شعر ۾ جدت پيدا ڪري ٿو ته ٻئي طرف Taboos کي به جهنجهوڙي رکي ٿو”. (سنڌي ادب ۾ تنقيد، ص: 318) اهڙي قسم جا اياز جا ڪجهه شعر مثال طور ڏجن ٿا:
”ڪلهه اوهانجو ڇهاءُ اي ڇاتيون!
ٿي ڇِنا مون گلاب جا ٻارا“
(ص: 298)
**
چپ چُمي لئه اُڀريا، سامهون آهي چوٿينءَ چنڊ،
ڪهڙو سُندر سپنو آهي، جيون جو سپنو“.
**
سيءُ آهي، ”اياز“ هُن کي چئو،
”اِئن نه، انگيءَ ڇُپاءِ انگارا“
(ص: 299)
جِتي اياز، Taboos کي جهنجهوڙيو آهي، اُتي هُن جديد سنڌي غزل ۾ عورت جي ديوي هئڻ وارو تصور به ڏنو آهي.
”جنهن جو مندر روپ سرير،
ٺاهيو آ ڪنهن پُوڄا ڪاڻ“.
(ص: 149)
مٿين شعر مان اهو بخوبي اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اياز وٽ عورت جو ڪيڏو نه وڏو درجو هو ۽ اُن جي دل ۾ عورت جي لاءِ ڪيڏو نه احترام ۽ عقيدت هئي.
2. سَکيءَ جو تصور (محبوبه جي روپ ۾):
سَکي، سنسڪرت ٻوليءَ جو لفظ آهي. جنهنجي لغوي معنيٰ: “ساهيڙي، عورت، سَرتي، دل واري ۽ حال ونڊيندڙ” آهي. اياز، پنهنجي غزل ۾ سڀ کان اول سکيءَ جو تصور ڏنو. هندي شاعريءَ ۾ اهو تصور عام هو. اياز جي غزلن ۾ سکيءَ جو تصور روايتي لغوي معنيٰ ۾ ناهي آيو. هُن محبوبه کي پنهنجي غزل ۾ سکي سڏيو آهي. ان کان اڳ، سنڌي غزل ۾ اهڙو ڪوبه تصور موجود نه هو. اياز جديد غزل کي نئين ٻولي، نوان تصور ۽ نوان ڪردار ڏنا، ان ۾ سکيءَ جو تصور ۽ ڪردار وڏي اهميت رکي ٿو. اياز سکي لفظ کي محبوبه جي معنيٰ ۾ ڪتب آڻي، اُن کي اُن جي روايتي لغوي معنيٰ مان ڪڍي، وسعت بخشي آهي.
”سکيءَ کي ڏجي ساههُ گهوري ”اياز“،
مگر ڇا ڪجي، جو پري ٿي پئي!“.
(ص: 258)
3. سکيءَ جو تصور (ساهيڙي جي روپ ۾):
سکيءَ جي معنيٰ ئي “سَرتي، جيڏي، ساهيڙي ۽ حال ونڊيندڙ” آهي. اياز پنهنجي غزل ۾ سکيءَ جو تصور آڻي نسوانيت پيدا ڪئي آهي. اياز، غزل ۾ عورت کي آواز ڏنو آهي. اها پنهنجي آواز ۾ پنهنجي سکيءَ سان پنهنجي ”پيا“ جون ڳالهيون ڪندي نظر اچي ٿي. جديد سنڌي غزل ۾ عورت شاعرائن جو آواز ته بعد ۾ آيو، مگر اياز وٽ اهو آواز اڳ ۾ ئي ملي ٿو. سکيءَ جي تصور ذريعي اياز عورت جي جذبن ۽ احساسن جي ترجماني ڪئي آهي. سکيءَ جي تصور سان غزل جي روايتي معنيٰ ئي تبديل ڪري ڇڏي آهي. سکي جي تصور سان اياز غزل کي گيت جي ويجهو آندو ۽ ان ۾ گيت جهڙي رواني ۽ نفاست پيدا ڪئي.
”سکي! پيا کي ملين ته چئجانءِ، چاندني تو سوا نه ٿيندي،
اچين ته منهنجيءَ اُماس ۾ آءُ، ڇو ته ٻي رات ڪانه ايندي“.
(ص: 216)
**
سکي! هوا ۾ هُڳاءُ آهي، گلي گلي گيت ٿي وئي آ..!
پيا بنا ننڊ ڪيئن ايندي، بسنت جي رات بي چئي آ“.
(ص: 224)
**
دل نه ڦاساءِ ڪنهن پکيءَ وانگر،
ائين هلجانءِ ڪنهن سکيءَ وانگر.
(ص: 293)
**
ڪالهه آئي هُئينءَ سکيءَ وانگر،
موڪلائيه پَئي ڪکيءَ وانگر“.
(ص: 295)
4. لوڪ ڪردارن جو تصور:
سچل سرمست جا غزل هجن يا سنڌي ٻوليءَ جي پهرين “صاحبِ ديوان” شاعر خليفي گل محمد “گُل” جا غزل هجن يا مير عبدالحسين “سانگي” جا غزل هجن. انهن ۾ تلميح طور لوڪ ڪردارن کي ڳايو ويو، پر ذڪر ڪيل شاعرن شاهه لطيف ۽ ڪلاسيڪل شاعريءَ جي تتبع ڪيو آهي. جنهن ۾ ڪلاسيڪل شاعريءَ جو رنگ ته ضرور جهلڪي ٿو پر غزل جو تغزل ۽ خيالن جي انفراديت نٿي ملي. شيخ اياز پنهنجي غزلن ۾ لوڪ ڪردارن کي اهڙي نموني ڳايو آهي، جو غزل جو اصل رنگ برقرار رهيو آهي.
”رات آئي وئي، تون نه آئين ڪهي!
ماڪ ۾ مينڌرا! ڪاڪ رئندي رهي.
(ص: 192)
**
”ملن ئي نه ٿا اڄ ته پيرا پنهونءَ جا،
ڪٿي آهه هُو ڪيچ، اي منهنجي آيل!“
(ص: 79)
**
”هاءِ، ڪٿي هوءَ سِيرَ مُئي،
جنهن جي لاءِ رڙي ٿو ڪنگ!“
(ص: 137)
***
”جنهن جيون ۾ مومل ناهه،
تنهن جو ڪهڙو ڪاڪ محل!“
(ص: 145)
آخري شعر ۾ تلميع سان گڏ مومل کي علامتي طور پيش ڪيو ويو آهي. آخري شعر عورت جي عظمت ۽ اهميت جي گواهي ڏئي ٿو. اياز ان شعر ۾ جنهن نموني عورت جي عظمت بيان ڪئي آهي، اهڙي نموني اياز کان اڳ غزل ۾ ڪنهن ٻي شاعر، عورت جي اهميت کي اُجاگر ناهي ڪيو.
5. عورت جي عاشق هئڻ جو تصور:
هندي شاعري ۽ سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ ۾ عورت عاشق ۽ مرد محبوب آهي. سنڌي غزليه شاعري اِن روايت کان ڪٽجي وئي هئي ۽ ان ۾ فارسي شاعريءَ جون روايتون اچي چڪيون هيون ۽ اها فارسيءَ جي ڌاري روايت جي اثر ۾ هئي. اياز اُن کي ڌاري روايت مان ڪڍي ان جون جَڙون سنڌي ڪلاسيڪل شاعريءَ سان ملايون. اياز پاڻ به اِها ڳالهه ڪئي آهي ته: “مان اهو فخر سان چئي ٿو سگهان ته سنڌي غزل ۽ ٻي شاعريءَ کي ڌاري روايت مان مون ڪڍيو هو ۽ اُن جون جَڙون سنڌي شاعريءَ سان ملايون هيون”. (ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان، ص: 50)
عورت جي عاشق هئڻ وارو تصور غزل ۾ آڻي، اياز سنڌي غزل کي هڪ نئون تصور ڏنو ۽ اُن نئين تصور ذريعي نون خيالن جي هڪڙي نئين دنيا ڏيکاري. هُن مرداڻي اظهار واري صنف ۾ عورتاڻي اظهار کي آندو ۽ سنڌي غزل کي هڪ نئين روايت کان آشنا ڪيو. سنڌي غزل ۾ نسوانيت جو عنصر سڀ کان اول ڀرپور نموني اياز آندو.
”لار تنهنجي لڳي آهيان لالڻا!
آءُ موٽي ميان، ڏينهن لاتئه گهڻا!
هيل پنهنجي چُني مون ته ڳاڙهي رڱي،
ڳوٺ ڳالهيون ڪيون، ٿا ملن مِيهڻا!“
(گيڙو ويس غزل، ص: 226)
**
”هو ڀري جو ويو سينڌ سندورَ سان،
ٺاهه ٻئي سان ڪري، ڪيئن ٺهان، اي اديون!“
(ص: 265)
اياز اهو پهريون شاعر آهي جنهن سنڌي غزل کي عورت جي حسين تصور کان آشنا ڪيو. اياز عورت جي تصور ذريعي سنڌي غزل ۾ هڪ نئين جمالياتي دنيا ڏيکاري ۽ عورت جي حسن کي اُن جي جذبن ۽ احساسن، ان جي مسئلن کي غزل ۾ آڻي، سنڌي غزل جو مزاج، اُن جو لهجو، اُن جو رنگ ۽ ڍنگ ۽ اُن جي ٻولي مڪمل نموني تبديل ڪري ڇڏي ۽ سنڌي غزل کي فڪري گهرائي ۽ تخليقي حُسن عطا ڪيو.
مددي ڪتاب:
1. گيڙو ويس غزل (مرتب: اسحاق سميجو)
روشني پبليڪيشن ڪنڊيارو
2. سنڌي ادب ۾ تنقيد (مرتب: جامي چانڊيو)
سنڌيڪا پبليڪيشن، ڪراچي
3. ڪُلياتِ سانگي (مرتب: ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ)
سنڌي ادبي بورڊ، ڄامشورو
4. ڏيئا ڏيئا لاٽ اسان (مرتب: مظفر چانڊيو)
سنڌيڪا اڪيڊمي، ڪراچي
***