ايران-آمريڪا جنگ بنديءَ واريون ڳالهيون ڪٿي پهتيون آهن، جيڪڏهن انهن ٻنهي ملڪن تي نظر رکجي ته ٻنهي ملڪن اندر ڪشيدگيءَ وارا بيان جاري آهن. جڏهن ته ٽياڪڙي وارا ملڪ بار بار چون پيا ته اسان جنگ بندي ڪرائي ڇڏي آهي ۽ ٻنهي جنگي ملڪن کي هڪ ميز تي ويهاري مطالبن تي هم آهنگي پيدا ڪري ڇڏي آهي. ڏٺو وڃي ته هڪ طرف، اهي آمريڪي شرطن تي هڪ ڊيل بابت ڳالهائين ٿا ته ٻئي طرف اهي اهو واضح ڪن ٿا ته آمريڪا جنگ بندي ۾ واڌ نه ڪندو ۽ جيڪڏهن مقرر ڪيل مدت جي ختم ٿيڻ کان اڳ ڳالهيون شروع نه ٿيون ته آمريڪا ٻيهر جنگ شروع ڪندو. ان لاءِ پاڪستاني عملدار ايران کي ڳالهين ۾ حصو وٺڻ لاءِ قائل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن ۽ اهو موقعو ضايع نه ڪرڻ جو مشورو ڏئي رهيا آهن. ائين نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ڪجهه وقت اڳ ڌرين کي جنگ بندي ۾ واڌ جي درخواست ڪئي. ايران شايد جنگ بندي ۾ واڌ تي اعتراض نه ڪندو. هن وقت ايراني اڳواڻن جي حڪمت عملي پڻ اها لڳي ٿي ته ڳالهين ۽ ڊيل جي لالچ ۾ آمريڪا کان وڌ ۾ وڌ مطالبا قبول ڪرايا وڃن. انهيءَ دوران، جنگ بندي جي مدت کي پڻ وڌايو وڃي ته جيئن هي عمل جاري رهي. هيءَ صورتحال ظاهر ڪري رهي آهي ته خطي جي هڪ نئين صف بندي يا انتظام ٿيڻ وارو آهي. هاڻي جيڪڏهن آمريڪا ايران خلاف فوجي طاقت استعمال ڪري ٿو ته ڇا آمريڪا نتيجا برداشت ڪرڻ جي قابل رهندو؟ تازو اڳوڻي برطانوي سفارتڪار ۽ انٽيليجنس آفيسر اليسٽر ڪروڪ پنهنجي تازي تجزيي ۾ هڪ تمام اهم نقطو اٿاريو ته ايران کي آمريڪا ۽ اسرائيل پاران تازن هفتن ۾ ٻه مختلف آڇون ڪيون ويون آهن، پر تهران ٻنهي کي رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪروڪ جي مطابق هي رد عمل صرف هڪ سفارتي رد عمل نه آهي، پر علائقي ۾ طاقت جي توازن ۾ تبديلي جي نشاني آهي. ڪروڪ جي مطابق آمريڪا هڪ محدود فوجي آپريشن جي تجويز پيش ڪئي، جنهن ۾ تڪرار کي منظم سطح تي رکڻ لاءِ ايران کان محدود ۽ ڪنٽرول ٿيل جواب جي ضرورت پوندي، پر ايران هن خيال کي رد ڪري اهو واضح ڪيو ته ڪو به حملو مڪمل پيماني تي جنگ جي شروعات جي برابر هوندو. هي موقف ايران جي دفاعي حڪمت عملي کي ظاهر ڪري ٿو، جيڪا سالن کان ڊيٽرنس تي ٻڌل آهي. ايراني قيادت واضح ڪيو آهي ته علائقي ۾ طاقت جو توازن هڪطرفو نه رهي سگهي ٿو ۽ ڪنهن به جارحيت جو جواب وسيع انداز ۾ ڏنو ويندو.